Sunday, April 10, 2016

انڊيا جي ايس 400 سسٽم وٺڻ لاءِ ڊوڙ ڊڪ!




انڊيا جي ايس 400 سسٽم وٺڻ لاءِ ڊوڙ ڊڪ!
شفيق شاڪر
ميڊيا رپورٽن موجب هندستان روس جي بنايل ايئر ڊفينس سسٽمس ايس 400 خريد ڪرڻ جو اشارو ڏيئي ڇڏيو آهي. انهيءَ سسٽم جي خريداريءَ کان پوءِ انڊيا جي فوج چين کان پوءِ دنيا ۾ايس 400 سسٽم رکندڙ ٻي نمبر فوج بڻجي ويندي. ايڪانمڪس ٽائيمز مطابق انڊيا جي وزير دفاع منوهر پريڪر ڊفينس ايڪوزيشن ڪائونسل جي گڏجاڻيءَ ۾روس کان ان سسٽم جا پنج يونٽ خريد ڪرڻ جي منظوري وٺي ڇڏي آهي ۽ جلد ئي روس سان اها ڊيل صحيح ٿي ويندي. انڊيا جي دفاعي ذريعن جو چوڻ آهي ته ان خريڊاريء جو مقصد انڊيا جي دفاعي نظام کي وڌيڪ سگھارو بنائڻ آهي. جيتوڻيڪ ان خريداريءَ تي ٿيندڙ خرچ جو تفصيل سامهون نه آيو اهي پر هڪ اندازي مطابق انهيءَ تي اٽڪل 6 بلين ڊالر خرچ ايندو.موجوده وقت تائين روس جي پاليسي اها رهي آهي ته ان جي پنهنجي دفاعي نطام کي پوريءَ طرح جديد بنائڻ کان اڳ ايس 400 جو سسٽم ڪنهن به ٻاهرئين ملڪ سان وڪرو نه ڪبو. جيڪڏهن اها ڊيل ڪامياب ٿئي ٿي ته پوءِ انڊيا جي فوج دنيا ۾ چين جي فوج کان بعد ٻيو نمبر وڏي فوج هوندي جيڪا ايس 400 جي فضائي سسٽم سان ليس هوندي. انهيءَ کان سواءِ انڊيا روس کي پنهن جي  چوويهن پراڻن ايس 125 ايم (پيچورا )کي جديد بنائڻ لاءِ به چيو آهي جن تي اٽڪل 80 ملين ڊالر خرچ ايندو. روس ۽ انڊيا گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هڪٻئي جا سياسي ۽ دفائي اتحادي رهيا آهن. انڊيا  جو پهريون مڪمل فضائي ڪيريئر ”آئي اين ايس وڪرمادتيا“ به روس جي شپ يارڊ ۾ جوڙيو ويو هو. هندستاني فضائيه جو هڪ نمايان ذخيرو سوويت ۽ روس جي بنايل جهازن تي مشتمل آهي. جديد ميزائيل ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان به روس انڊيا جو مکيه مددگار رهيو آهي.ٻنهي ملڪن طرفان گڏجي ڊزائين ڪيل ”براهموز هائپر سونڪ ڪروز ميزائيل“ موجوده وقت جي بهترين ميزائيلن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
ايس 400، پراڻي ايس 300  ايئر ڊفينس جي نهايت ئي جديد ۽ سڌريل صورت آهي. اهو مختلف حدن تائين جنگي جيٽ جهازن،بمبار جهازن،  ڊرونس، بلاسٽڪ ۽ ڪروز ميزائيلن کي نشانو بنائي سگهي ٿو۽ ان جي رينج 400 ڪلوميٽر آهي. هن ۾ موجود جديد ڊجيٽل ۽ ريڊار سسٽم هڪئي وقت ڪيترن ئي نشانن جو سراغ لڳائي سگھي ٿو ۽ انهن تي مار به ڪري سگهيٿو.
ڊسمبر جي شروع ۾ ترڪيءَ طرفان روس جو ايف 16 جهاز ڪيرائڻ کان پوءِ روس ايس 400 جو اهو فضائي سسٽم خميميم ايئير بيس تي شام جي فضائي حدن جي حفاظت لاءِ لڳايو آهي
 روزاني عوامي آواز 10 اپريل 2016ع

1 comment:

پنهن جي راء هتي لکو