Thursday, April 14, 2016

“پاناما ليڪس” ؛وزيراعظم جي استعيفا يا نااهليء جو امڪان؟



“پاناما ليڪس” ؛وزيراعظم جي استعيفا يا نااهليء جو امڪان؟
شفيق شاڪر


پاناما ليڪس جي آندل عالمي بونڇال دنيا جي ڪيترن ئي حڪمرانن ۽ شخصيتن جي نڪ ۾ دم ڪري رکيو آهي.پاڪستان ۾ انهن پيپرز جو گھڻي ۾ گھڻو نزلو نوازشريف ۽ سندس خاندان جي مٿان ڪريو آهي.توڙي جو نوازحڪومت جا ڪيترائي درٻاري وزير ۽ مشير ان معاملي کي مذاق واري انداز ۾ وٺندي ميڊيا تي غيرمعقول قسم جا بيان ڏيندي نظر اچن ٿا پر خود نواز شريف ۽ پاڪستان جي ٻين چوٽيء جي اڳواڻن کي ان معاملي جي سنگينيء جو پوريء طرح احساس ۽ ادراڪ پهرئين ڏينهن کان ٿي چڪو آهي ته اهو معاملو ايترو هلڪو ۽ آسان ناهي جنهن مان سياسي ڪرتبن ۽ بيان بازين جي ذريعي جان ڇڏائي سگھجي.اها به حقيقيت آهي ته انهيء ڌٻڻ ۾ نه رڳو اهو ته نوازشريف سياسي طور تي بلڪل اڪيلو ٿي چڪو آهي،ايستائين جو سندس پنهن جي خاندان جا ڪجھ فرد توڙي سندس سياڻا وزرير مشير ۽ ٻيا سياسي اتحادي به هن وقت پنهن جو پاڻ کي ان سڃي معاملي کان پاسيرو رکندي نظر اچن ٿا.ايستائين جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جو ڪو بيان به هيستائين پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاء نه مليو آهي. شهبازشريف جي گھر واري تهمينا درانيء جو پهرئين ڏينهن کان آيل بيان به گھڻو معني خيز آهي ۽ مبصرن مطابق انهيء بيان جا پيرا به خود نوازشريف جي خاندان طرف ويندي معلوم ٿين ٿا.جيستائين پاڪستان ۾ نوازشريف جي ان معاملي تي سياسي حمايت جو سوال آهي ته جي يو آئي (ف) کي ڇڏي ڪري ٻي ڪابه سياسي پارٽي کلي ڪري نوازشريف جو ساٿ ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نظر نٿي اچي.عمران خان جيڪر ماڻهن کي حڪومت جي خلاف موبيلائيز ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿو وڃي ته ٻيون پارٽيون جيڪي ماضيء ۾ عمران خان جون مخالف رهيون آهن اهي به عوامي تيور ڏسندي حڪومت مخالف تحريڪ ۾ شامل ٿي وينديون. پيپلز پارٽيء تي مشتمل اپوزيشن جيڪا هيستائين هر طرح نواز شريف جو ساٿ ڏيندي آئي آهي،پاناما ليڪس واري معاملي تي اها ٻن واضح ڌڙن ۾ ورهائبي نظر اچي ٿي. هڪ طرف آصف زرداري،خورشيد شاه ۽ قائم علي شاه گروپ آهي جيڪو بيانن جي حد تائين ته صاف شفاف تحقيقات جو مطالبو ڪري رهيو آهي پرنوازشريف جي استعيفا واري مطالبي جي حق ۾ نه آهي،ٻين لفظن ۾ هو هرقيمت تي نوازشريف سان نينهن نڀائڻ گھري ٿو.جڏهن ته ٻئي طرف اعتزاز احسن،قمرالزمان قائره ۽ رضا رباني گروپ آهي جيڪوهر قيمت تي نوازشريف جو ڪڙو احتساب چاهي ٿو پوء ان احتساب جي نتيجي ۾ نوازشريف کي گھر وڃڻو ئي ڇونه پوي! ان سڄي صورتحال کي ٿڌو ڪرڻ لاء حڪومت انڪوائري ڪميشن جي قيام واري اٽڪل سوچي هئي ته جيئن هڪ طرف معاملو ٿڌو ٿي وڃي ته ٻئي طرف اهڙي ڪميشن ۾ پنهن جي مرضيء جو ڪو رٽائرڊ جج لڳائي سمورن الزامن کان ڪلين چٽ حاصل ڪري سگھجي پر اهو منصوبو به بريء طرح ناڪام ٿي ويو جڏهن حڪومت مخالف حلقن اهڙي ڪنهن ڪميشن تي اعتماد ڪرڻ کان انڪار ڪندي جاچ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي اڳواڻيء ۾ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.اهو مطالبو حڪومت ان ڪري پورو نٿي ڪري سگھي جو خود نوازشريف ءُ سندس ٻيا ويجھا ساٿي چڱي نموني سمجھن ٿا ته جاچ اها ناهي ٿيڻي ته پاناما پيپرز سچا آهن يا ڪوڙا؟ اهي پيپر سو سيڪڙو سچا آهن جو انهن جي تحقيق اڳ ۾ ئي عالمي ليول تي معتبر ادارن طرفان پوري سال تائين ڪئي ويئي آهي ۽ هاڻي صرف ثابت ٿيل حقيقتون ئي سامهون آنديون وييون آهن ته پوء انهن پيپرز جي حوالي سان باقي ٻي ڪهڙي جاچ ٿيڻي آهي! اصل ۾ جاچ اها ٿيڻي آهي ته انهن ڪمپنين ۾ اهو جيڪو پئسو لڳايو ويو اها ڪٿان آيو ۽ اهو پئسو انهن ڪمپنين ۾ ڪهڙي طريقي سان پهتو.  ججن واري جاچ ڪميشن جي قيام ۾ ناڪاميء کان پوء حڪومت هڪ ٻيو پتو کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيڪر مخالف ڌر راضي ٿئي ته معاملي جي جاچ آيف آئي اي کان ڪرائي وڃي پر اهو وکر به وڪجي نه سگھندو جو سڀني کي خبر آهي ته ايف آئي اي وزارت داخلا جو ذيلي ادارو آهي جيڪو حڪومت جي اثررسوخ کان آزاد رهي ڪري هيء جاچ ڪيئن ڪري سگھندو.باقي نيب جو آپشن رهجي وڃي ٿو سو نيب جو ماضيء ۾ جيڪو ريڪارڊ رهيو آهي،سوال ئي نٿو پيدا ٿئي ته ڪابه ڌر ان جي جاچ تي اعتماد جي لاء تيار ٿئي.اهڙيء طرح جاچ وارو معاملو ايئن سمجھو ته دم ٽوڙي چڪو آهي ۽ حڪومت ان معاملي ۾ بلڪل بيوس بڻيل نظر اچي ٿي.هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوء آخر هي معاملو ڪيئن حل ٿيندو؟ حالتون اهو ٿيون ٻڌائين ته نوازشريف کي دير يا سوير پر استعيفا واري آپشن طرف ئي وڃڻو پوندو ۽ شايد هاڻي هن ان رخ ۾ سوچڻ به شروع ڪري ڇڏيو آهي.جيڪر نوازشريف فرض ڪريو ته استعيفا نٿو ڏئي ته به وزارت عظميٰ جي ڪرسي تي ڪنهن نه ڪنهن طرح چهري جي تبديلي هرصورت ۾ ممڪنات ۾ شامل ٿي چڪي آهي.ان جو مطلب لازمي اهو ناهي ته اهو ڪم ڪنهن غيرسياسي عمل جي ذريعي ٿئي پر عين ممڪن آهي ته سپريم ڪورٽ ان معاملي جو ازخود نوٽيس وٺندي يا اليڪشن ڪميشن آئين جي آرٽيڪل 63 تحت ڪا ڪاروائي ڪندي موجوده وزيراعظم کي گھر ڀيڙو ڪري ڇڏي.اهي اهڙا امڪان آهن جن تي خود حڪومتي ويجھن حلقن ۾ سنجيدگيء ۽ پريشانيء وچان برابر غور ۽ فڪر ٿي رهيو آهي. ايستائين جو استعيفا يا نااهليء جي صورت ۾ ايندڙ وزيراعظم جي نالن تي به اتفاق راء جون ڪوششون شروع ڪيون وييون آهن.معاملي جي سنگينيء جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته وزيراعظم ترڪي ۽ آمريڪا جا پنهن جا طي ٿيل دورا منسوخ ڪندي اوچتو لنڊن جي سفر جي تياري ڪري رهيو آهي.مبصرن مطابق لنڊن ۾ هو ڪجھ اهم سياسي شخصيتن سان به ان معاملي ۾ حتمي صلاح مشورا ڪندو.ايندڙ هفتن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۾ ٿڌاڻ جي بدران وڌيڪ گرما گرميء جي توقع ڪئي پيئي وڃي جنهن ۾ عمران خان جو 24 اپريل وارو جلسو ۽ انهيء جلسي کان پوء طيء ڪيل لاحئه عمل نئين سياسي صورتگريء ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهو ته ٿيو ملڪي ليول تي ردعمل پر عالمي سطح تي به گھڻو ڪجھ ٿي رهيو آهي.ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستاني وزيراعظم جي انهن معاملن جي الڳ جاچ ڪري رهي آهي.جن معاملن ۾ آف شور ڪمپينن جي اشوء کان علاوه نوازشريف جي ٻاهرين ملڪن ۾ موجود ملڪيت کان ويندي مختلف عالمي ڪمپنينن کان وصول ڪيل ڪميشنن جو قصو به شامل آهي.پاڪستان حڪومت ڀلي انهن معاملن جي ڪا جاچ نه به ڪرائي پر ڇا عالمي ليول تي مختلف جاچ ادارا جيڪي تيزيء سان حرڪت ۾ اچي ويا آهن،انهن جي جاچ کي ڪير روڪي سگھندو. اهو به سمجھڻ جي ضرورت آهي ته پاناما جي پريشان ڪندڙ پنن مان اڃا صرف ڪجھ پنا  ٽيلر جي طور تي سامهون آيا آهن،اصل فلم ته پويان آهي جيڪا خبر ناهي ڪيترن عالمي ليڊرن توڙي پاڪستاني اشرافيا جا پٽڪا ڌوڙ ڪندي.

روزاني سرواڻ 13 اپريل 2016ع

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو