Monday, April 18, 2016

ڪرپشن..؟ ..........مڙيئي خير آهي ........!!!

ڪرپشن..؟ ..........مڙيئي خير آهي ........!!!
شفيق شاڪر

اسان جي معاشري تي طاري ٿيل سالن جي گڏيل جمود واري ڪيفيت جو هڪڙو مظهر اهو آهي جو اسان مان هر ماڻهو status co يعني ”جيڪا شيء جيئن آهي تيئن هلڻ ڏيو“ جي پاليسيء تي هلندي نظر اچي ٿو. ڳالهين ۽ دعوائن جي حد تائين اسان کي هر طرف تبديلي چاهيندڙ،ترقي پسند ۽ انقلابي سوچ رکندڙ نظر ايندا پر حقيقت ۾ جيڪڏهن اسان ٿورو پوئتي نهاري پنهنجي آسپاس جو جائزو وٺنداسين ته معلوم ٿيندو ته اسان ته اتي جو اتي بيٺل آهيون يا انصاف واري ڳالھ اها آهي ته شايد اسان ترقيء جي سيڙهي چڙهڻ جي بدران اڃا گھڻو پستيء جي طرف ڏينهون ڏينهن  وڌيڪ ترڪندا ٿا وڃون. اسان کان پوء جن قومن آزادي حاصل ڪئي اهي ڪٿان کان ڪٿي پهچي وييون پر اسان اڄ به ان بحث ۾ ڦاٿا پيا آهيون ته اسان وٽ ڪرپشن ڪهڙي دور ۾ شروع ٿي؟ يا اهو دليل پيو ڏنو وڃي ته ڪرپشن ته ٻين صوبن ۽ ٻين ملڪن ۾ به موجود آهي! انجو مطلب ڇا ٿيو ته اهو ڪم جيئن آهي تيئن ان کي هلڻ ڏيو. مڃون ٿا ته ڪرپشن جو سو سيڪڙو خاتمو ڪنهن به معاشري ۾ ممڪن ناهي ۽ اهو به مڃون ٿا ته اهو صرف ڪنهن هڪ صوبي يا حڪومت جو مسئلو به ناهي.اهو به صحيح آهي ته ڪرپشن معاشري جي رڳ رڳ ۾ سمائجي چڪي آهي ۽ ان موذي مرض کان تڪڙو جان ڇڏائڻ به ايترو آسان ڪم نه آهي پر انهن سمورن دليلن جي باوجود ڇا اهو سوال ختم ٿي وڃي ٿو ته سماج کي کوکلو ڪندڙ انهيء وبا کي وڌيڪ وچڙڻ ۽ انهيء جي اڳيان ڪو زورائتو بند ٻڌڻ آخر ڪنهنجي ذميداري آهي! عادي چورن کي صرف تلقينن ۽ نصيحتن جي ذريعي جيڪڏهن دنيا ۾ روڪڻ ممڪن هجي ها ته پوء هي قانون، پوليس ، جيل ۽ عدالتن جا نظام ٺاهڻ جي ضرورت ئي پيش نه اچي ها.ايئن سماج هلندا ناهن جيئن اسان انهن کي هلائڻ چاهيون ٿا. جيڪڏهن ڪيترن ئي گھرن ۾ هڪ ئي وقت مختلف چور گھڙي اچن ۽ ڪو انهن چورن کي پڪڙڻ لاء انهنجو پيڇو ڪندو ڪنهن هڪڙي گھر ۾ داخل ٿئي ته انهيء گھر جو ڌڻي انهن کي اهو چوي ته توهان وٽ منهنجي گھر ۾ داخل ٿيڻ جو ڪهڙو اختيار هو؟ يا ٻئي گھر ۾ به ته چور آيل آهن پهرين انهن چورن کي ٻڌو ته پوء آئون هنن چورن کي ٻڌڻ ڏيندس؟ يا اهو چوي ته چوريون سدائين ٿينديون رهن ٿيون، توهان اجايو هنن چورن جي پويان پئجي ويا آهيو! جيڪر ڪو گھر ڌڻي اهڙيون ڳالهيون ڪري ته هر ماڻهو ان جي دماغي صحت ۽ ذهني ڪيفيت تي ضرور شڪ ڪندو ته ويچارو پنهنجي وس ۾ نه آهي. جيڪڏهن دماغ به ضحيح ۽ سالم اٿس ته پوء پڪ سان هو انهن چورن سان مليل آهي نه ته ان جي اهڙين مسخريء جهڙين ڳالهين جو ٻيو ڪو سبب ته سمجھ ۾ نٿو اچي! جڏهن اسان مڃون به ٿا ته اسان وٽ تمام گھڻي ڪرپشن آهي ته پوء انهيء کي ختم به ڪرڻو آهي يا جيڪو قصو جيئن هلي پيو تيئن هلائڻو آهي؟ برابر اسان وٽ ڪرپشن ختم ڪرڻ لاء آئيني ادارا به موجود آهن ۽ قومي خزاني جو وڏو حصو انهن ادارن تي خرچ ٿي رهيو آهي پر انهن ادارن کي اهو ڪم ڪرڻ لاء ڪڏهن آزاد ڇڏيو ئي نه ويو آهي. اتي به چونڊ هلندي رهي آهي ته هن جي ڳچيء مان وٺڻو آهي ۽ هن لاڏلي کي ڪجھ ناهي چوڻو. ماضيء ۾ قومي سطح تي جوڙيل نام نهاد احتساب ادار فقط سياسي مخالفن کي هيسائڻ لاء ئي استعمال ٿيندا آيا آهن جنهنڪري اهي اصل ڪم بدران صرف حڪمرانن جي کيڏڻ جا رانديڪا بڻيا رهن ٿا. ستم ظريفي اها جو ڪرپشن ختم ڪرڻ جي لاء جوڙيل اهي ادارا خود ڪرپشن ۽ بدديانتيء جا حسين شاهڪار بڻجي وڃن ٿا، اهڙن ڏوهاري ذهنيت جي احتسابي ادارن کان اها اميد رکڻ ته اهي هر قسم جو گند صفا ڪري معاشري کي چمڪائي ڇڏيندا، ڪنهن ديواني جو خواب ئي ٿي سگھي ٿو. دهشت گردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ واقعي سنگين ڏوھ آهن پر ڪرپشن جي باري ۾ اسان جو رويو اهو ٿو ٻڌائي ته ڄڻ اهو معمولي قسم جو ڏوه هجي. جنهن معاشري  ۾ بدديانتي ۽ ڪرپشن کي ڪو ايڏو وڏو ڏوھ سمجھيوئي نه ويندو هجي ته اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اهو معاشرو ڪيڏي نه وڏي بيچيني، معاشي ناهمواري، سماجي ناانصافي ۽ احساس محروميء جو شڪار هوندو! ڪرپشن ڏسڻ ۾ ته اسان کي ڀلي تمام معصوم لفظ محسوس ٿيندو هجي پر ان جا پيرا کڻبا ته اهو ڪيترين ئي سماجي بڇڙاين، غريبن جي معاشي قتل عام ۽ معاشري ۾ وڌندڙ تشدد وارن روين جي جي بنياد ۾ ڪارفرما نظر ايندو. ڪرپشن ئي اهو ظالم هٿيار آهي جنهن جي زور تي حقدار کي سندس بنيادي حق کان محروم ڪيو ويندو آهي. ڏوه جو سڌو سنئون تعلق پئسي سان ٿئي ٿو.انهي ڪري هن وقت پوري دنيا۾ ڪرپشن جي خلاف جنگ سخت ڪئي ويئي آهي جو دهشتگرديء جي واقعن پويان ڪرپشن جي پئسي جو ڪردار وائکو ٿي چڪو آهي. انهي ڪري ڪرپشن تي ظابطو هن وقت بين الاقوامي مسئلو بڻجي چڪو آهي ۽ خاص طور تي مني لانڊرنگ جي معاملي تي دنيا جا سمورا ملڪ ڪنهن به قسم جي چشم پوشي ڪرڻ لاء تيار ناهن. اسان آخر اهڙيون غيرذميواراڻيون حرڪتون ڪري ۽ ڪرپشن واري معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ وارا بيان ڏيئي دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ گھرون ٿا؟ اهو ته توهان جي طرفان مليل امداد يا قرض جو پئسو اسان ڪرپشن کان بچائي نٿا سگھون. آئينده پئسو نٿا ڏيو ته ڀلي نه ڏيو. حڪومتون ته اچڻيون وڃڻيون آهن پر عوام کي ته سدائين رهڻو آهي. انهن جي ايندڙ نسل جو ڇا ٿيندو! جڏهن قومي خزاني جو هڪ وڏو حصو ڪرپشن جي نذر ٿي ويندو ته عوام جي بهبودي ۽ بهتري ڇا مان ٿي سگھندي؟ پوء حڪومتن کي قرضن مٿان قرض کڻڻا پون ٿا ۽ انهن قرض ڏيندر ادارن جي فرمائش تي عوام مٿان ٽيڪسن مٿان ٽيڪس لڳائڻا پون ٿا جنهن ڪري عوام مهانگائيء جي مصيبت ۾ پيڙهجڻ لڳي ٿو. اها ڳالھ ياد رکڻ گھرجي ته ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ کان سواء ملڪ يا صوبي ۾ امن امان قائم نٿو ڪري سگھجي ۽ نه ئي دهشتگرديء مان جان ڇڏائي سگھجي ٿي. انهيء ڪري چاهيندي يا نه چاهيندي به حڪومتن کي ڪرپشن کي هاڻي ٻنجو ڏيڻو پوندو ٻي صورت ۾ رياست جو وجود به خطري ۾ پئجي سگھي ٿو. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهو ڪم ڪير ڪندو ۽ ڪنهن کي ڪرڻو آهي؟ انهيء ۾ ته ٻه رايا ٿي نٿا سگھن ته ڪرپشن کي ختم ڪرڻ جي بنيادي ذميداري وقت جي حڪومتن جي ٿئي ٿي. پر ڇا حڪومتون پنهنجي اها بنيادي ذميداري پوري ڪن به ٿيون؟ اهو وڌيڪ اهم سوال آهي. احتسابي ادارا، سماجي سجاڳي ۽ معاشري جي ان معاملي تي صحيح تعليم ۽ تربيت اهي شيون سڀ ان ڪم ڪرڻ لاء گھربل آهن پر اهي سڀ شيون ٻئي نمبر ٿي اچن ٿيون، پهرئين نمبر تي جيڪا شيء گھربل آهي سا اها ته حڪومتن وٽ انهيء لعنت کي ختم ڪرڻ جي لاء سچي نيت ۽ پڪو ارادو به آهي يا نه! ۽ شايد انهيء شيء جي ئي اصل کوٽ رهندي آئي آهي جنهن ڪري اها لعنت گھٽجڻ جي بدران روزبروز وڌندي ٿي وڃي. اسان جا حڪمران جيڪڏهن ايترا ئي سادا آهن جو انهن کي اها خبر ئي نٿي پوي ته ڪهڙن ڪهڙن حڪومتي شعبن ۾ گھڻي ۾ گھڻي بدعنواني پکڙيل آهي ته پوء هن بدنصيب عوام کي فقط پنهنجو مٿو پٽڻ گھرجي باقي ٻيو ڇاٿو ڪري سگھجي. ٻاهرين ادارن کي اوهان اهو موقعو ئي ڇوٿا فراهم ڪيو جو اهي اوهان جي رڌڻي ۾ رولو وجھن. ڪرپشن جي خلاف جڙيل پنهنجن ادارن م جان ڇو نه ٿا وجهو جو دنيا انهن جو مثال ڏيڻ تي مجبور ٿئي ته ادارا هينئن ڪم ڪندا آهن.اوهان وٽ ايماندار ماڻهو سڀ جا سڀ مري ته نه ويا آهن! اهي ادارا انهن ماڻهن جي حوالي ڪري انهن کي مڪمل آزادي ڇو نٿي ڏني وڃي ته اهي صرف ميرٽ تي ڪم ڪن ۽ هڪ دفعو اهو پڪو فيصلو ڪري ڇڏجي ته هاڻي پاڻ تي دنيا ناهي کلائڻي! پر ايئن ٿيندو نه. جو بدقسمتيء سان اسان جي حڪمرانن وٽ سڀ ڪجھ وسيلا  هئڻ باوجود جنهن شيء جو نالو نشان نظر نٿو اچي سا آهي سچي نيت ۽ پڪو ارادو! ياد رکڻ جي ڳالھ اها آهي ته تاريخ جي ڪنهن به ڪتاب ۾عظيم ڪارنامن جي فهرست ۾ صرف پئسو ڪمائڻ ڪنهن به ڪالم ۾ موجود نظر نه ايندو. تاريخ صرف انهن انسانن کي عظيم جي عنوان هيٺ جڳھ ڏئي ٿي جيڪي اصولن جي جنگ ۾ پئسي ۽ حوس جي بدران انساني اقدار ۽ اصولن جو ساٿ ڏيندا آهن! ماڻهن کي ان شيء سان ڪا دلچسپي ناهي ته اوهان جا اختيار ڪير ٿو اورانگھي ۽ ڪير ٿو توهان سان آئيني اره زورايون ڪري. آئين جي فلان شق ڇا ٿي چوي ۽ فلان قانون ڇاٿو چوي! عام ماڻهو ته اهو ٿا چاهين ته سندن ڪو جائز ڪم ڪنهن آفيس مان بنان رشوت جي ٿي وڃي. سندن ڪو حق بدديانتيء جو راڪاس نه کائي وڃي. سرڪاري اسپتالن ۾ پهچندڙ دوائون کين ملڻ کان پهرين ڪنهن ميڊيڪل اسٽور جي ور نه چڙهن.ڪا اسڪول جي ڇت بدعنوانيء جي بنياد تي نه ڀرجي جو سندن معصومن مٿان ڪري پوي. سرڪاري اسڪولن کي ملندڙ فنڊ ڪنهن فراڊ جو شڪار نه ٿين.سندن روڊ وقت کان اڳ سندن پيرن هيٺان رڙهي نه وڃن.کين مهانگائيء جو مانگر مڇ موت کان پهرين ماري نه رکي.  اهي آئين، دستور،اختيارن جون اڌ اکريون،هي قانوني تڪرار ، اهي اسيمبليون ۽ اجلاس،اهي تقريرون ۽ ترڪيبون، اهي اعلان، اظهار، دعوائون ۽ پريس جا پڙها، اهي ڀلي حڪمرانن لاء ڪيڏو به اهم ڇونه هجن پر عوام جو درد ڪجھ ٻيو آهي. سماج جا سور ڪجھ ٻيا آهن. ڪو آئيني بحث يا ڪو دستوري داستان جيڪر عوام جي بکئي پيٽ جي باھ وسائڻ جي لاء ڪافي آهي ته پوء ڪندا رهو اهي بحث ۽ ڇڏي ڏيو غريب عوام کي سندس حال تي،اهوئي status co

آهي.....!!!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو