Monday, April 18, 2016

پاناما ليڪس ذريعي عوام لاء ڇا تبديل ٿيندو؟



پاناما ليڪس ذريعي عوام لاء ڇا تبديل ٿيندو؟
شفيق شاڪر

ڪنهن ماڻهوءمسجد مان جوتا چورايا،“جهانگيري عدل” جي علمبردارن هن جي اڌ مٿي جا وار چوپٽ ڪري پوء سندس مُڇن جي خبر ورتي پر پوء به دل نه ڀري سو هن جي منهن تي دانگي به گھمايائون  پر اڃا به انصاف جي ڪا تقاضا باقي رهجي ويئي سو کيس “شاهي سواري” يعني گڏه تي ويهاري کيس ڳچيء ۾ موچڙن جا هار به پارائيائون پوء وچ بازار مان سرگس جو جلوس جتان به گذرندو ٿي ويو اتان هر ڪنهن واٽهڙوء وس آهر هن کي ٿڪن ، بجن ۽ گارين سان آڌرڀاء ڪري “سچ ۽ حق ” جو ساٿ ڏيندڙن ۾ پنهن جو نالو به داخل ڪرايو ۽ مفت ۾ خوب ثواب به ڪمايو.ڪير ٿو چوي ته اسان هڪ سجاڳ،ايماندار، انصاف پسند ۽ بااصول قوم ناهيون!ثواب ڪمائڻ وارن ۾ اهي به شامل هئا جن عوامي رشوت جي پئسي سان خوبصورت “جھوپڙيون ”(  (Huts جوڙائي انهن جي دروازن تي “هاذا من فضل ربي” جا شاندار بورڊ لڳايا هئا،اهي به هئا جن غريبن جي لاء آيل امداد ٻاهران ئي ٻاهران دوڪانن تي پهچائي قومي “ديانت” جو ثبوت ڏنو هو، لعنت ڪندڙن ۾ اهي پارسا به هئا جن عوام جي پئسي سان پنج پنج حج ۽ ڏھ ڏھ عمرا ڪري پنهن جا سڀ پراڻا پاپ ڌوئي ڇڏيا هئا. اهي دوڪاندار به ان پاپيء تي ڦٽڪار ڪري اجر سان جھوليون ڀري رهيا هئا جن مان ڪيترا ٻيو نمبر شيون وڪڻن ٿا ۽ اهي ميڊيڪل اسٽور وارا به هئا جيڪي اڻ ڄاڻ ماڻهن کي مدي خارج دوائون وڪرو ڪن ٿا. ان موقعي تي قوم جو هر فرد قومي “غيرت ”سان ٽمٽار نظر آيو ٿي ۽ هر ماڻهو قومي ليڊر لڳي رهيو هو.سڀ ڪنهن جي وات اهائي وائي هئي ته “ ان بي حيا کي ذروبه شرم ناهي جو مسجد مان جوتا چورائي ٿو.هڻوس جوتا،ڏيوس بجو،هڻوس ٿڪون!”
 اڃا به چئو ٿا ته پاڪستاني قوم سجاڳ ناهي، پاڪستاني قوم ۾ شعور ناهي! اها پاڪستاني قوم جي خلاف ضرور ڪا غيرملڪي “سازش” آهي جنهن جو مقصد پاڪستاني قوم کي بدنام ڪرڻ آهي.
“قومي سجاڳيء” جي هن ثبوت کان پوء هاڻي اچو هڪ ٻئي واقعي طرف ته همراه صرف هزار روپين جا ڌاڻا چورايا پر قانون جي رکوالن سندس ڌاڻيا ڪڍي ڇڏيا.سالن تائين ان عظيم ڏوھ جي پاداش ۾ جيل ۾ سڙندو ۽ ڳرندو رهيو.کيس خبر پئجي ويئي هوندي ته پاڪستان ۾ ڌاڻا چورائڻ ڪو سولو ڪم ناهي ۽ نه ئي پاڪستان ۾ قانون يا عدالتون ڪي ننڊ پيل آهن،آئينده ملڪ ۾ ڪنهن کي به ڌاڻا يا مرچ چورائڻ جي همت نه ٿيندي!
ڪجھ “سازشين ” اجايو سياستدانن کي بدنام ڪرڻ لاءپناما ليڪس جو پنڊورا باڪس کوليو آهي، اسان جا سياستدان ڪرپشن جي “ڪاف ” کان به واقف ناهن،انهن ويچارن کي ته اها به خبر ڪانهي ته “پاناما” ڪهڙي بستيء جو نالو آهي“ آف شور ڪمپني” ڪهڙي ٻوٽي جو نالو آهي،انهن جي ان “سادگيء ۽ ايمانداريء” جي شاهدي سڀني کان وڌي ڪري پاڪستاني عوام ڏئي ٿو،جيڪر اهي حڪمران واقعي ڪرپٽ هجن ها ته هيء “سجاڳ ” قوم ايئن خاموش نه رهي ها،انهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏي ها. انهن جي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏي ها.انهن حڪمرانن جي خلاف چوري يا ٺڳيء جو ڪو ثبوت به ته ناهي.سواء ان جي ته انهن صرف ڪروڙين ڊالر پنهن جي ملڪ مان کڻي وڃي ٻاهرين ملڪن ۾ڏکئي وقت لاء بچائي رکيا آهن،ٻاهرين ملڪن جي ڪمپنين ۾ پنهن جو پيٽ پالڻ لاء ڪي ڏوڪڙ سيڙايا آهن ته ان ۾ ڪهڙي خراب ڳالھ آهي،آخر اهي هن ملڪ جا اصل مالڪ آهن.هي حڪمران واقعي وڏا خوش نصيب آهن جن کي هڪ اهڙي “سجاڳ ” قوم جاگير ۾ ملي آهي جيڪا انهن جا سڀ انگل آرا خوشيء سان برداشت ڪري ٿي،انهن کان ڪوبه حساب نٿي گھري،پنهن جي کيسي جو پئسو پاڻ پنهن جن هٿن سان انهن جي حوالي ڪري ٿي.جڏهن اهي چون ٿا ته عوام اسان سان گڏ آهي ته سچ ٿا چون.ڪرپشن جون سڀ ڪهاڻيون ۽ انهن جي بدعنوانينن ۽ ڦرلٽ جا سمورا داستان ٻڌندي ۽ ڏسندي به اها انهن کي  بار بار پنهن جا ووٽ کڻڻ به ڏئي ٿي ته نوٽ کڻڻ به ! اهڙي قوم جيڪا پنهن جن قاتلن جي جلوس ۾ نچي ٿي ۽ زخم ڏيندڙن کان ئي دوا طلب ڪري ٿي.دنيا توڙي عدالتون جيڪر اهڙن حڪمرانن کي نااهل ۽ بدديانت قرار به ڏيئي ڇڏين ته ڪهڙوو فرق پوندو،قوم انهن کي وري سمورن  پاپن کان ڪلين چٽ ڏيئي ڇڏيندي.هڪ اهڙي “سجاڳ” قوم جيڪا مسجد مان جوتا چورائيندڙن کي ته معاف نٿي ڪري پر سندن پئسن تي کاٽ هڻي اربين روپيا چورائيندڙ حڪمرانن کي پنهن جي سر جو تاج سمجھي ٿي.جنهن معاشري ۾ قوم قومي خزاني کي پنهن جو پئسو ئي نه سمجھندي هجي اها انهيء جي چوري يا ڦرلٽ تي ڪهڙو اعتراض ڪندي!اهو سڀڪجھ ڄاڻندي به ته اسان جي سمورن سورن،صدمن، مشڪلن،محرومين، بدحالين، بيمارين،بکن ۽ بي روزگارين جي اڪيلي ذميدار اها ڪرپٽ اشرافيا آهي جن جي زندگين جو مقصد،سياست جو نچوڙ، حڪمرانيء جي تاريخ ،چونڊن جون چالاڪيون صرف ۽ صرف پنهن جو ناجائز ڪمايل پئسو بچائڻ ۽ انهيء کي وڌائڻ ئي آهي پوء به جيڪر قوم سندن ڪو محاسبو نٿي ڪري ۽ احتساب جا مطالبا ٻين ادارن کان ڪري ٿي ته انهيء چالاڪيء يا ساده دليء کي ڇا چئجي! حڪمرانن کي صرف عوام جي طاقت ئي سڌو رکي سگھي ٿي، پر جڏهن عوام خود پنهن جو دشمن پاڻ ٿي بيهي رهي ۽ اليڪشن جي موقعي تي انهن حڪمرانن جا پويان سمورا پاپ وساري وري انهن کي ساڳي ڦرلٽ ڪرڻ لاء ووٽ ڏيئي انهن ڪرسين تائين پهچائي ته پوء ان ملڪ ۾  ٻي ڪا به تبديلي ته اچي سگھي ٿي پر مثبت تبديلي ڪڏهن به نه ايندي.ان قوم ڇا ڇا ناهي ڏٺو. ڇا انهن نه ڏٺو ته سندن نمائندا جن وٽ هڪ مهراڻ ڪار هئي انهن وٽ پنج پنج پجيرو ۽ بي شمار بنگلا ڪٿان آيا؟ قوم اهو نه ٿي ڏسي ته سندن حڪمران ڪيئن نه بار بار ساڻن ڪوڙ ڳالهائين ٿا.ڪيئن نه روزانو بيان بدلائين ٿا.دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود انهن جا محلات ۽ غيرملڪي بينڪن ۾ انهن جا جمع ٿيل خزانا، ڇا اڃا به عوام کان لڪل آهن؟اهو سڀ تماشو ڏسندي به اهو فيصلو آخرڪار عوام کي  ئي ڪرڻو پوندو ته پاڪستاني سياست ۾ اهو دوکي جو ڌنڌو سدائين هلندو رهندو يا ان کي هاڻي ٻنجو اچڻ
گھرجي. جنهن ڏينهن عوام اهو فيصلو ڪري ورتو ته  حقيقي تبديلي اچي ويندي
روزاني مهراڻ 16اپريل 2016ع

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو