Monday, April 18, 2016

بيبي شهيد کانپوء...... پي پي ڇا پاتو، ڇا وڃايو ؟

بيبي شهيد کانپوء...... پي پي ڇا پاتو، ڇا وڃايو ؟
شفيق شاڪر


پاڪستان پيپلز پارٽيء جي ڪيترين ئي پاليسين سان اختلاف ڪري سگھجي ٿو،انهيء جي ڪارڪردگيء جي حوالي سان به ڪيئي سواليه نشان لڳائي سگھجن ٿا پر ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ کان سواء ڪو چارو ناهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي اها واحد سياسي جماعت آهي جنهنجون پاڙون عوام ۾ آهن ۽ ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگھجي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ئي ملڪ جي اها واحد جماعت آهي جنهن آمريتن خلاف ڊگھي جدوجهد ڪئي ۽ ان جي قيادت توڙي ڪارڪنن جيڪي قربانيون ڏنيون اهي ڪنهن ٻي سياسي جماعت جي تاريخ ۾ موجود نٿيون ملن.پر بدقسمتيء سان پيپلز پارٽي هن وقت حالتن جي جنهن بي رحميء جو شڪار آهي انهيء مان ٿي سگھي ٿو ته ڪجھ سياسي ۽ غيرسياسي ڌرين کي وقتي فائدو حاصل ٿي به وڃي پر پاڪستان جي سياسي تناظر ۾ ايندڙ ڊگھي عرصي ۾ انهيء جا ڪي مثبت اثر نه نڪرندا.خاص طور تي جڏهن سموريون مک سياسي پارٽيون وفاقي سطح تان سڪڙي صرف صوبن تائين محدود ٿي چڪيون هجن اتي وفاق کي صرف اها جماعت ئي مستحڪم رکي سگھي ٿي جنهنجون پاڙون پوري ملڪ ۾ هجن پر بدقسمتيء سان پيپلز پارٽي به ٻين پارٽين جيان عملي طور تي سنڌ تائين سوڙهي ٿي چڪي آهي.تجزيو ڪندڙ انهيء جي سببن مان وڏا سبب پارٽيء مان ” ڀٽو ليگيسي“ ختم ٿيڻ ۽ موجوده قيادت جا غير دانشمنداڻا فيصلا ٻڌايا وڃن ٿا. تجزيا نگارن مطابق پارٽيء کي ايترو نقصان وڏا آمر به پهچائي نه سگھيا جيڏو نقصان هن کي پنهن جي قيادت پهچايو آهي.محترمه شهيد جي دردناڪ شهادت جي واقعي هڪ دفعو وري پيپلز پارٽيء کي اقتدار جي ايوانن تائين ته پهچائي ڇڏيو پر وفاق جي جنهن زنجير کي محترمه پنهنجن قائداڻي صلاحيتن ذريعي ڳنڍي رکيو هو نئين آيل حادثاتي قيادت ان هار جا سمورا موتي ٽوڙي وکيري ڇڏيا.اها به حقيقت آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت ارڙهين آئيني ترميم جي ذريعي صوبن جي آئيني ۽ مالي اختيارن ۾ اضافو ڪيو،ستين نيشنل فناننس ڪميشن ايوارڊ تحت صوبن کي وڏو فائدو ٿيو، هڪ مالي ۽ سماجي پيڪيج جي ذريعي بلوچستان جي عوام جي زخمن تي مرهم رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پختونن کي هڪ قومي سڃاڻپ ڏيڻ لاء سرحد صوبي جو نالو تبديل ڪري خيبر پختونخواھ رکيو ويو،گلگت بلتستان کي صوبي جو درجو ڏنو ويو،فاٽا ۾ ڪجھ آئيني ۽ سياسي سڌارا آڻي اتان جي عوام کي اختيار ڏنا ويا.  انهن سمورين شين جو ڪريڊٽ پيپلز پارٽيء کي ئي ڏيڻو پوندو جو انهيء مشڪل صورتحال ۾ جو انهن وٽ قومي اسيمبلِيء ۾ سادي اڪثريت به نه هئي اهي ڏکيا ڪم ڪري ڏيکاريا.تنهن هوندي به عوام جيڪو ڪنهن سياسي پارٽيء جو اصل سرمايو هوندو آهي اهو پيپلز پارٽيء جي ڪارڪردگيء کان متاثر ۽ مطئمن ڪونهي.عوام جي نزديڪ پي پي پي حڪومت بجلي، گئس ۽ پاڻيء جي کوٽ جهڙن اهم عوامي مسئلن کي حل ڪري نه سگھي،مهانگائيء تي ڪو ضابطو آني نه سگھي.عوام کي هيٺين سطح تي سندن روزمرھ جي مسئلن جي حل لاء لوڪل گورنمينٽ جو ڪو موثر نظام مهيا ڪري نه سگھي ۽ 2008 جي پارٽي منشور ۾ عوام سان جيڪي وعدا ڪيا ويا هئا انهن مان ڪو وعدو به پورو ڪري نه سگھي.مثال ان منشور ۾ پنجن Es جو ذڪر ڪيل هو، Employment   يعني روزگار،Education يعني تعليم، Energy يعني توانائي،Environment يعني ماحول،۽ Equalityيعني برابري پر سندن پوري گذريل ڪارڪردگيء ۾ انهن مان ڪابه شيء نظر نٿي اچي.پي پيء جي مفاهمت واري پاليسيء ان کي حڪومت جو مدو ته جيئن جو تيئن پورو ڪرايو پر عوام ۾ مايوسين جو جيڪو عظيم احساس  پيدا ڪيو ان جا نتيجا پارٽيء کي هڪ ڊگھي عرصي تائيڻ ڀوڳڻا پوندا.جيڪڏهن پيپلز پارٽيء جي تنظيم سازيء ۽ ڪارڪنن سان موثر رابطن جو حقيقت پسنديء سان جائزو ورتو وڃي ته پارٽيء جا پاليسي ساز ۽ فيصلن جي سگھ رکندڙ ادارا جهڙوڪ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ فيڊرل ڪائونسل وغيره عملي طور تي ختم ٿي چڪا آهن.پارلياماني پارٽيء جا اجلاس به دم ٽوڙي چڪا آهن.هيٺين کان مٿين سطح تي ڪابه تنظيم سازي نه ٿي رهي آهي.سمورا مک فيصلا چند اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن جن جو پارٽيء جي نظرين ۽ سياست سان پري پري جو به واسطو ناهي.ڪارڪنن سان رابطي ۽ اعتماد جي بحاليء جو اهو حال آهي جو پارٽي حڪومت ۾ هوندي به اڄ تائين وفاقي يا صوبائي ليول تي ڪو ورڪر ڪنوينشن منعقد نه ڪري سگھي آهي.قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ٽڪيٽن جي ڪوٽا ته اڳيئي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي حوالي ٿيل هئي پر موجوده بلدياتي اليڪشن ۾ به ڪارڪنن جي حصي ۾ صرف نعرا،بينر ۽ پوسٽر ئي آيا.يونين ڪائونسلن کان ويندي ضلعي ڪائونسلن تائين سموريون سيٽون وڏيرن جي حوالي ڪيون وييون. حالت اها آهي ته سنڌ ۾ پي پيء جي حڪومت هوندي پارٽيء وٽ ڪو نظرياتي ۽ معتبر ماڻهو ناهي جيڪو پريس ۾ اچي پارٽيء جو ڪو دفاع ڪري سگھي. ان کان وڌيڪ الميو ان پارٽيء جي لاء ٻيو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو جو جنهن پارٽيء جي اڳواڻ محترمه شهيد پنهن جي ٽيهن سالن جي سياست ۾ اٽڪل پنجويھ سال حڪومت کان ٻاهر گذارڻ باوجود نه صرف پنهن جي پارٽيء کي منظم رکيو پر عام ڪارڪن جي پنهن جي پارٽيء سان جذباتي وابستگيء کي به قائم ۽دائم رکيو،اڄ اها پارٽي حڪومت ۾ هوندي به عام ڪارڪنن جي سخت ڪاوڙ جو نشانو بڻيل آهي ۽ پارٽيء جا جيالا اڄ پارٽيء کان لاتعلق بڻيل نظر اچن ٿا ۽ اهو تاثر وڌيڪ مظبوط ٿيندو ٿو وڃي ته سنڌ حڪومت ئي پيپلز پارٽي ۽ پيپلز پارٽي ئي سنڌ حڪومت آهي! انهيء جو مطلب اهو ٿو نڪري ته جيڪر سڀاڻي سنڌ حڪومت قائم نٿي رهي ته پوء پارٽيء جو مستقبل ڇا ٿيندو؟ پي پي جي موجوده قيادت اڃا تائين زميني حقيقتن کي سمجھي پنهن جي  منتشرعوامي طاقت کي ميڙڻ بدران مسلسل سمورو زور سندن نااهل سنڌ حڪومت کي بچائڻ ۾ صرف ڪري رهي آهي ۽ ڪجھ مفادپرستن کي بچائڻ لاء ادارن سان محاذ آرائيء جو رستو اختيار ڪري رهي آهي انهيء نڪتي کان بي نياز بڻجي ته هن وقت عوام جي سوچ ڪهڙي آهي ۽ عوام سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيء مان ڪيترو تنگ اچي چڪو آهي! پارٽي قيادت کي ان جو ذرو به احساس يا ادراڪ ناهي ته عوام ۽ پيپلز پارٽيء وچ۾ ڪيڏا وڏا ويڇا ۽ فاصلا اچي چڪا اهن. پاڪستان پيپلز پارٽيء جي ايندڙ مستقبل جي باري ۾ ڪا ٺوس پيشنگوئي ته ڪري نٿي سگھجي جو اڃا به عوام جي هڪ وڏي اڪثريت اڄ به ڀٽو شهيد ۽ محترمه شهيد سان جذباتي محبت ۽ گهرو لڳاء رکي ٿي، حڪومت جي ڪارڪردگيء جي سوال کان به وڌيڪ جنهن سوال پي پي قيادت ۽ عوام جي وچان ويڳاڻپ جون ديوارون اڏي ڇڏيون آهن اهو سوال محترمه جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو مطالبو آهي جيڪو حالتن جي ڌنڌ ۾ دٻجي ضرور ويو آهي پر اڃا گم ناهي ٿيو....!!!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو