Monday, April 18, 2016

اعتراضن جي ڌنڌ ۾ ٿيندڙ اڄوڪي سي سي آئي گڏجاڻي!

اعتراضن جي ڌنڌ ۾ ٿيندڙ اڄوڪي سي سي آئي گڏجاڻي!
شفيق شاڪر


هڪ ڊگھي وقفي کان پوء گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آئي) جو اجلاس اڄ 29 فيبروريء تي اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي.وفاقي حڪومت جو جيڪر وس هلي ها ته اها اڃا به ان آئيني گھرج کي نظرانداز ڪندي ماضيء جيان گڏجاڻي منعقد ڪرڻ کان گوٿ ناٿ جي پاليسيء جاري رکي ها پر صوبن مان اٿندڙ آواز،سنڌي ميڊيا جي دٻاء ۽ چيئرمين سينيٽ جي ڏنل سخت رولنگ کان پوء وفاقي حڪومت پنهن جي عافيت انهيء ۾ سمجھي ته اها گڏجاڻيء واري فارمليٽي “مڙيئي “ پوري ڪري وٺجي.“ مڙيئي” وارو لفظ اسان ان ڪري استعمال ڪيو جووفاقي حڪومت ننڍن صوبن جي ڪنهن به معاملي.مسئلي يا ڳڻتيء کي ڪڏهن به سنجيدگيء سان نه ورتو آهي ۽ نه ئي ان سلسلي ۾ پنهن جن آئيني ذميدارين کي خوشيء سان پورو ڪرڻ جي پاڻمرادو ڪڏهن ڪا ڪوشش ڪئي ويئي آهي.ڪنهن به دٻاء جي نتيجي ۾ جڏهن ڪو ڪم ڪيو وڃي ٿو ته پوء ڪوشش اهائي هوندي آهي ته دانهون ڪندڙن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح ريجھائي مڙيئي ڪم ٽپايو وڃي.ان ڪري ننڍن صوبن جي نمائندن کي گھڻي چستيء ۽ ڦڙتي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ پنهن جن صوبن جو ڪيس ڀرپور نموني پيش ڪرڻو پوندو. سمورن اهم معاملن تي وضاحت ۽ چٽائي هئڻ ضروري آهي.جو اڳيان هلي ڪٿي ڪنهن چالاڪيء کان ڏنگجي نه پئجي.اميد اها آهي ته سنڌ حڪومت سمورن اهم معاملن تي پنهن جو ڪيس مظبوطيء ۽ دليلن سان ٺاهيو هوندو ۽ انهي کي جيئن جو تيئن عوام جي حقيقي مرضيء ۽ خواهشن مطابق وفاق سامهون رکيو ويندو.هيء گڏجاڻي ان لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿي جو هڪ ته ڪافي عرصي جي وقفي کان پوء ٿي رهي آهي.ٻيو اهو ته هن وقت صوبا ارڙهين ترميم جي منظوريء کان پوء ڪيترن ئي مونجھارن ۽ مشڪلن جو شڪار آهن.انهيء سان گڏوگڏ صوبن جي مالي وسيلن جي حوالي سان ۽ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان به صوبن کي وفاق کان شديد تحفظات آهن.پاڻي ۽ بجلي جي منصوبن،گئس جي ورهاست ۽ ان جي رايلٽي جو مسئلو به اهم آهي جيڪو لازمي طرح هن گڏجاڻي ۾ بحث هيٺ ايندو.پر سڀني کان اهم ۽ وڏو مسئلو تجويز ٿيل آدمشماريء جو آهي جنهن جي  ٽائيم پيريڊ جي باري ۾ بلوچستان جو موقف سنڌ جي موقف کان بلڪل مختلف آهي.انهن جو موقف آهي ته في الحال آدمشماري گھٽ ۾ گھٽ ڇهن مهينن لا ملتوي ڪئي وڃي جنهن دوران بلوچستان جي اصل رهاڪن کي واپس پنهن جن گھرن ڏانهن اچڻ ڏنو وڃي ۽ بلوچستان ۾ موجود غيرملڪي پناه گيرن کي واپس پنهن جي ملڪ موڪليو وڃي.ان ڳالھ جو خيال نه رکيو ويو ته بلوچ آدمشماريء جي نتيجي ۾ اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. ٻئي طرف سنڌ جو موقف اهو آهي ته آدمشماري ڪنهن به صورت ۾ ملتوي نه ٿيڻ گھرجي پر سنڌ ۾ هڪ واضح سنجيده طبقو ان خيال جو آهي ته  آدمشماريء کان پهرين سنڌ ۾ موجود غيرملڪي پناه گيرن کي به سنڌ مان ڪڍيو وڃي پر جيڪڏهن موجوده حالتن ۾ اهو ممڪن ڪونهي تڏهن به گھٽ ۾ گھٽ ان ڳالھ کي سو سيڪڙو يقيني بنايو وڃي ته آدمشماري دوران هر طرح انهن غير ملڪين کي آدمشماريء واري عمل کان ٻاهر رکي سگھجي.سنڌ حڪومت ان نازڪ معاملي تي گڏجاڻيء ۾ ڪهڙو ٿي موقف اختيار ڪري اهو اڄ ڏسڻو آهي.انهيء کان پوء آدمشماريء جي پوري عمل دوران فوج جو موجود هئڻ به اهم اشو آهي جڏهن ته عسڪري قيادت طرفان ان عمل دوران ايڏي وڏي پيماني تي افرادي قوت مهيا ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي آهي. هاڻي ڏسجي ته ان معاملي جو اتفاق راء سان ڪهڙو حل ڪڍيو وڃي ٿو.هڪ ٻيو اهم معاملو وفاق جي ورهاست جوڳي پول مان فنڊن جي ورهاست آبادي ۽ پسماندگيء جي گڏيل نسبت سان ڪرڻ آهي جنهن تي صوبن ڀرفان سخت موقف ۽ مباحثي جو امڪان آهي.ڇو ته پنجاب جو اهو ئي ضد رهيو آهي ته اها ورهاست صرف آباديء جي بنياد تي ئي هئڻ گھرجي.ان گڏجاڻيء جي جيڪا ايجنڊا صوبن کي موڪلي ويئي هئي انهيء ۾ سي سي آئي جي 18 مارچ 2918ع واري اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي نظرثاني به شامل آهي.جن فيصلن ۾ پاور پاليسي 2015ع، تيل ۽ گئس جا معاملا،اسلام آباد ۽ پنڊيء کي گئس مهيا ڪرڻ،ڪڇي ڪينال منصوبي ۾ ٿيل گھوٻين،پبلڪ ڊيبٽ مينيجمينٽ ۽ سپرويزن پاليسي،پاڪستان توانائي جي اهليت ۽ ان جي تبديليء جوبل 2014ع،ارسا جي 1992ع واري ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ارڙهين آئيني ترميم کان پوء وفاقي حڪومت طرفان صوبن ڏانهن منتقل ڪيل سرڪاري ملازمن کي صوبائي کاتن ۾ ضم ڪرڻ جهڙا اهم معاملا به شامل آهن. سنڌ حڪومت آئل اينڊ گئس معاملي تي اهو موقف رکي ٿي ته سنڌ وٽ گئس جا پنهن جا ذخيرا ڪافي هئڻ ڪري کيس ايل اين جي استعمال ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ان ڪري سنڌ جي گئس ٻين صوبن کي ڌيئي سنڌ کي ايل اين جي استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ آئين جي خلاف آهي.اهڙيء طرح ارڙهين ترميم کان پوء جن ادارن کي صوبن جي حوالي ڪيو ويو هو انهن جا اختيار ۽ وسيلا اڃا تائين صوبن جي حوالي نه ڪيا ويا آهن .سنڌ هائير ايڊيوڪيشن ڪميشن سان به اهو ئي معاملو آهي جنهن جا سمورا اختيار اڃا تائين وفاقي حڪومت وٽ آهن.اهڙيء طرح 18 ترميم تحت سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ ۽ او اي بي آئي جا اختيار ۽ وسيلا اڃا سنڌ جي حوالي نه ڪيا ويا آهن.. سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ جا اوڳاڙيل ٽن ارب روپين جا فنڊ وفاقي حڪومت ڏاڍ مڙسي ڪري پاڻ وٽ رکيو ويٺي آهي ۽ بار بار جي مطالبن جي باوجود اها رقم سنڌ جي حوالي نه ڪئي ويئي آهي.بلوچستان حڪومت کيرٿر ۽ پٽ فيڊر ڪينالن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ،پاڻيء لاء زيرزمين پمپنگ،حب ڊيم مان پاڻيء جي متناسب ورهاست،آراو بي ڊي ٿري منصوبي ۽ بلوچستان ۾ گئس جي صحيح ورهاست ۽ استعمال وڌائڻ جهڙن معاملن کي پنهن جي ايجنڊا تي رکيوويٺي آهي.سنڌ حڪومت ٻين معاملن سان گڏوگڏ وفاقي حڪومت سان سندس مشوري کان سواء ايل اين جي ٻاهران گھرائڻ جي معاهدي تي سخت اعتراض ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اهڙيء طرح فرٽيلائزر سيڪٽر کي وفاقي حڪومت طرفان صوبن جي صلاح کان سواء سبسڊيء تي گئس مهيا ڪرڻ،گئس جي قيمتن کي پنهن جي مرضيء سان گھٽ وڌ ڪرڻ تي به سنڌ کي سخت اعتراض آهن.انهيء کان سواء سنڌ توڙي خيبرپختون خواه کي اهي شڪايتون به آهن ته  وفاق طرفان سمورا اهم فيصلا سي سي آئي جي بدران قومي اقتصادي ڪائونسل يا ڪابينا ڪميٽيء ۾ ٿين ٿا جن ۾ ننڍن صوبن جي ڪا نمائندگي موجود ناهي ايستائين جو انهن گڏجاڻين ۾ ڪيل فيصلن جي ڪاپي به صوبن کي مهيا نٿي ڪئي وڃي.شڪوه شڪايتن۽ اعتراضن جي ڌنڌ ۾ ٿيندڙ ان سي سي آئي اجلاس ۾ ننڍن صوبن جو عوام روشني ء جو ڪو ڪرڻو تلاش ڪري رهيو آهي.انهي اميد تي ته سنڌ جا حڪومتي نمائندا  پنهن جي صوبي جي عوام جي جائز ۽ اصولي موقف جي ضرور ترجماني ڪندا.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو