Monday, April 18, 2016

اتحاد،الزام ، ڌمڪيون ۽ مڇرڪالوني بڻيل سنڌ!

اتحاد،الزام ، ڌمڪيون ۽ مڇرڪالوني بڻيل سنڌ!
شفيق شاڪر


اڳ۾ ٻڌبو هو ته فلاڻو اڳواڻ پنهن جن اصولن کان ڦري ويوآهي يعني صحيح يا غلط پر ڪجھ اصول هوندا هئا،هاڻي اسان جي ملڪ ۾ سياسي “سجاڳي” ۽ “جمهوريت” ايتري ترقي ڪئي آهي جو اصول آهن ئي ڪونه ته  ڦرڻ ڪهڙو؟ڪجھه ڏينهن کان ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ جيڪي سياسي سرگرميون ڏٺيون پيون وڃن تن تي سڀني ماڻهن جو وات پٽيل ئي رهجي ويو آهي. مثال نون ليگ جا ڪيئي معتبر وزير ميڊيا ۾ محفوظ ٿيل پنهن جن پراڻن وڊيو بيانن کان به اهو چئي ڦري ويا ته سندن بيانن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي پر ٻئي ئي لمحي وري اهو بيان به ڏيئي ويٺا ته رستي جو ڪنڊو هٽي ويو آهي،سوال اهو ته هي“ بهادر” اڳواڻ جيڪي سدائين اهو چوندي نٿا ٿڪن ته اسان جي حڪومت مضبوط آهي انهن جي رستي ۾ اهو ڪنڊو آخر ڪنهن جو وڇايل هو. جيڪڏهن انهن مشرف کي سزا ڏيڻ چاهي ٿي ته پوء ڪنهن هنن کي سزا ڏيڻ کان روڪيو پر جيڪر انهن تي ڪو دٻاء ئي نه هو ته پوء هنن مشرف مان پنهن جي مرضيء سان هٿ ڇو ڪڍيا ۽ مشرف هنن جي رستي جو ڪنڊو ڪيئن بڻيو.عدالت جي فيصلي جي پويان لڪڻ واري ڳالھ به وزن نٿي کائي جو عدالت حڪومت کي مشرف کي ٻاهر موڪلڻ جو حڪم نه ڏنو هو بلڪه اهو واضح نموني چيو هو ته حڪومت پاڻ فيصلو ڪري.پنهن جي ان سموري شڪست،شرمساري ۽ ڪمزوريء کي لڪائڻ لاء سمورن الزامن جو رخ مشرف جي بدران پي پي طرف ٿي ويو ته انهن هينئن ڇو ڪيو هونئن ڇونه ڪيو.وغيره وغيره اهو ته ٿيو تصوير جو هڪڙو رخ، هاڻي ٻئي رخ جي طرف اچو ته پيپلز پارٽي اڳواڻن مشرف جي وڃڻ کان پوء وفاقي حڪومت جي خلاف واويلا شروع ڪري ڏني آهي ته هنن هڪ ڏوهاريء کي ڇڏي آئين جي خلاف ورزي ڪئي آهي جنهن عمل جي خلاف حڪومت جي خلاف مظاهرا ڪيا ويا آهن ۽ تحريڪ هلائڻ جي ڌمڪي به ڏني پيئي وڃي.هي اهوئي پرويز مشرف آهي جنهن کي گارڊ آنر پيش ڪيو ويو،جنهن جي هٿ تي پي پي وزيرن حلف کنيا ۽ جنهن سان بي بي شهيد جي شهادت کان پوء به وڏا وڏا پي پي اڳواڻ ملاقاتون ڪندا رهيا ۽ پنهن جي سموري حڪومتي دور ۾ هو مشرف کي بي نظير قتل ڪيس ۾ نامزد هئڻ باوجود کيس قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي نه سگھيا،اڄ انهيء ئي پرويز مشرف کي غدار،آئين ٽوڙيندڙ ۽ قاتل قرار ڏنو پيو وڃي.ان سڄي صورتحال ۾ هڪ ٻيو دلچسپ نظارو به ڏسڻ لاء ملي ٿو ته سنڌ ۾ پي پي حڪومت خلاف جڙيل هڪ گرينڊ الائينس جنهن ۾ شامل گھڻا اڳواڻ پرويز مشرف جي اکين جا تارا هوندا هئا اهي به پرويزمشرف جي معاملي ۾ پي پي ۽ نواز ليگ ٻنهي کي تنقيد جو نشانو بنائڻ سان گڏ پي پي حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي خلاف تحريڪ هلائڻ جي ڌمڪي ڏيئي رهيا آهن.انهن جو عجيب موقف سمجھڻ لاء تمام وڏي دماغ جي ضرورت آهي جيڪودماغ خوشقسمتيء سان عوام وٽ موجود ڪونهي.هڪ طرف وفاقي حڪومت کي الزامن ۽ تنقيد جو نشانو بنائي رهيا آهن ته ساڳئي وقت سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو مطالبو به ڪري رهيا آهن.جيڪا ڳالھ اسان جي سمجھ ۾ نٿي اچي سا اها ته جيڪر نواز شريف حڪومت نااهل ۽ پي پي سان “مڪ مڪا” ۾ آهي ته پوء سنڌ ۾ جيڪو گورنر مقرر ٿيندو اهو ڪنهن جو هوندو،جيڪر اهي چون ته گورنر  حڪومت جو نه پروفاق جو نمائندو هوندو آهي ته پوء وفاق جو سربراه ممنون حسين ڪهڙيء پارٽيء جو آهي؟مطلب ته تضاد ئي تضاد ۽ مونجھارو ئي مونجھارو آهي.هوڏانهن مولانا صاحب حڪومت جي خلاف ٻانهون کنجي رهيا آهن جو هنن کي عورت بل جي صورت ۾ کيڏڻ لاء ٺهيل ٺڪيل پچ ملي ويئي آهي.انهن به حڪومت کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.صحافت جي اسٽيج تي به ڪيترائي ناٽڪ جاري آهن.هڪ مشهور دانشور ۽ ڪالم ڪار جنهن کي “شيڪسپيئر” جو درجو ڏنو وڃي ٿو تنهن جو هڪ قومي اخبار ۾ ڪالم پڙهي منهن جا ته طاق ئي لڳي ويا.اوهان به سندس خوبصورت تجزيي مان مستفيض  ٿيو.فرمايائين“هتي معاملو آئين سان غداريء جو آهي،انهيء تي وزيراعظم ڪا ڪمپرومائيز ڪندي نظر نٿو اچي،منهن جي خيال ۾ اها حقيقت سڀني ماڻهن تي سج وانگر روشن آهي ته وزيراعظم پنهن جن فيصلن تي سختيء سان عمل ڪندو آهي.۽ هو انهن معاملن ۾ وڏن وڏن خطرن جي به پرواه نه ڪندو آهي.هو تمام مضبوط اعصاب جو مالڪ آهي.۽ هڪڙي خدا کان سواء ڪنهن کان به نٿو ڊڄي.....وزيراعظم جي معاملا فهمي،حب الوطني،ڏاهپ ۽ بهادريء ۾ ڪنهن کي ذري جو به شڪ ناهي،هو هر وقت تخت ۽ تاج کي ڇڏڻ لاء تيار رهي ٿو.هو ماضيء ۾ به  ٻه ڀيراايئن ڪري  چڪو آهي.منهنجي خيال ۾ توڙي جو مشرف آئين سان غداريء جي سنگين ڏوھ جو مرتڪب ٿيو آهي تنهن هوندي به موجوده معروضي حالتن ۾ منهن جي تجويز اها آهي ته ان معاملي ۾  نواز شريف کي “ مٽي پائو” واري پاليسي اختيار ڪرڻ گھرجي!” هاڻي ان دانشور اسان جي لاء ڪي لفظ بچايا ئي ناهن جو ميان صاحب جي تعريف جو شرف اسان به حاصل ڪيون ..هونئن به حڪمرانن کي ثواب جا سمورا ڪم عوام جي کاتي مان ئي ڪرڻا آهن، پوء اهو سرڪاري عمرو هجي يا ڪنهن ملزم کي معاف ڪرڻ جو معاملو!هاڻي اچو ويچاريء سنڌ حڪومت تي اها اڳيئي آئي سي يو ۾ آهي، مشرف واري معاملي مان اها ڪجھ آڪسيجن حاصل ڪري ڪجھ پساه وڌائڻ گھري ٿي، ماڻهن جو ڌيان  مسئلن،ڪرپشن ۽ سندن نااهلين کان وقتي طور تي هٽي ويندو.هوڏانهن ڪمال گروپ جو حڪومت نه پر اسٽيبلشمينٽ کان هڪ نئون مطالبو سامهون آيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي هڪ دفعو وري موقعو ڏنو وڃي، شايد انهن ڪارڪنن مان مان مراد  ايم ڪيو ايم جااهي ڏوهاري ماڻهو آهن جيڪي مختلف ڏوهن ۾جيلن ۾ بند آهن يا رينجرز جي حراست ۾ آهن.انهن خطرناڪ ڏوهارين کي ڪمال گروپ  وري ڪهڙو موقعو وٺي ڏيڻ گھري ٿو،انهيء تي وڌيڪ عقل آزمائڻ جي ضرورت نه آهي. شايد ڪمال  گروپ وٽ اهو دليل هجي ته جيڪر مشرف کي ڇڏي سگھجي ٿو ته پوء انهن “معصوم” ڪارڪنن ڪهڙو ڏوه ڪيو؟هڪ اهڙو ملڪ جنهن ۾ سڀ بي ڏوهي  ۽ معصوم آهن پوء به جيڪر ڏوه ٿئي ٿو ته ماڻهن کي پڪڙڻ بجاء جنن جي طرف به حڪومت جو ڌيان وڃڻ گھرجي ته ڪٿي اهي سڀ سماج دشمن حرڪتون جن ته نه ڪري رهيا آهن. انهن سمورن الزامن،ڌمڪين.، مطالبن۽ مظاهرن جي ڌنڌ ۾ جيڪا شيء ڍڪجي ويئي آهي سا آهي بدترين حڪمراني. سنڌ جي  شهرن ۽ڳوٺن ۾ نيون اسڪيمون، تعليم،ترقي ۽ روزگار تان ته ماڻهن مورڳو هٿ کنيو پر بلدياتي نظام جي وچ تي لٽڪڻ ڪري نه ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي ملي ٿو ۽ نه ئي گھٽين ۽ گھٽرن جي صفائي ٿئي ٿي. ڪيترن ئي هنڌن تي ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽين ۾ مقرر عملي کي گذريل ڇهن مهينن کان پگھارون ناهن مليون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ طرف انهن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ته ٻئي طرف سڄي سنڌ گندگيء سان ڀريل کنڊرن جو منظر پيش ڪري رهي آهي.گھٽين ۽ محلن ۾ گندي پاڻيء جا سمنڊ ڇوليون هڻي رهيا آهن. گندگيء سبب مڇرن جون موجون لڳي وييون آهن ،جيڪي وڏي سخا سان مليريا ورهائي رهيا آهن.جيستائين نئون نظام مڪمل نموني ڪم نٿو شروع ڪري تيستائين بلدياتي ادارن جا فنڊ  شايد روڪيا ويا آهن. حڪومت به بهانن طور هڪ ڪورٽ مان ٻئي ڪورٽ ۾ معاملوالجھائيندي اچي. ادارن جا ڪيئي آفيسر نيب جي خوف کان پنهن جن آفيسن ۾ ئي نٿا ويهن. بلديات کاتي جو هڪ عدد وزير به آهي هونئن ته ٻين معاملن ۾ ڪافي “قابل” آهي پر هن کي گذريل ڪيترن مهينن کان مڇر ڪالوني بنيل سنڌ نظر نٿي اچي.اڳ ۾ هر سال  سنڌ ۾مڇر مار ڦوهارو ڪيو ويندو هو پر هاڻي شايد ان جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي جو عوام روزانو اهڙن سياسي مڇرن کان ڏنگبو رهي ٿو جو اهي قدرتي مڇر عوام جو ڪجھ به بگاڙي نٿا سگھن.سنڌ جا مالڪ ته سڀ ٿي بيهن ٿا پر سنڌ جي عوام جي مالڪي ڪرڻ وارو ڪوبه نه آهي .مشرف پاڪستان ۾ هجي يا ٻاهر،عوام جي صحت تي ڪهڙو ٿو اثر پوي،سنڌ ۾ گورنر راڄ هجي يا وڏ وزارت عوام جي دردن ۾ ڪهڙي گھٽتائي اچڻي آهي، عورتن جو بل منظور ٿئي يا نه سماج جو عورتن سان رويو ڪهڙو درست ٿيڻو آهي،عوام جي نالي تي کيڏئي ويندڙ هر کيل ۾ صرف عوام ئي هر ايجنڊا کان ٻاهر آهي! عوام جون زندگيون مڇرن جي رحم ڪرم تي آهن جڏهن ته سڄي سنڌ کي منشيات فروشن،آڪڙي بازن،جوئارين،سٽيبازن ۽ ڪوڪڙين جي حوالي ڪيو ويو آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو