Monday, April 18, 2016

مضبوط معيشت جو راڳ ۽ زرعي شعبي جي تباهي.!

03-12-2016
مضبوط معيشت جو راڳ ۽ زرعي شعبي جي تباهي.!
شفيق شاڪر

اسانجي سڪيلڌي وفاقي وزير خزانه ڪجھ ڏينهن اڳ هڪ دفعو وري قوم کي خوشخبري ٻڌائي آهي ته پاڪستان جي معيشت تيزيء سان بهتر ٿي رهي آهي! اسان کي ته اهو الڪو ٿي پيو آهي ته ايئن نه ٿئي جو پاڪستان جي معيشت کي بلنديء جا پر لڳي وڃن ۽ اها تيزيء سان اڏامي مورڳو هن ملڪ مان ئي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هلي وڃي ۽ اسان ان کي ڳولهيندا ئي رهجي وڃون! ڪوڙ جي به ڪا حد ٿيندي آهي.دنيا ۾ ڪئين حڪمران ٿورو گھڻو ڪوڙ ضرور ڳالهائيندا آهن پر هتي ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ حڪومت ۽ ڪوڙ هڪٻئي جي لازم ۽ ملزوم بڻجي ويا هجن.مار! رڳو ڪوڙ،هر وقت ڪوڙ ۽ هر معاملي ۾ ڪوڙ! ستم ظريفي اها جو اهي “ ايماندار ” جڏهن پريس ڪانفرنسن ۾ اچي اهڙا نسورا دوڦر ڇڏين ٿا ته ڪو انهن کان اهو به نٿو پڇي ته قبلا! جيڪڏهن پاڪستان جي معيشت کي توهان ايترو ئي آسمان جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو آهي ته پوء قرض ڏيندڙ ڪاسائي ادارن جي اڳيان بار بار جھوليون ڇوٿا جھليو؟ بار بار غريب عوام تي ٽيڪس جا بار ڇوٿا لڏيو؟ ڪير پڇي! ميڊيا کي ته ريحام جي طلاق واري مسئلي کان وانڪائي نه هئي.وري مٿان جو موديء لاهور جي شاهي محل جي زيارت فرمائي ته اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن، اخبار هجي يا ٽاڪ شو ،بس مودي نواز ۽ مودي نواز ملاقات پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جا مٿا خشڪ ڪري ڇڏيا آهن.مودي ڪونه ٿيو ڪا عجيب ۽ غريب مخلوق ٿي پيئي جا جڳ ۾ ڄڻ اڳ۾ ڪڏهن ڪنهن ڏٺي ئي نه هئي! پاڪستاني قوم تي شايد ڪا وڏي آفت اچڻي هئي جيڪا نواز شريف ۽ موديء زمين تي اچڻ کان اڳ ئي جھٽي ورتي. ميڊيا کي به خدا خدا ڪرڻ گھرجي، ٻن واپارين لوھ جي وڪري جي لاء صلاح مشورو ڪيو ۽ اسان انهن کي اڃا تائيڻ مٿي تي کنيو ٿا گھمون.اپوزيشن کي انهن کان ان معاشي تباهيء جي باري ۾ پڇڻ گھربو هو پر پيپلز پارٽي ته ڊاڪٽر عاصم لاء روئڻ پٽڻ کان ئي واندي ناهي.ڪپتان کي ڌانڌلين جو جن اسان دسيو ويٺو آهي.مولانا صاحب چپ جو روزو رکيو ويٺو آهي،مطلب ته هن وقت وفاقي حڪومت کي ميدان کليل ملي ويو آهي جيئن وڻين تيئن عوام ۽ ادارن جي ستيا ناس ڪن.وزير موصوف فرمائين ٿا ته ڏهن بين الاقوامي ادران پاڪستان جي معيشت جي مضبوطيء جي تصديق ڪئي آهي.بهتر اهو آهي ته انهن ادارن جون اهي نام نهاد سندون وزير صاحب پنهنجي سيني تي ئي سجائي رکي ۽  خدا جو خوف ڪري عوام کي ڪجھ سچ به ٻڌائي.هر چوٿين مهيني ته اوهان آئي ايم ايف وٽ قرضن جي خيرات لاء نرڙ گسايو ٿا ۽ انهن جي عوام آزار شرطن تي سر جھڪايو ٿا مٿان وري ڊاڙ اهو ته معيشت ڏاڍي مستحڪم آهي! هاڻي تازو جيڪو هنن “ رضاڪارانه ٽيڪس پاليسي” جو ناٽڪ رچايو آهي اهو ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته هنن پاڪستان جي معيشت کي ڪيترو محتاج ڪري ڇڏيو آهي جو هڪ قسم جو معاشي اين آر او نافذڪيو ويو آهي ته پئسو ڪٿان آيو ۽ ڪيئن آيو، حڪومت ان جي جاچ تان هٿ کنيو ۽ معاشي دهشتگردن کي منٿ ڪئي ويئي آهي ته اهي ان پئسي تي صرف حڪومت کي ٽيڪس ڏيڻ جي مهرباني ڪن.اهو سڀ ڪجھ توهان جي مستحڪم معيشت کي ظاهر ڪري ٿو؟ هن حڪومت جا هونئن ته ڦرلٽ ۽ معاشي بدعنوانيء جا ڪيئي شاهڪار آهن پر جيئن ته ميڊيا جو سمورو ڌيان صرف سنڌ حڪومت ڏانهن ئي ڇڪايو ويو آهي ان ڪري وفاقي حڪومت جا ڪرپٽ وزير هر قسم جي احتساب کان اڃا بچيل آهن.ڪنهن کي اهو هوش ئي ناهي ته گذريل چند مهينن ۾ هن حڪومت  پاڪستاني معيشت ۾ڇهن کرب روپين جو نقصان ڪيو آهي! اخباري رپورٽن موجب صرف ڪپھ جي خريف واري فصل ۾ گھٽ ۾ گھٽ اٺيتاليھ لک ڳٺڙين جي پيداوار گھٽي آهي. پاڪستان ۾ گذريل سال ڪپھ جي ڪل پيداوار هڪ ڪروڙ، اٺيتاليھ لک،اٺٽيھ هزار ڳٺڙيون هئي جنهن ۾ سنڌ جي پيداوار اوڻيتاليھ لک، چوهتر هزار ۽ پنجاب جي هڪ ڪروڙ،اٺ لک،چوهٺ هزار ڳٺڙيون هئي.هن وقت تائين سنڌ جي پيداوار ڇٽيھ لک،پنجٽيھ هزار،ٽي سو پنج ڳٺڙيون اچي چڪي آهي ۽ باقي  کوٽ پويان گھنو ڪري پوري ٿي ويندي.پر پنجاب جو حال برو آهي جتي اڃا تائين گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڇاونجاھ لک ڳٺڙين جي کوٽ آهي ۽ پويان فصلن جو حال به خراب آهي جنهن ڪري اندازو اهو آهي ته ڇڪي ڇڪي ڏه لک ڳٺڙيون ئي  باقي حاصل ٿين.اهڙيء طرح پوء به ملڪ ۾ اٽڪل اٺيتاليھ کان پنجاھ لک ڳٺڙين جي کوٽ پيدا ٿيندي. جنهن جي ڪري نه صرف آبادگار برباد ٿي ويندا پر ٽيڪسٽائيل جي صنعت تي تمام خطرناڪ اثر پوندا.صرف ان فصل ۾ نه پر ٻين فصلن ۾ به گذريل ٻن سالن کان آبادگارن کي صحيح ريٽ نه ملڻ جي ڪري آبادگار بريء طرح برباد ٿي چڪا آهن. خاص طور تي بجليء جي نه کٽندڙ لوڊ شيڊنگ فصلن جي ستيا ناس ڪري ڇڏي آهي. اٺيتاليھ لک ڪپھ جي ڳٺڙين جي قيمت موجوده قيمتن جي حساب سان به اٽڪل هڪ سو ڏھ ارب روپيا ٺهي  ٿي.جيڪڏهن انهيء قيمت ۾ ڪپھ مان ڌاڳي ۽ ڪپڙي ٺاهڻ وارن مرحلن جي قيمت کي به شامل ڪيو وڃي ته اهو نقصان اٽڪل ڇھ کرب روپين تائين پهچي ويندو. ٽيڪسٽائيل انڊسٽريز جو بند ٿيڻ ۽ مزدورن جو بيروزگار ٿيڻ انهيء کان سواء آهي. صنعتي شعبي ۽ ڪاروباري طبقي کي ته حڪومت طرفان رعايتون ڏيڻ جا اعلان ٿين ٿا پر زرعي شعبو جيڪو پاڪستاني معيشت  لاء ريڙھ جي هڏيء جي حيثيت رکي ٿو حڪومت ان شعبي جي لاء ڪا به مناسب رعايت ڏيڻ لاء تيار ناهي.انهن ناٽڪي وزيرن کي گھرجي ته ڪاميابين ۽ ڪامرانين جا ڪوڙا قصا عوام کي ٻڌائڻ جي بدران ملڪ جي زرعي شعبي طرف سنجيدگيء سان ڌيان ڏين جيڪو انهن جي مسلسل لاپرواهي ۽ زراعت دشمنيء وارين پاليسين سبب تباهيء جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو