Monday, April 18, 2016

ڪرڪيٽ ۾ ڪهڙو تماشو ٿي رهيو آهي؟

ڪرڪيٽ ۾ ڪهڙو تماشو ٿي رهيو آهي؟
شفيق شاڪر
پاڪستان ۾ ڪرپشن،بدديانتي،اقربا پروري ۽ نااهليء جهڙيء طرح هر حڪومتي شعبي کي پنهن جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي اهڙيء طرح راندين جو شعبو به انهن وبائن کان محفوظ نه رهيو آهي . جنهن جون  ڪي ڪهاڻيون ميڊيا تي آيون آهن ۽ ڪجھ اچڻ واريون آهن.انهيء تي اچڻ کان پهرين ڪجھ ذڪر اسان جو معاشرو جتي سياست کي  راند ۽ راند  کي سياست بڻايو ويو آهي.عوام جي حالت اها جو انهن کي پاڪستاني ٽيم جي کٽڻ کان وڌيڪ انڊيا جي هارائڻ سان دلچسپي آهي،اهو ئي حال انڊيا ۾  آهي جتي پاڪستان جي هارائڻ تي خوشين جا دهل وڄايا وڃن ٿا.ڪرڪيٽ مئچ ٿي يا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فوجي جنگ ٿي ويئي!

پاڪستاني ڪرڪيٽ بورڊ جو ذڪر ڪجي ته جڏهن کان ڪمشرل ازم جو طوفان آيو آهي،ڪرڪيٽ راند نه پر واپار بڻجي ويو آهي.سٽن۽شرطن جو هڪ زبردست ڪاروبار هلندڙ آهي.واقعي راند ڏسندڙن جو انگ ٿورو،ٽيمن جي هار جيت واري معاملي سان دلچسپي رکندڙن جو تعداد وڌي ويو آهي.ڪرڪيٽ بورڊ هاڻي صرف دوڪانداريء وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.رڳو ڪرڪيٽ سان ئي اهو الميو ڪونهي پرٻين راندين جو حال به پورو آهي.فٽ بال ۾ هڪ عرصي کان معاملا شڪي آهن،ٽينس جي باري ۾ ڪيئي قصا سامهون اچي رهيا آهن.ڪنهن زماني ۾ سنڌ اندر ملاکڙو گھڻو پاپولر رهيو پر بعد ۾ ان راند ۾ به سٽي جي بدران “صلاح ” جو رموٽ ڪنٽرول اچي ويو جنهن ڪري ماڻهن جو ملهن تان اعتماد ئي کڄي ويو ۽ اڳتي هلي اڪثريت ملاکڙا ڏسڻ ئي بند ڪري ڇڏيا.جنهن ملڪ ۾ ڪڪڙن جي ويڙه کان وٺي ڪرڪيٽ جي ميدان تائين سٽو ئي سٽو هلندو هجي اتي راند جو اصل روح ئي ختم ٿيو وڃي.اڄ ڪلھ جيڪا بين الاقوامي ۽ قومي ليول تي ڪرڪيٽ کيڏي پيئي وڃي انهيء کان ٻهراڙين جي ميدانن ۾ کيڏجندڙ علاقائي مئچون سٺيون آهن. اڳ ۾ ان قسم جي ڪرڪيٽ جي تباهي  ڪڏهن به پاڪستان ۾ نه ڏٺي ويئي هئي.. پهرين ڀارت کان هارائڻ جي روايت برقرار رکيسين،پوء نيوزيلينڊ اسان کي ٽوٽا چٻايا ۽ آخر ۾ آسٽريليا کان هارائي ٽي ٽونٽي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر اچي وياسين.سمورين شڪستن باوجود سڌاري طرف ڪي سنجيده ڪوششون ڪرڻ بدران ڪرڪيٽ بورڊ ۾ اندروني جھنڊا پٽ ۽ الزامن جي راند شروع ٿي ويئي.هڪ طرف ڪپتان ۽ هيڊ ڪوچ جي وچ ۾ جنگ ڇڙي ويئي ته ٻئي طرف سالن کان ڪرڪيٽ بورڊ جي سموري اڇي ڪاري جي مالڪ بڻيل حضرت شهريار خان اهڙا ته الزامن جا گولا وسايا جو حالتون وڌيڪ خراب ۽ معاملا وڌيڪ منجھي ويا.ٽيم اڃا ملڪ کان ٻاهر هجي ٿي ته ڪپتان بدلائڻ جا بيان اچڻ شروع ٿي وڃن ٿا!هاڻي ته قوم کي ڪرڪيٽ هارائڻ جي ڄڻ عادت پئجي ڇڪي آهي.اسان جي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جا معاملا هاڻي ايترا ته مشڪوڪ ٿي ويا آهن جو هر ماڻهوء کي هر هار ۽ جيت جي پويان ڪانه ڪا سازش نظر اچي ٿي. اها ڳالھ هاڻي واضح آهي ته ڪرڪيٽ بورد جي معاملن ۾ وڏي گڙٻڙ آهي .نجم سيٺي،شهريارخان ۽ وقار يونس توڙي شاهد آفريدي سڀ ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ پاڪستان جي ٿيندڙ تماشي جا ذميدار آهن پر ڪوبه انهن مان پنهن جي جاء خالي ڪرڻ لاء تيار ناهي.هڪ طرف ڪو منجھانئن استعفا ڏئي ٿو ته ٻئي ڏينهن واپس وٺي ٿو.هرڪو هر حال ۾عهدي سان چنبڙيل رهي پنهن جي مرَي هلائڻ گھري ٿو.تازو پاڪستاني ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس جي هڪ خفيا رپورٽ جو ذڪر ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ وقار الزامن جو هڪ ڊگھو چٺو لکيو آهي.معين خان جي باري ۾ اهو الزام لڳايو ويو آهي ته هو ڪجھ خاص رانديگرن کي پاڻ سان گڏ ٻاهر وٺي ويندو هو ۽ انهن کي سوکڙيون پاکڙيون ڏياريندو هو.هاڻي جيڪر اهو الزام سچو آهي ته پوء قوم پنهن جن انهن سپر اسٽار رانديگرن جي ڪردار جي باري ۾ ڪهڙو اندازو لڳائي!ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انظاميه جي حوالي سان ڪرپشن جي تحقيقاتي لسٽ ۾ ڪيترائي اهم نالا تڪڙو اچڻ وارا آهن.هڪ صحافيء جنهن کي خبر ناهي ڪهڙي خدمت جي بدلي ڪرڪيٽ بورڊ تي ٿاڦيو ويو آهي تنهن ته هيڪاري ڪرڪيٽ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي.ان سڄي صورتحال ۾  معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ جي سلسلي ۾ عوام کي جيڪر ڪو ڪم يا ڪارڪردگي نظر آئي سا اها ته هيستائين رڳو هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن.اهو ڏينهن ناهي جڏهن ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوء ڪونه ڪو الزام ٻين تي نه هنيو هجي. پاڪستاني شائقين گذريل ستن سالن کان مسلسل پاڪستاني قومي ٽيم جي ڪا فضيلت ڀري ڪارڪردگي ڏسڻ کان محروم ٿي چڪا آهن،هاڻي ٿرڊ ڪلاس جي غيرملڪي ٽيمن کي  وڏين قيمتن تي پنهن جي ملڪ ۾ گھرائي ماڻهن کي زبردستيء انٽرنيشنل مئچون ڏيکاريون پييون وڃن. جڏهن ته ٻين ملڪن جي ٽيمن سان کيڏڻ لاء اسان کي سرڪاري خرچ تي پنهن جي ٽيم شارجه ۽ دوبئي موڪلڻي پوي ٿي.اسان جي ٽيم هاڻي ڄڻ ته هڪ “ موبائيل ڪرڪيٽ يونٽ” بنجي ويئي هجي.انتظار ڪرڻ گھرجي پاڪستان ڪرڪيٽ بورد جي چڱن مڙسن جي انهن ڪارن چٺن جو جيڪي جلد ئي کلڻ وارا آهن.هئڻ ته ايئن گھربو هو ته اهي حضرت جيڪي انهن انتظامي عهدن تي ويهي قوم جي خزاني تي فضول بار بنيل آهن اخلاقي طور تي خود ئي گھر هليا وڃن ها پر پاڪستان ۾ ڪنهن به ڪرسيء سان چنبڙيل ڪو ماڻهو صرف تڏهن ئي ڪرسيء مان هٿ ڪڍندو آهي جڏهن هو وقت پورو ڪري يا وري وقت هن کي پورو ڪري ڇڏي!.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو