Monday, April 18, 2016

مسلم فوجي اتحاد؛ پاڪستان جي ڪهڙي پاليسي آهي؟

مسلم فوجي اتحاد؛ پاڪستان جي ڪهڙي پاليسي آهي؟
شفيق شاڪر

وزيراعظم پاڪستان ۽ پاڪستاني فوج جي سربراه جي تازي سعودي سرڪاري دوري جي موقعي تي اها خوشخبري سامهون آئي آهي ته سعودي عرب پاڪستان سان 122 ملين ڊالر جو هڪ معاشي معاهدو صحيح ڪيو آهي جن مان 67 ملين ڊالر پاڪستان کي امداد جي صورت ۾ ملندا. حڪومت کي ڇڏي ڪري سمورا ممتاز معاشي ماهر ان خيال جا آهن ته حڪومت پاڪستان تمام وڏي معاشي بحران جو شڪار آهي انهن حالتن ۾ انهيء امداد جي وڏي اهميت آهي پر ساڳئي وقت حڪومت جي خارجه پاليسيء جي حوالي سان تمام گھڻي تشويش ۽ سوال به پيدا ٿي ويا آهن ته اها امداد سعودي حڪومت طرفان ڪهڙي قيمت تي جاري ڪئي پيئي وڃي؟ ان ڪري جو ان ڳالھ کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي ته اهو معاهدو اهڙي موقعي تي ٿيو آهي جڏهن سعودي عرب ۾ 34 ملڪي فوج جون جنگي مشقون جاري آهن ۽ پاڪستاني وزيراعظم ۽ آرمي چيف انهن مشقن جو معائنو ڪيو آهي. پاڪستان جي اعلى قيادت طرفان انهن مشقن ۾ شرڪت خود هڪ سواليه نشان بڻيل آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان شام، يمن ۽ ايران جي حوالي سان ڪهڙي قسم جا لاڳا پا رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.جڏهن گذريل سال ڊسمبر ۾ رياض ۾ سعودي حڪومت طرفان 34 ملڪن جو فوجي اتحاد ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ان وقت به پاڪستان ۾ سياستدانن توڙي سول سوسائٽي پاڪستان جي اهڙي ڪنهن اتحاد ۾ شامل ٿيڻ تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو هو جنهن جي جواب ۾ حڪومت اهو چئي ماڻهن کي مطئمن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته پاڪستان صرف انٽيليجنس شيئرنگ ۽ سعودي عرب جي داخلي سلامتيء جي حوالي سان ان اتحاد جو حصو هوندو پر جيئن ته اسان جي حڪمرانن جي تاريخ رهي آهي ته سدائين اهم حقيقتون عوام کان لڪائي وقتي مالي فائدا حاصل ڪرڻ لاء ڪنهن به  خطرناڪ دلدل ۾ اکيون ٻڌي لهي پوندا آهن. جنرل ضياء ۽ پرويز مشرف جا آمريڪا سان ڪيل اهڙا لڪيل معاهدا ان ڳالھ جي شاهدي ڏين ٿا.جن معاهدن جا اثر پاڪستاني قوم اڃا تائين ڀوڳي رهي آهي.پاڪستاني سينيٽ گذريل مهيني پاڪستان جي ان فوجي اتحاد ۾ شموليت تي سخت تشويش جو اظهار ڪيو هو ۽ ان خطري جو اظهار به ڪيو هو ته اها شموليت پاڪستان کي شام ۽ يمن واري گھوٽالي ۾ ڌڪي ويندي.ڏٺو وڃي ته اهو انديشو بلڪل موجود آهي،انهيء ڪري حڪومت پاڪستان کي اهڙين مشقن ۾ شامل ٿيڻ يا ڪنهن به قسم جي سعودي امداد حاصل ڪرڻ کان پهرين انهيء فوجي اتحاد جي حوالي سان  اڳواٽ صاف ۽ واضح حدون ڪڍڻ گھرجن جو ايندڙ ڪنهن امڪاني اڻ وڻندڙ نتيجن کان بچي سگھجي.اهو به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته گذريل سال اپريل ۾ جڏهن سعودي عرب طرفان پاڪستان کي يمن ۾ فوج موڪلڻ جي درخواست ڪئي هئي ته پارليامينٽ ان درخواست کي رد ڪري ڇڏيو هو جيڪو صحيح فيصلو هو.هاڻي جڏهن عالمي ليول تي سعودي عرب جون يمن توڙي شام ۾ جنگي ڪاروائيون تمام گھڻو تڪراري بڻجي چڪيون آهن ۽ انساني حقن جون عالمي تنظيمون مبينا طور تي اهڙين ڪاروائين کي جنگي ڏوه ۽ انساني حقن جي لتاڙ قرار ڏيئي رهيون آهن ته حڪومت پاڪستان کي پنهن جي عوام سان ان معاملي ۾ صاف صاف ڳالھ ڪرڻ گھرجي ته انهن سعودي عرب سان ڪهڙي قسم جا معاهدا ڪيا آهن ۽ حڪومت پاڪستان ڪيتري حد تائين سعودي حڪومت جو ساٿ ڏيندي؟ اولھ جون حڪومتون جيڪي سعودين سان هٿيار وڪڻي رهيون آهن انهن تي خود سندن عوام طرفان دٻاء ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو وڃي ته اهي ملڪ سعوديء سان هٿيارن جا ڪيل سمورا معاهدا منسوخ ڪري ڇڏين.برطانيا ۾ ٽن پارٽين جي هڪ نمائنده ڪميٽي ان معاملي جي اڳيئي جاچ ڪري رهي آهي ۽ برطانيا جي هڪ هائي ڪورٽ به ان معاملي جو جائزو وٺي رهي آهي ته برطانيا سعودي عرب سان هٿيار وڪڻي برطانوي قانون ۽ يورپي يونين جي آئين جي خلاف ورزي ته نه ڪئي آهي؟

پاڪستان کي هن وقت سعودي عرب سان تعلقات جي حوالي سان سخت احتياط جي ضرورت آهي ،خاص طور تي جڏهن اهو تاثر موجود آهي ته پاڪستان سعودي عرب کان ڏوڪڙ وصول ڪرڻ جي لاء سعودي عرب جي هر جائز توڙي ناجائز ڪم ۾ ساڻس ساٿ ڏيڻ لاء مجبور آهي.پاڪستان ۾ ڪو به ماڻهو اهو نٿو چئي سگھي ته هڪ اهڙو ملڪ جيڪو اسان کي سالن کان رعايتي اگھن تي تيل مهيا ڪندو رهيو هجي،وقت به وقت اسان کي مالي امداد مهيا ڪندو رهيو هجي ۽ جنهن ملڪ ۾ اٽڪل ڏيڍ ملين پاڪستاني روزگار ڪمائي پئسو پنهن جي ملڪ موڪليندا هجن اهو ملڪ ڪو اسان جو دشمن آهي پر موجوده علاقائي حالتن ۽ ماضيء جي اڻ وڻندڙ تجربن جي روشنيء ۾ اسان کي هر قدم جذبات کان هٽي ڪري گھري سوچ ويچار سان کڻڻو آهي ۽ جتي اسان مجبور آهيون اها مجبوري به اسان کي پنهن جي دوست ملڪن کي ضرور صاف صاف ٻڌائڻ گھرجي.انهيء کان سواء پاڪستان سعودي عرب طرفان جوڙيل دهشتگرديء خلاف اتحاد جي اهم ميمبر هئڻ جي حيثيت ۾ پاڪستان مان دهشتگرديء کي ختم ڪرڻ لاء سعودي عرب کان به مڪمل سهڪار حاصل ڪري، خاص طور تي اهي شڪي مدرسا جن جي فنڊنگ  مبينا طور تي سعودي عرب مان ٿي رهي آهي پاڪستان ان معاملي ۾ سعودي حڪومت کي پنهن جن خدشن کان آگاه ڪري.اهو تمام ضروري آهي ته پاڪستان انهيء سڄي معاملي ۾ سعودي عرب جي پاڙيسري ملڪن ۾ سعودي عرب جي ڪنهن به ڪاروائيء جو حصو نه بڻجي،جيڪڏهن اهڙي غلطي ڪئي ويئي ته ان جا جيڪي نقصان عالمي توڙي قومي سطح تي ٿيندا انهن جو تدارڪ سالن تائين نه ٿي سگھندو!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو