Monday, April 18, 2016

ٻارن جي حقن جو تحفظ ڪير ڪندو؟؟؟

ٻارن جي حقن جو تحفظ ڪير ڪندو؟؟؟
شفيق شاڪر

اسانجي جي ملڪ ۾ انساني حقن جي نالي سان هڪ عدد وفاقي وزارت آهي. هونئن موجوده وفاقي ڪابينا جي ڳالھ ڪجي ته انهيء ۾  اڪثريت اهڙن وزيرن جي آهي جيڪي يا ته پوڙها آهن يا وري وزيراعظم جا مٽ مائٽ آهن ان ڪري جيڪا به ورهاست ڪرڻي آهي سا انهن جي وچ ۾ ٿيئي آهي سو هڪ هڪ وزير وٽ ٻه ٻه،ٽي ٽي ۽ چار چار وزارتون آهن انهن وزيرن مان هڪڙو جناب پرويز رشيد صاحب به آهي جيڪو هونئن ته خاص ان ڪم تي مقرر ٿيل آهي ته  صبح کان رات تائين رڳوعمران خان جي خلاف ڳالهائيندو رهي ايستائين جو ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ هن کي عمران فوبيا ٿي پيئي هجي! دنيا ۾ جيڪا به مصيبت اچي ٿي هو ان جي ذميداري فقط هڪڙي شخص تي ئي وجھي ڇڏي ٿو ۽ اهو شخص هن لاء آهي عمران خان!. وفاقي وزير اطلاعات سان گڏوگڏ هن وٽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جو به قلمدان آهي ۽ خيرن سان انساني حقن واري وزارت جو قلمدان به سندس ئي کيسي ۾ آهي.نواز شريف حڪومت شايد پگھار بچايو اسڪيم تحت هڪ هڪ وزير کي ڀري وزارتن جي ڏيئي ڇڏي آهي يا وري حڪومت کي ڪي اهڙا ايماندار ، محنتي ۽ قابل ماڻهو پاڪستان ۾ ٻيا نه ملي سگھندا هجن! بهرحال اهو حڪومت جو پنهنجو مسئلو آهي. اسان ڳالھ پئي ڪئي انساني حقن واري وزارت جي ته قوم کي اڄ تائين اهو پتو نه پئجي سگھيو آهي ته اها وزارت مکيون يا مڇر مارڻ جو ڪم ڪندي آهي يا ڪو ٻيو! هڪ مهينو اڳ ان ئي وزارت طرفان اسلام آباد ۾ ٻارڙن جي حقن جي حوالي سان هڪ سيمينار ٿيو، ان سيمينار تي ان “نيڪ “ وزير ظاهر آهي ته ڪو “اجايو “ خرچ ته نه ڪيو هوندو پر انهيء سيمينار مان کڙ تيل ڇا نڪتو ڪجھ خبر ناهي.حالت اها آهي جو ان سيمينار ۾ جڏهن وزير موصوف کي خطاب ڪرڻ لاء سڏيو ويو ته هن پنهن جي جان اهي لفظ چئي ڇڏائي ته کيس ٻارن جي حقن جي حوالي سان ڪا خاص ڄاڻ نه آهي. هن اهو به تسليم ڪيو ته اسان سڀني جو ٻارن سان سلوڪ سٺو ڪونهي جنهن ڪري اسان کي قوم جي سمورن ٻارن کان معافي وٺڻ گھرجي.هاڻي جيڪر اهڙا اڻ ڄاڻ ۽ غيرسنجيده ماڻهو انهن اهم وزارتن جا سربراھ هوندا ته ڪهڙا حق ۽ ڇا جا فرض! ڪهڙي پاليسي ۽ ڪهڙي منصوبابندي! هڪڙو پوڙهو ماڻهو ٻيو کيس ڏينهن رات حڪومت جي غلط پاليسين جي بچاء ۾ کڳي هڻڻي ۽ عمران خان جي خلاف نڙي کپائڻي پوي ٿي.سو اهو ويهي قانون جون باريڪ گٿيون سلجھائيندو يا ويهي انساني حقن جي لتاڙ تي پنهنجو ذهن کپائيندو سو ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ٻارن جي حقن جي حوالي سان ڪيترائي بل قانون بنجڻ لاء اسيمبلين ۾ لٽڪيا پيا آهن پر حڪومت کي اها توفيق ئي نٿي ٿئي جو اهي پاس ڪرائي وٺي.انهن بلن کي ڇڏيو ٻارڙن جي حقن جي باري ۾ اڳيئي جيڪي قانون جڙيل آهن انهن تي ڪيترو عمل ٿي رهيو آهي؟ ارڙهين ترميم جي منظوريء کان پوء وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي لڪلڪوٽي راند هٿ اچي ويئي آهي جو ذميداريون هڪ ٻئي جي مٿي ۾ هڻڻ ۾ پوريون آهن. ٻارن جي مفت ۽ لازمي تعليم جو ايڪٽ 2012 اڳي موجود آهي پر ان تي ذرو به عمل نه ٿي رهيو آهي.اهڙيء طرح آئين جي آرٽيڪل 25 اي مطابق 5 کان 16 سالن جي عمر وارن ٻارن جي تعليم کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي پر ان تي نه ته وفاقي حڪومت ۽ نه ئي صوبائي حڪومتون اڄ تائين ڪو موثر نموني عمل ڪرائي سگھيون آهن. ٻارن کان جبري پورهيو وٺڻ ۽ ننڍي عمر جي ٻارن کان نوڪري ڪرائڻ جي منع قانون ۾ ته موجود آهي پر گھرن، بنگلن، ڪارخانن، گيريچن ۽ ورڪشاپن وغيره ۾ اڄ به لکين ٻار ننڍي ڄمار ۾ سخت مشقت ڪندي نظر اچن ٿا پر حڪومت جو ان طرف ڌيان ئي نٿو وڃي.ٻارن کي گھرن توڙي اسڪولن ۽ مدرسن ۾ جسماني تشدد ۽ معاشري ۾ جنسي بدسلوڪيء جو نشانو بنائڻ جو رجحان ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.انهيء کان سواء پاڪستان ۾ ٻارن جو هڪ وڏو تعداد مختلف سماجي براين ۽ نشي جي لعنت جو شڪار ٿي چڪو آهي. ايستائين جو ٻارن جي سمگلنگ جو ڪڌو ڪاروبار به اڃا ختم نه ٿي سگھيو آهي. ٻارڙن جو هڪ وڏو انگ اسڪول وڃڻ بدران گندگيء جي ڍيرن مان پنهن جو رزق تلاش ڪرڻ ۾ روزانو اسان کي نظر اچي ٿو پر نه ته حڪمرانن جي نظر ايڏانهن کڄي ٿي ۽ نه ئي انساني حقن جي دعويدار  نام نهاد اين جي اوز انهن لاء ڪو موثر آواز بلند ڪن ٿيون!
shafiquershakir@gmail.com



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو