Monday, April 18, 2016

مدي خارج سياست جي داء تي لڳل رياست .

مدي خارج سياست جي داء تي لڳل رياست .
شفيق شاڪر

هر سال جيان هن سال به 23 مارچ وڏي “ قومي”جذبي ۽ جوش خروش سان ملهائجي رهيو آهي.قومي ترانا وڄندا، ڪجھ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري تقريبون ٿينديون، پاڪستان جي عظيم ترقيء جا داستان ٻڌايا ويندا،جمهوريت جي مضبوطيء جي لاء هر سياسي پارٽي پنهن جن قربانين ۽ ڪوششن جا واڄٽ وڄائيندي،قوم کي متحد ۽ منظم رهڻ جا ڀاشڻ ڏنا ويندا، ملڪ سان محبت جا سبق پڙهايا ويندا،غيرملڪي طاقتن جي پاڪستان خلاف سازشن جا دفتر کوليا ويندا،ڪجھ قومي نغما وڄندا، آزاديء جي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو ۽ ڏينهن گذرندي ئي هر ڪنهن کي سڀ ڪجھ وسري ويندو.گذريل سٺ سالن ۾ اهو ئي تماشو ٿيندو آيو آهي.اهو صحيح آهي ته آزاد ۽ خوددار قومون پنهن جي ماضيء کان لاتعلق نه رهنديون آهن،اهو به درست آهي ته پنهن جن هيروز کي به ضرور خراج عقيدت پيش ڪرڻ گھرجي،پنهن جي ملڪ سان ملڪ ۽ عقيدت جو هرطرح اظهار به ڪرڻ گھرجي.قوم ۾ ٻڌي ۽ اتحاد پيدا ڪرڻ لاء اهڙا قومي ڏڻ ۽ تهوار ضرور ملهائڻ گھرجن.پر جڏهن لفظن مان ڪردار ۽ عمل جو روح نڪري ويو هجي ته اهي لفظ پنهن جو اثر وڃائي ويهن ٿا. انهن خوبصورت لفظن ۽ خيالي خوش فهمين ۾ اسان اڌ ملڪ وڃائي به ڪو سبق نه سکيو.اڄ به مشرقي پاڪستان جي ماڻهن جي حوالي سان اسان پنهن جون سڀ نالائقيون،نااهليون ۽ زيادتيون تسليم ڪرڻ بدران کين غدار،پاڪستان دشمن ۽ ڀارت جي هٿن ۾ کيڏندڙ سڏي رهيا آهيون.اسان جي مقتدر حلقن مان ڪنهن کي اها اخلاقي جرئت ٿي ته اهي پنهن جي طرفان بنگالين سان ڪيل زيادتين ۽ ناانصافين تي کانئن معافي گھرن ها.اڄ به شاگردن کي اها هٿ ٺوڪي تاريخ پڙهائي پيئي وڃي ته مشرقي پاڪستان ۾ سڀ سازش شيخ مجيب ۽ ڀارت جي هئي.اسان ته بنگالين کي پنهن جن اکين تي ويهاريو هو،هنن جا سڀ بنيادي حق انهن کي پليٽ ۾ وجھي پيش ڪيا هئا.اهو ئي ته الميو آهي اسان جي هن ملڪ جو جنهن ۾ اختيارن،وسيلن ۽ مفادن تي شروع کان قابض هڪ ڌر حب الوطنيء جي وصف مقرر ڪندي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي غداريء جا سرٽيفڪيٽ ڏيندي رهي آهي.ڪمزور قوميتن کي رياست ۾ هڪجهڙو حقدار هئڻ جو حق ڪڏهن ڏنو ويو آهي.؟ اها اشرافيا جن مان گھڻن جا گھر ۽ ڪاروبار ملڪ کان ٻاهر آهن ۽ اهي به جيڪي پاڪستاني هئڻ باوجود به ٻين ملڪن جي شهريت رکن ٿا،ٻين ملڪن سان وفاداريء جو حلف کڻن ٿا انهن مان ته ڪنهن کي اڄ تائين غدار ۽ ملڪ دشمن هئڻ جو طعنو نه مليو آهي پر جيڪر ڪو پاڪستان ۾ اڃو بکيو رهي به پاڪستان سان محبت رکي ٿو، هو سنڌي،بلوچ،پشتون به آهي ته پاڪستاني پڻ ته انهيء  ۾ڪهڙي شيء ملڪ سان وفاداريء جي خلاف آهي؟ اها ڳالھ ڇو ٿي وساري وڃي ته قومون پهرين موجود هيون ۽ پاڪستان پوء ٺهيو ۽ انهن قومن گڏجي ئي پاڪستان ٺاهيو هو.پاڪستان مان سنڌ، بلوچستان، پختون خواھ ۽ پنجاب نه جڙيو هو پر انهن علائقن پاڪستان جوڙيو هو.هي ڪهڙو انصاف آهي جو انهن ئي صوبن جي ماڻهن جي باري ۾ اهو تاثر ڦهلايو ويو آهي ته اهي ملڪ دشمن آهن.قومي يڪجهتي ۽ اتحاد ڪنهن خلا ۾ پيدا نه ٿيندو آهي.صرف نصابي ڪتابن ۾ چند سبق لکڻ يا تقريرون ڪرڻ سان پيدا نٿو ڪري سگھجي.انهيء جي لاء سوچن ۽ روين ۾ به يڪجهتي ۽ هم آهنگي گھربل هوندي آهي.ڪهڙن مقصدن ۽ ڪهڙن اصولن تحت پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو؟ ڪٿي آهن اهي اصول ۽ ڪيڏانهن ويا اهي مقصد!ڇا عام ماڻهوء کي معاشي ۽ سماجي انصاف ملي ويو،ڇا غريبن جي زندگيء تبديل ٿي ويئي،ڇا قانون سڀني جي لاء برابر آهي، ان سموري چمڪندڙ سياست ۾ رياست ڪٿي بيٺل آهي؟ نفرتن ۽ تعصب جو هر ٻج هتي پوکيو ويو. دهشتگردي جو پورو ڄار  هٿ وٺي وڇايوويو.قدم قدم تي سرڪاري سرپرستيء  ۾فرقاپرستيء جا بت کڙا ڪيا ويا. ننڍن صوبن کي سندن آئيني حقن کان بار بار محروم ڪيو ويو،بيوروڪريسي پنهن جن من پسند حڪمرانن ذريعي رياست کي پوري دنيا ۾ تماشو بنائي ڇڏيو.عوام جي ڀلائيء ۽ بهتريء جو ڪو بنيادي انفرا اسٽرڪچر اڃا تائين ته نه ٺهي سگھيو آهي.اهو ئي قانون ۽ اهوئي نظام اڃا تائين جيئن جو تيئن هلي رهيو آهي جيڪو قانون ۽ نظام انگريز ماڻهن کي غلام بنائي رکڻ لاء لاڳو ڪيو هو. اڄ جيڪر عوام اوهان کان پنهن جن غلط پاليسين ۽ سوچن تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو ته اهي ملڪ دشمن ڪيئن ٿي ويا؟ پاڪستاني قوم کي سلام پيش ڪرڻ گھرجي جيڪا سڀ ستم ۽ سختيون سهندي اڄ به پاڪستان سان سچي محبت ڪري ٿي.ٻئي طرف ملڪ سان محبت جون کڳيون هڻندڙ انهيء اشرافيا کي ٻين تي ملڪ دشمنيء جو الزام هڻڻ کان پهرين پنهن جو ٻوٿ ضرور آئيني ۾ ڏسڻ گھرجي ته انهن کي پاڪستان ڇا ڇا ڏنو ان جي بدلي انهن پاڪستان سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو آهي.قرارداد پاڪستان جو اهو مقصد ته نه هو جو ماڻهو گورن جي غلاميء مان نڪري ڪارن جي غلاميء ۾ اچي وڃن.پاڪستان جا سمورا وسيلا لٽڻ ۽ کسڻ باوجود انهيء اشرافيا  جي حالت ته اها آهي جو سندن ذاتي مفادن تي ٿوري به لت اچي وڃي ته ٻاهرين ملڪن  ۾ويهي  نه صرف پاڪستان جي خلاف زهر اوڳاڇين ٿا پر ٻين ملڪن کي پاڪستان جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جا به مشورا ڏيندا آيا آهن! پوء به قربانين،حب الوطني،اتحاد ۽ پاڪستان سان سچو رهڻ جو درس صرف عوام لاء! ان اشرافيا جو پنهن جي ملڪ تي اعتماد ۽ ڀروسي جو حال اهو جو هن ملڪ ۾ پنهن جو پئسو رکڻ به خطري کان خالي نٿا سمجھن.ڇا چئجي سواء ان جي ته

“ ڪڇ آپ هي اپني ادائون پي ذرا غور ڪرين،هم ڪهين گي تو شڪايت هوگي”

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو