Monday, April 18, 2016

2015ع جا ڪجھ عالمي واقعا.

2015ع جا ڪجھ عالمي واقعا.
شفيق شاڪر

 چيو وڃي ٿو ته اڄ تائين ڪوبه وقت جي زوراور گھوڙي کي لغام پارائي نه سگھيو آهي.  اهو برف جيان پگھري هٿن مان نڪري وڃي ٿو سو سال 2015 به خير سان ختم ٿيڻ تي آهي. هن سال دنيا جي نقشي تي  پنهنجا ڪئين مثبت ۽ منفي اثر ڇڏيا، ڪيترن ئي واقعن کي جنم ڏنو ۽ ڪيترن ئي نون چيلينجز کي آڻي دنيا جي سامهون بيهاريو آهي.هونئن ته هن سال عالمي سطح تي ڪيترائي وڻندڙ ۽ اڻ وڻندڙ واقعا ظهور پذير ٿيا پر اسان مختصر  طور تي اهڙن صرف چند عالمي واقعن تي نظر گھمائينداسين.
*......هن سال جي شروع ۾ ئي فرانس جي گاديء واري شهر پيرس ۾ دهشتگرديء جو واقعو
پيش آيو.ستين جنوريء تي بنيادپرستن پيرس ۾ طنزومزاح جي هڪ ميگزين  جي دفتر۽ هڪ سپر مارڪيٽ تي حملو ڪري سترهن ماڻهو ماري ڇڏيا جڏهن ته نومبر ۾ پيرس ۾ ئي ڪيترين ئي جاين تي حملو ڪري دهشتگردن 130 ماڻهو قتل ڪري ڇڏيا.
*.....جنوريء ۾ نائيجيريا ۾ بوڪوحرام ڏيڍ سو شهرين کي قتل ڪري ڇڏيو،اپريل ۾ الشباب جي باغين ڪينيا۾152 ماڻهن کي ماري ڇڏيو،مارچ ۾ 22 شهري تيونس ۾ دهشتگرديء جو کاڄ بڻيا،بغداد ۾ ڪار بم ڌماڪي ۾130 جڏهن ته انقره ۾ بم ڌماڪي ۾ اٽڪل 100 ماڻهن جي جان هلي ويئي
*.......سعودي عرب ۾ مذهبي آزاديء جي علمبردار هڪ بلاگر رائف بدويء کي ڏھ سال قيد ۽ هزار ڪوڙن جي سزا ٻڌائي ويئي ۽ جنوريء ۾ رائف بدويء کي 50 ڪوڙا هنيا ويا.
* ......يونان ۾ ڪيتري ئي عرصي کان حڪومت جي بچت وارن قدمن مان بيزار ٿي عوام کاٻي ڌر جي سيريزا پارٽيء کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪيو،ايليڪس سپراس وزيراعظم بنيو جنهن ايندي ئي بچتن وارا پروگرام ختم ڪري ڇڏيا.
* .....سعودي عرب جي اڳواڻيء ۾ يمن جي حوثي باغين جي خلاف هڪ فوجي اتحاد قائم ڪيو ويو،26 مارچ تي انهيء اتحاد يمن ۾ حوثي باغين تي بمباري شروع ڪري ڏني، گذريل اٺن مهينن ۾ يمن ۾ اٽڪل ٻن هزارن کان مٿي بي گناه ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن.
*.........اپريل جي ٻئي هفتي ۾ يورپ کان ايندڙ چار سو پناھ گير بحيره روم جي رستي۾ ٻڏي مري ويا.اهڙا افسوسناڪ واقعا اڳ۾ به ڪئين ٿي چڪا هئا جنهن ڪري يورپي يونين کي سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو هو.
*.........مصر جي عدالت مصر جي جمهوري طور تي چونڊيل پهرئين صدر محمد مرسيء کي سازش جي الزام۾ موت جي سزا ٻڌائي،هن کي هڪ فوجي بغاوت جي ذريعي اقتدار کان محروم ڪيو ويو هو.
*.......دهشتگرد تنظيم اسلامڪ اسٽيٽ شام جي قديم شهر پالميرا تي قبضو ڪري اتي جي تاريخي ماڳن ۽ ثقافتي ورثي کي تباه ڪري ڇڏيو. ”معبد بل“ جا هن شهر ۾ موجود کنڊر اٽڪل 2000 سال پراڻا هئا.
*......ڪيٿولڪ ملڪ آئرلينڊ ۾ هم جنس پرستن کي پاڻ ۾ شاديء جي اجازت ڏيڻ لاء 22 مئي تي ريفرينڊم ڪرايو ويو جنهن ۾ عوام جي وڏي اڪثريت شاديء جي حق ۾ فيصلو ڏنو جنهن کان پوء ان قسم جي شاديء جي اجازت ڏني ويئي آهي، ياد رهي ته جون ۾ آمريڪا جي سپريم ڪورٽ به ان قسم جي شادين تي لڳل پابندي ختم ڪري چڪي آهي.
*....... تيرهن سالن جي ڪوششن بعد آخرڪار ايران جي ايٽمي پروگرام جو حل نڪري آيو، اقوام متحده جي مستقل ميمبرن ۽ جرمنيء سان ايران جو اهو ٺاھ ٿي ويو ته ايران پنهنجي يورينيم جي ذخيرن ۾ گھٽتائي آنيندو جنهن جي بدلي ۾ مغربي ملڪ ايران تي لڳل پابندين ۾ نرمي ڪندا.
*.......آمريڪا چوونجاھ سالن جي دشمنيء کان پوء ڪيميونسٽ ڪيوبا سان سفارتي تعلقات بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا فيڊرل ڪاسترو طرفان آندل ڪيوبا ۾ فوجي انقلاب کان پوء ختم ٿي ويا هئا.
*......... چين تيز رفتار صنعتي ترقي ۽ چين جي پوڙهي ٿيندڙ آباديء جي معاملي کي پيش نظر رکندي ” في خاندان هڪڙو ٻار “ واري پاليسيء کي ختم ڪري ڇڏيو. هاڻي چين ۾ في جوڙي کي هڪ وڌيڪ جوڙو پيدا ڪرڻ جي اجازت هوندي.
*.........مشرقي ايشيائي ملڪ ميانمار ۾ پنجويھ سال بعدنومبر۾ ٿيل چونڊن ۾ نوبل انعام يافته آنگ سان سوچيء جي جمهوري پارٽيء کي ڪاميابي ملي ويئي،ميانمار جي پارليامينٽ جون 25 سيڪڙو سيٽون فوجي نمائندن لاء مخصوص ٿيل آهن.
*......عالمي برادريء موسمياتي تبديلين جي حوالي سان آخرڪار سنجيدگيء جو ثبوت ڏيندي ڊسمبر ۾ پئرس ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ هڪ معاهدي تي متفقه طور تي صحيصون ڪري ڇڏيون.دنيا جي 195 ملڪن اهو فيصلو ڪيو ته اهي فضا جي گرميء جي درجي کي ٻن درجن کان وڌڻ نه ڏيندا.
shafiquershakir@gmail.com

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو