Tuesday, April 12, 2016

غريب عوام جي نالي پنيل پئسي سان راند.

غريب عوام جي نالي پنيل پئسي سان راند.
شفيق شاڪر

هڪ طرف سڄي دنيا ۾ڪيترن ئي حڪمرانن جا پاناما ليڪس ذريعي پرڪار پڌرا ٿي پيا آهن ته انهن ڪهڙيء طرح عوام کي ڦري ۽ لٽي پئسو کڻي وڃي، اهڙين ڪمپنين ۾ سيڙايو جتي نه ته انهن کان ڪو ٽيڪس وصول ڪري سگھي ۽ نه ئي انهن “عزتدارن“ جو ڪو نالو نشان به ملي سگھي.اڃا سڄي دنيا جو عوام اهڙن حڪمرانن تي قومي ڦٽڪار کان ئي فارغ نه ٿيو آهي ته ٻئي طرف ڪيترن ئي وڏن ملڪن جيڪي غريب ملڪن کي امدادي پئسو ڏين ٿا، تن تي سندن سول سوسائٽيء طرفان اهو دٻاء وڌي رهيو آهي ته اهي پنهن جي ملڪ جي ماڻهن پاران ادا ڪيل  ٽيڪس جو پئسو ٻين ملڪن کي امداد جي صورت ۾ ڏيئي نه رڳو اهو پئسو بي درديء سان ضايع ڪري رهيا آهن پر اهي دنيا ۾ ڪرپشن کي هٿي وٺائڻ جو سبب به بڻجي رهيا آهن.ان ڪري اها امداد بند ڪئي وڃي.                                                                                                       تازو برطانيا جي هڪ اخبار” ميل آن لائين“ ۾ ” غيرملڪي امداد ڏيڻ واري چرپڻ هاڻي بند ٿيڻ گھرجي.” جي عنوان سان هڪ نيوز اسٽوري شايع ٿي آهي جنهن ۾ ٻين ملڪن جي حڪمرانن جي بدديانتين سان گڏوگڏ پاڪستاني حڪمرانن جو به ذڪر آيو آهي. اخبار مطابق؛ برطانيا سوين ملين پائونڊ امدادي پئسو پاڪستان کي تعليم جي سڌاري لاء ڏئي رهيو آهي پر اتان جا بدعنوان حڪمران ۽ آفيسر ان امداد جو تمام وڏو حصو ڪاغذن تي  هزارين ڪوڙا اسڪول ۽ استاد ڏيکاري هڙپ ڪري چڪا آهن.اخبار لکي ٿي ته ان سلسلي ۾ جاچ لاء سنڌ ۾ هڪ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي ويئي هئي، پوري پاڪستان ۾ ان امدادي رقم ۾ ڪيڏي نه وڏي پيماني تي گھوٻيون ٿيون آهن ان جو اندازو انهيء مان لڳائي سگھجي ٿو ته صرف هڪڙي سنڌ صوبي اندر ان ڪميشن جي رپورٽ مطابق 5000 اسڪول ۽  40،000 اهڙا استاد سامهون آيا آهن جن جو زمين تي ڪو وجود هئڻ بدران صرف ڪاغذن تي موجود آهن.برطانوي حڪومت طرفان پاڪستان کي مهيا ٿيندڙ امداد جي معاملي ۾، اهو ٻين ڪيترن ئي وڏن اسڪينڊلز مان رڳو هڪ اسڪينڊل آهي ، برطانيا جي ” ڊپارٽمينٽ فار انٽرنيشنل ڊولپمينٽ DFID“ پاڪستان ۾ غريب ٻارن کي تعليم جون سهوليتون مهيا ڪرڻ لاء   700 ملين پائونڊس جي امداد ڏني آهي ، جيستائين پنجاب جو تعلق آهي ته اتي به ساڳئي مقصد لاء 383 ملين پائونڊس حڪومت کي مهيا ڪيا ويا هئا.پنجاب ۾به آڊيٽر جنرل جي جاچ رپورٽ مطابق  ان رقم ۾ وڏي پيماني تي گھوٻيون ٿيون آهن. انهيء رقم مان 35 ملين پائونڊس جي رقم ته هائير ايڊيوڪيش ڪميشن جي بجيٽ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ ئي غائب ٿي ويئي جنهن جا ڪي وچور نٿا ملن.25 ملين پائونڊس جي رقم غير معياري شين جي قيمتن ادا ڪرڻ طور خرچ ٿي ويئي يا اهڙن مدن ۾ خرچ ڪئي ويئي جيڪي غير قانوني هئا.دلچسپ معاملو اهو جو ان رقم جو هڪ وڏو حصو جعلي استادن جي پگھارن طور هضم ڪيو ويو.اخبار مطابق توڙي جو برطانوي حڪومت عام طور تي هائير ايڊيوڪيشن جي مد ۾ ڪنهن به ملڪ کي فنڊ مهيا نه ڪندي آهي،تنهن هوندي به DFID  جنهن زور ڪري ان مد ۾ به پاڪستان کي فنڊ مهيا ڪيا،انهيء کي اهي دوکن واريون رپورٽون سامهون اچڻ بعد اهو احساس ٿيو آهي ته هنن هروڀرو پنهن جو پاڻ کي ان مونجھاري ۾ ڦاسايو. .اخبار  پنجاب جي تعليم واري وزير رانا مشهود جو نالو کڻندي لکيو آهي ته هن گذريل سال جي آخر ۾ DFIDجي سيڪريٽري ” جسٽين گريننگ“ سان لنڊن ۾ ملاقات ڪئي هئي ان جي خلاف پاڪستان ۾ نيب ڪيترن ئي ڪرپشن ڪيسن  جي تحقيقات  ڪري رهي آهي  جڏهن ته ٿورو عرصو پهرين هو صوبائي هائير ڪميشن وارو پورٽ فوليو واپس ڪري چڪو آهي.
 برطانوي امداد ۾ ٿيل گھوٻين جي حوالي سان جيڪو ٻيو معاملو اڀريو آهي سو اهو ته ڪيترن ئي پرائويٽ ڪمپنين ۽ اين جي اوز کي نجي اسڪولن جي تعمير،سنڀال ۽ انتظام جي لاء وڏيون رقمون مهيا ڪيون وييون هيون،اتي ٻين بي ضابطگين سان گڏ DFID کي جاچ دوران پتو لڳو ته انهن اسڪولن ۾ جيڪي ليڊي ٽيچر رکيون وييون انهن کي معاوضي طور تي قانوني طور تي مڃيل معاوضي جو صرف چوٿون حصو ادا ڪيو پئي ويو. اهڙن اسڪولن کي ”لو ڪوسٽ پرائيويٽ اسڪولس“(LCPS) جو نالو ڏنو ويو هو.گھڻو عرصو پهرين ڪجهه برطانوي اهم عملدارن حڪومت کي ان خطري کان خبردار ڪيو هو ته جيڪر غيرقانوني گھٽ معاوضن وارو اهو معاملو ڪٿي کلي پيو ته دنيا ۾ برطانيا جي ساک کي ڪافي نقصان رسندو.پر پاڪستاني عملدارن برطانيا کي يقين ڏياريو ته ان طريقي سان گھڻي ۾ گھڻا اسڪول کلي پوندا ۽ تڪڙي تعليمي ترقي ممڪن بڻبي پر اصل ۾ اها سموري راند صرف فنڊ کپائڻ ۽ وڌايڪ فنڊ حاصل ڪرڻ لاء هئي.پنجاب ۾ اهي اسڪول ”پنجاب ايڊيوڪيشن فائونڊيشن“ (PEF)جي ذريعي هلايا وڃن ٿا جنهن فائونڊيشن کي برطانوي امداد مان 68.7 ملين پائونڊس رقم ملي ٿي.ظاهر ۾ اهي اسڪول غريب ٻارن جي نالي تي قائم ڪيا ويا هئا  پر يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي هڪ پروفيسر “ روئائي ڪار هل” جنهن کي برطانوي اداري طرفان سروي جي لاء پاڪستان موڪليو ويو هو ان جي رپورٽ مطابق؛ ” برطانوي امداد حاصل ڪرڻ لاء مختلف اٽڪلون اّختيار ڪيون وييون.جنهن جي ذريعي غريبن کي تعليم کان ٻاهر رکيو ويو ۽ نجي شعبي جي شموليت ڪرپشن کي هيڪاري وڌائي ڇڏيو.“                                                         ساڳي اخبار مطابق، برطانيا جيڪو پنهن جي بجٽ مان 12 بلين پائونڊس  جي امداد ٻين ملڪن کي سندن عوام جي حالت سڌارڻ لاء ڏئي ٿو پر ٽيڪس ادا ڪندڙ برطانوين جي لاء اهو معاملو تمام ڳڻتيء جوڳو آهي جو ان رقم جو وڏي ۾ وڏو حصو يا ته جنگي سامان يا وري اتان جي حڪمرانن جي عياشين تي خرچ ٿي وڃي ٿو.تازو برطانوي پارليامينٽ جي هڪ ڪميٽي جنهن کي ان امداد جي جاچ لاء مقرر ڪيو ويو هو،تنهن پنهن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته آفريڪا جي غريب ملڪن کي برطانيا طرفان مهيا ٿيندڙ ان امداد جي سٺ سيڪڙورقم عوامي ڪمن تي خرچ نٿي ٿئي.                                                    يوگنڊا جي آمر“ يووري ميوسيويني“ تي الزام آهي ته هن 2008ع ۾ ” برائون حڪومت“ کان ورتل امداد مان برطانوي حڪومت جي مرضيء خلاف،70 ملين پائونڊس پنهنجي بهترين قسم جي ذاتي  جيٽ خريد ڪرڻ ۽ اٽڪل 500 ملين ڊالر ڇھه روسي جنگي جهاز خريد ڪرڻ تي لڳائي ڇڏيا.
اهڙيء طرح روانڊا جي صدر “پال ڪاگيم” جنهن کي هر سال 90 ملين پائونڊس برطانوي امداد ملي ٿي،جنهن مان 30 ملين پائونڊس رڳو هن جي ٻن ذاتي جيٽ جهازن تي خرچ ٿي وڃن ٿا جڏهن ته هن جي “روليڪس” واچ جيڪا 43000 پائونڊس جي آهي سابه ان امداد مان خريد ڪيل آهي،هن جي ڪنهن هوٽل ۾ ترسڻ جو ڪرايو صرف 12000 پائونڊ في رات آهي.   ڪانگو جهڙي غريب ملڪ جو صدر “ ڊينس ساسو”  هرسال 100 ملين پائونڊس کان وڌيڪ برطانوي امداد حاصل ڪري ٿو.بدعنوانين جي جاچ ڪندڙ انهيء نتيجي تي پهتا آهن ته هن وقت سندس پيرس ۾ ڪروڙين ڊالرن جي ملڪيت  آهي.                                                                                          
  اها تحقيقي رپورت به 2012ع ۾ سامهون آئي ته ڏکڻ آفريڪي صدر ”جيڪب زوما“ برطانوي امداد مان 17.5 ملين پائونڊس صرف پنهن جي ڳوٺاڻي گھر کي محل ۾ بدلائڻ جي لاء خرچ ڪيا.
اهي هيون بي دردين ۽ بدعنوانين جون ڪجھه جھلڪيون جيڪي ظاهر ڪن ٿيون ته غريب ملڪن جا اهي سنگدل حڪمران پنهن جن ملڪن جي عوام جو خزانو ته خالي ڪن ٿا پر عوامي ڀلائيء جي لاء ملندڙ ٻاهران غيرملڪي امداد جو پئسو به پنهن جي عيش عشرتن ۽ ذاتي ڪاروبارن ۾ لڳائي ڇڏين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اهڙن غريب ملڪن جو عوام ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڪسمپرسي ۽ بدحاليء ۾ مبتلا ٿيندو ٿو وڃي جڏهن ته حڪمرانن جو پيٽ ۽ پئسو مسلسل وڌندو ٿو وڃي.اهوته صرف هڪڙي ملڪ کان مليل امداد جو قصو آهي پر هنن ته دنيا جو ڪو آسودو ملڪ ناهي ڇڏيو جتي عوام جي نالي تي پنڻ نه ويا هجن.سعودي عرب،قطر،آمريڪا،يورپ ۽ اقوام متحده جي درن تائين اهي عوامي درد ۾ ڌڪا کائيندا رهن ٿا،انهن سمورين امدادن سان هنن ڇا حشر ڪيو هوندو،عوام جي نالي تي قرض کڻي هنن ڪهڙا ڪرتب ڏيکاريا هوندا انهيء جو اندازو لڳائڻ لاء ڪنهن سائنس جي ضرورت نه آهي. پوء به پنهن جي عوام جي سامهون اهو ئي ناٽڪ جاري آهي ته ”اسان جا هٿ  هر بدعنوانيء کان پاڪ آهن!

روزاني عوامي آواز 12 اپريل 2016ع

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو