Monday, April 18, 2016

نيٺ “ڪمانڊو” کٽي ويو!

نيٺ “ڪمانڊو” کٽي ويو!
شفيق شاڪر


 پاڪستاني سياست جي شيرن جي عقابي نظرن جي اڳيان فاتحاڻي انداز ۾ لانگ مارچ ڪندي هڪ اڳوڻو فوجي ڪمانڊو وڏي شان سان اڏام کٽولي تي ويهي، وڃي ولايت جا وڻ ڏٺا. جمهوريت جا جانباز،قانون جا پاسبان،آئين جا علمبردار سڀ جا سڀ ان آسماني شهزادي کي حسرت، ارمان ۽ بيوسيء وچان ڏسندي ئي رهجي ويا.اڄ کهريون زبانون خاموش. اڪڙيل ڪنڌ جھڪيل ۽ شوخ نظرون هيٺ هيون.زبان مان جيڪر ڪي لفظ نڪتا ٿي ته صرف اهي ته “ جيڪا عدالتن جي مرضي!” جيئن ڪنهن جي رحلت تي تعزيت ڪرڻ وقت ٻئي کي دلاسو ڏيئي چيو ويندو آهي ته       “ جيڪا خدا جي مرضي!” ٻاويهن ڪروڙن جي آباديء واري هڪ جمهوري ملڪ جي  هيوي مينڊيٽ سان چونڊيل وزيراعظم جو وزيرداخلا بيوسي، لاچاري ۽ شرمساريء جي تصوير بڻجي پريس ڪانفرنس ذريعي جڏهن عوام جو مورال بلند ڪرڻ يا پنهن جي حڪومت جو رهيو سهيو وقار بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو ته ايئن لڳي رهيو هو ته زبان سندس دل جو ساٿ نه ڏيئي رهي آهي.مصلحت جي راڪاس سندس اعصاب شل ڪري رکيا آهن پر خاموش رهڻ سان پريس ڪانفرنس جو مطلب ته پورو نه ٿئي ها سو هن کي ڪجھ نه ڪجھ ڳالهائڻو ته هو.خدا ڀلو ڪري ميڊيا ۽ بلاول زرداريء جي بيانن جو جن غصي ۾ لال چوڌري صاحب جي توپن جو رخ پنهن جي طرف ڪري کيس هوائي فائرنگ جو موقعو ڏنو.ايئين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ پنجاب جا شير اڳوڻي فوجي آمر کي ڦاهيء تي لٽڪائي ڇڏين ها پر عدالتن،ميڊيا ۽ پي پي وچ ۾ اچي سڄو معاملو خراب ڪري مشرف کي بچائي ورتو!پيپلز پارٽيء کي مشرف سان اين آر او ڪرڻ جا بار بار طعنا ڏيندڙن مشرف سان ٻيو دفعو اين آراو ڪرڻ باوجود به پنهن جو پاڻ کي بااصول ۽ بهادرسياستدانن جي فهرست مان اڃا خارج نه ڪيو آهي.شايد ان ڪري جو مجبوريء جي حالت ۾ مردار کائڻ به جائز ٿي وڃي ٿو.اهو ته ٿيڻو ئي هو جيڪو ٿيو،ڪنهن ظالم يقين ڪيو هو انهن بي وفا حسينائن جي وعدن تي! هتان جي محفل جي ريتن رسمن جي سڀني کي خبر هئي،هن ملڪ  جي عوام کي آداب غلاميء جي سڀ سونئت هئي.پر اهي انقلابي ڪٿان آيا جن چيو ته “ مين نهين جانتا، مين نهين مانتا” پر اڄ جڏهن انهن کي پنهن جي عوامي اوقات هي چئي وري ياد ڏياري ويئي آهي ته “ تو ڪي نا واقف آداب غلامي هي اڀي، رقص زنجير پهن ڪر بهي ڪيا جاتا هي!” ته خبر ناهي انا جا کول ڪيڏي ڌماڪي سان ٽٽا هوندا،ڪيترا بت آئيني ۾ پنهن جي بدصورتي ڏسي انهي خوف کان پاڻهي پرزا ٿيا هوندا. اقتداري راند ۾ رات  جي اونداهين ۾پوئين گھٽيء مان گّذري غيرسياسي قوتن جا پير چمندڙ نام نهاد سياستدان جن کي ڪڏهن سندن ضمير ملامت ڪرڻ کان بيوس رهيو.اڄ جڏهن سنگدل وقت کين پنهنجي اوقات ٻڌائي آهي ته هو وقتي طورتي جيڪا اذيت محسوس ڪري رهيا آهن خلق خدا انهيء ئي قسم جون نه کٽندڙ اذيتون جنم جنم کان سهندي رهي آهي.انهن کان ڪو وضاحت نه گھرندو سواء ميڊيا جي جو انهن کي پنهن جو دوڪان انهيء ئي تماشي سان سجائڻو آهي.عوام ڪابه وضاحت نه گھرندو ۽ نه ئي قبول ڪندو جو اهو ازل کان ڄاڻي ٿو ته هي ملڪ چند طاقتور پهلوانن جو آکاڙو بڻيل آهي.ان ڪري طاقت جي نشي ۾ چور انهن پهلوانن کان جيترو ٿي سگھي پري رهڻ ۾ ئي بهتري آهي جو جڏهن اهي پهلوان رساڪشي ڪري منجھائن ڪوبه پهلوان پنهن جو توازن وڃائي ڪرندو آهي ته اهو عوام جي سڙيل ۽ ڏٻرن جسمن جون ئي پاسيراٽيون ڀڃندو آهي.جڏهن اها ريت مڃيل قانون جي شڪل اختيار ڪري ويئي هجي ته هتي بيلٽ نه پر بليٽ سگھارو آهي،دليل نه پر داٻو فيصلو ڪري ٿو،ڏانء نه پر ڏنڊو هلي ٿو.احتساب ۾ به انتخاب هلي ٿو.ان معاشري ۾ تهذيب ايندي، زندگي گذارڻ جو ڪو سليقو پيدا ٿيندو.قومي هم آهنگي، يڪجهتي۽ اتحاد پيدا ٿيندو.دهشتگرديء جو صفايو ٿي ويندو، اهي خوبصورت خواب ڏسڻ تي ڪو ڪنهن تي پابندي ته نٿو هڻي سگھي.پر تاريخ جا سبق اهڙي ڪنهن به شانتي نگر جو ڏس نٿا ڏين جتي ڪمزور صرف ان ڏوه جي سزا کائي جو هو طاقتور ڇو ناهي ۽ ڪنهن ڏاڍي کي اعزاز صرف ان ڪارنامي تي ملندو هجي جو هو ڪمزور ناهي.ڪجھه ڏينهن اهو موضوع ميڊيا جي مذاڪرن جو مرڪز رهندو، وضاحتون،تشريحون،ترديدون،سمجھاڻيون اينديون، پنهن جن پوين هوائي لٻاڙن جي حوالي سان ميڊيا کي بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي لاء لعن طعن جو نشانو بنايو ويندو ۽ آخر پاڪستاني تاريخ جو هڪ ڪارو باب هميشه جي لاء بند ٿي ويندو ۽ تاريخ کي وساري ڇڏڻ نه صرف اسان جي حڪمرانن پر عوام جي به پراڻي عادت رهندي پيئي اچي.“ رات گئي بات گئي” جي رسم اسان جي عظيم قومي ايثار ۽ درگذر کي ظاهر ڪري ٿي. جذبات وچان يا عوام کان ووٽن جي خيرات پنڻ لاء جن ڦني خانن لفظن جا ڦوڪڻا پئي ڦاڙيا اڄ  اهي اڪيلائيء۾ پنهن جا ڪن پاڻ مهٽي رهيا هوندا ته “ ڪيسي غلطي شباب ڪر بيٺا” ان سڄي تماشي جو ٽريجڪ توڙي دلچسپ سين اهو ته نواز شريف جو وزيرداخلا جنرل رٽائيرڊ پرويز مشرف جي ترجمان وانگر مشرف طرفان قوم کي اها خاطري ڪرائي رهيو هو ته مشرف صاحب وعدو ڪيو آهي ته هو علاج ڪرائڻ بعد واپس پاڪستان موٽي ايندو ۽ خوشيء سان عدالتن ۾ وڃي مقدمن کي منهن ڏيندو.اها آهي اسان جي جمهوريت، جمهوريت جا پاسبان اسان جا حڪمران ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ جون صبح سانجھيء لاڦون هڻندڙ عظيم قومي اڳواڻ!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو