Wednesday, April 27, 2016

يڪهين صدي ۾ به پٿر واري دور جهڙو ڪوهستان


ايڪهين صدي ۾ به پٿر واري دور جهڙو ڪوهستان
فهد جانوري

 قدرتي وسيلن سان مالا مال هن ديس جا ڌڻي اڄ به پنهنجي زندگي بک، بدحالي، بيروزگاري جي ۽ بکن زندگي گھارڻ تي مجبور بڻيل آهن، سڄي سنڌ اندر هر پاسي ظلم جي  انتها آهي، اُتي ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعي جو ڪوهستان وارو علائقو به جنت جهڙي ديس ۾ انتظامي بي ڌياني ڪري ماروئڙن لاءِ دوخ بڻيل آهي. ڪوهستان جي قديم وسندين کي ڪابه بنيادي سهوليتن نه هجڻ ڪري کين اڄ به پٿر واري دور ۾ زندگي گذارڻي  پئجي رهي آهي، برسات جي پاڻي تي گذر ڪندڙ هن ديس جا ماروئڙا پيئڻ جي پاڻي جي پاڻي لاءِ پڻ هر آيل نئي ڏينهن تي مينهن وسڻ جو اميدون ڪندا آهن پر افسوس جو شايد خدا به هنن مٿان راضي نه آهي ۽ هاڻي ته برساتون وسڻ به گھٽجي ويون آهن هن ڪائنات جي ڳجھ ڳوھ ۾ جاچڻ ته انسان ذات جو وس نه آهي پر هتي جي واڳ ڌڻين کان اهيو سوال ضروري آهي ته ڇا اوهان هتان جا نه آيو يا هنن اوهان کي ووٽ نه ڏنا آهن ڏٺو وڃي ته ڪوهستاني ڪنڌي جا هي ماروئڙا مڙئي مشڪلن ۾ ورتل آهن ئي آهن ڪڏهن ڪوهستان جو هزارين ايڪڙ زمينون سرمائيدارن حوالي ڪري سوين قديمي ڳوٺ ڏاڍ جي بنياد تي خالي ڪرائڻ وارا عمل به جاري آهن ڪوهستاني پٽي جي سوين ڳوٺن جن ۾ ڳوٺ ڪرم خان پالاري، ڳوٺ گودڙ چانگ، ڳوٺ ڦل جاکرو، ڳوٺ صادق چانگ، عظيم جاکرو، ڳوٺ مارڪ جاکرو، ڳوٺ جمعو شورو، ڳوٺ سوڍو کوسو، ڳوٺ مينهن وسايو کوسو، ڳوٺ سومر کوسو، ڳوٺ چاڪر شورو، ڳوٺ رمضان شورو، ڳوٺ سوز علي پالاري، ڳوٺ آچار شورو، ڳوٺ عزيز پالاري، ڳوٺ جاڙو چانگ، ڳوٺ مامن چانگ، ڳوٺ حاجي امين جوکيو، ڳوٺ رسول بخش درس، ڳوٺ جاني خاصخيلي، ڳوٺ لطيف گوپانگ، ڳوٺ خدا ڏنو پالاري، ڳوٺ احمد سولنگي،سميت سوين ڳوٺ شامل آهن جيڪي ايڪهين صدي جي هن سڌريل دور ۾ به روڊ رستن، پاڻي، بجلي ۽ گيس جهڙين سهولتن کان محروم بڻيل آهي سرڪار پاران ڪوهستان جون زمينون سرمائيدارن حوالي ڪري صدين کان آباد ڪوهستان واسين کي سرڪار پاران  معاوضو ڏيڻ بدران انگريز دور کان به اڳ وارين زمينن وارا مقامي رهواسين جا کاتا تبديل ڪيا ويا، جنهن سبب ڳوٺاڻا اجهن کان محروم ٿيڻ سميت معاوضي کان پڻ واجهائي رهيا آهن، ڪوهستان واسي 21 هين صدي واري هن دور م به بنيادي سهولتن کان محرومي سبب عذاب ڀوڳي رهيا آهن، مٿن ڏاڍ جبر ۽ بنيادي سهوليتن جي اڻهوند سان گڏوگڏ  سندن واحد معاشي ذريعي هزارين ايڪڙن وارين زمينن جا انگريز جي دور وارا جا کاتا به رد ڪرڻ هڪ وڏي ناانصافي آهي ملٽي نينشل ڪمپنين کي هزارين ايڪڙ زمينون الاٽ ڪيون ويون پر افسوس جو ان ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ روزگار لاءِ به ڪوهستان واسي لڳاتار نظرانداز ٿيندا اچن پيا، اختيار ڌڻي ڪوهستان واسي ماروئڙن تي رحم جي مدنظر رکندي هنن کي ڪمپنين اندر روزگار جو حق ته ڏنو وڃي هڪ طرف سرڪار مڪمل طور تي ڪوهستاني ماروئڙن کي نظر انداز ڪندي پئي اچي مٿان ڪوهستان ۾ قائم ملٽي نيشنل ڪمپنين وري ڪوهستان واسين کي روزگار لاءِ نظرانداز ڪري ڏاڍ جبر واري رياست قائم ڪري ڇڏي آهي، ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعن جي ڪوهستان جي ڪنڌي ۾ هينئر وري هڪ ٻيو به ظلم برپا ٿي رهيو آهي ڀوتارن جا دوست شهزادا عرب شڪاري ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعي جي ڪوهستاني ماروئڙن مٿان ڏمر ٿي لڳا آهن، دبئي قطر، سعودي، بحرين جي شڪاري عرب شهزادن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪوهستان جي قديمي ڳوٺن ۾ عرب شهزادن لاءِ شڪارگاهون بڻايون ويون آهن  عرب شڪارين ڪوهستان واسين لاءِ ڌرتي ٽارمو ڪري ڇڏي آهي عرب شڪارين کي سرڪار پکين جي شڪار جو لائسنس ڏنو آهي يا ڪوهستان واسين جي شڪار جو؟ عرب شڪاري رات جي ٽائيم شراب پيئو پنهنجي ڇاڙتن سان گڏ اچي ڳوٺاڻن کي پريشان ڪندا رهن ٿا،  ته هر سال شڪار جي موسم ۾ ڪوهستانين سان اهڙا ظلم ٿين ٿا پر سرڪار ڪو کڙتيل ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهي ويتر ڪوهستاني ماروئڙن خلاف پوليس  ڪاروايون ٿي رهيون آهن، مطلب ته ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته هتان جي رهواسين کي پنهنجي ماڳن مان بي دخل ڪرڻ جي سازش هلي رهي آهي عرب شهزادي کي سرڪار پاران ڏنل زمين جي ليزنگ واري مسئلي تي ڪورٽ سڳوري ۾ داخل ڪيل پٽشن تي پڻ ڪيس هلندڙ آهي تازو ٺٽي جي عدالت سڳوري شڪاري عرب شهزادي کي نوٽيس جاري ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي ڪجھ ڏينهن اڳ عدالت سڳوري سنڌ سرڪار پاران عرب شڪارين کي ليز تي ڏنل زمينون رد ڪرڻ جو پڻ حڪم جاري ڪيو هو ۽ شڪارگاهون ختم ڪري شڪار تي پابندي جاري ڪرڻ جو چيو ويو هيو پر ان باوجود شڪارگاهون ختم ڪري شڪار تي پابندي واري عمل تي عمل نه ٿي سگھيو آهي، سوال اهيو آهي ته هي ڪهڙي رياست آهي جتي ان رياست جي ماڻهن کي پادر ۽ ڌارين کي پروٽوڪول ملن ٿا.

آن لائين انڊس نيوز جي ٿورن سان

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو