Monday, April 18, 2016

سائينء جي اسلام آباد ياترا ۽ چوڌري نثار جي تيز تقرير..!

سائينء جي اسلام آباد ياترا ۽ چوڌري نثار جي تيز تقرير..!
شفيق شاڪر

وزيراعظم نوازشريف جي دعوت تي وڏي وزير جي قيادت ۾ اسلام آباد ياترا تي ويل  سنڌ سرڪار جو وفد هٿين خالي واپس سنڌ پهچي چڪو آهي.فرق اهو آيو آهي جو سنڌ جي وزيرن ۽ مشيرن جا لهجا ڪجھ جھڪا محسوس ٿي رهيا آهن.ملاقات ۾ڳالهيون ته گھڻيون ٿيون پر لڳي ٿو ته هن دفعي به سنڌ جي وفد لاء اسحاق ڊار وارو عظيم مفاهمتي فارمولو ڪا ڪرامت ڏيکاري نه سگھيو ۽ في الحال چوڌري نثار سنڌ حڪومت سان رينجرز واري معاملي تي ڪا به لچڪ ڏيکارڻ جي لاء تيار نظر نٿو اچي ۽ سنڌ حڪومت ساڳيء پگھار تي ڪم ڪرڻ لاء مجبور ڏسڻ ۾ اچي ٿي.سنڌ حڪومت طرفان ڊگھا ڊگھا داستان ۽ شڪايتن جا دفتر کولڻ جي باوجود جيڪا شيء جواب ۾ پلئه پيئي سا اها ته في الحال وفاقي حڪومت وارو نوٽيفڪيشن ئي ڪارگر رهندو۽ اهو ڪنهن به صورت ۾ واپس نه ٿيندو.سنڌ حڪومت جيڪا ايڏو وڏو موقف ڪنهن جن ابتين صلاحن تي وٺي بيهي رهي ان جي لاء آسانيء سان پوئتي هٽڻ وڏي شرمندگيء جو سبب بڻجي ويندو.سو گھڻو ڪري ان معاملي جو حل اهو ڳولهيو ويو آهي ته چوڌري نثار ايندڙ ڪجھ ڏينهن ۾ ڪراچيء ايندو ۽ سائين قائم علي شاه کي سندس ڪپتانيء جو تاج کيس واپس پارائي، پريس ڪانفرنس ۾ سائينء جي ڪجھ واکاڻ ڪندو۽ سائين به سموري ڇڪتاڻ جو سبب ڪنهن غلط فهمي کي قرار ڏيئي وفاقي حڪومت سان پوري يڪجهتيء جو اعلان ڪندو.ايئن به ٿي سگھي ٿو ته وفاقي حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن واپس وٺي سنڌ حڪومت کي ساڳيو نوٽيفڪيشن ترميم جي صورت ۾ جاري ڪرڻ جي صلاح ڏني وڃي. هوڏانهن چوڌري نثار سينيٽ ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي حوالي سان زوردار تقرير ڪري سينيٽرن کي اهڙو ته سوڙهو ڪيو جو سينيٽ ۾ سڪون لڳو پيو هو.پنهنجي وزارت جي گذريل ڇهن مهينن جي رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ سان گڏ چوڏري صاحب جو چوڻ هو ته نيشنل ايڪشن پلان پوري ملڪ جي سلامتي جو پلان آهي انهيء تي سياست نه هئڻ گھرجي.هن جوچوڻ هو ته ڪجھ ماڻهن سياسي حڪومت کي مذاق جو نشانو بنائڻ جو ڌنڌو اختيار ڪري ورتو آهي پر انهن کي ڪجھ ته ڪريڊٽ سياسي حڪومت کي به ڏيڻ گھرجي.
سينيٽ ۾ پيش ٿيل وزارت داخلا جي رپورٽ مطابق دهشتگردي ايڪٽ تحت 329 ڏوهارين کي ڦاسي ڏني ويئي،نفرت انگيز تقريرون ڪرڻ تي 2333 ڪيس داخل ڪري 2163 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته نفرت انگيز مواد رکڻ تي 73 دوڪان به سيل ڪيا ويا.لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال تي 9006 ڪيس داخل ڪري 9142 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا.سيڪيورٽي ادارن جي ڪاروائين ۾ 2142 دهشتگرد ماريا ويا ۽ 1711 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا.دهشتگردي جي خاتمي لاء يارهن تڪڙيون عدالتون جوڙيون وييون.13 تنظيمن جا نالا يواين ايس سي آر ۾ وڌا ويا ۽ مختلف تنظيمن سان تعلق رکندڙ 8195 ماڻهن جا نالا چوٿين شيڊول تي رکيا ويا.بايو ميٽرڪ تصديق جي ذريعي 9ڪروڙ 83 لک غيرقانوني موبائيل سمس بلاڪ ڪيون وييون.35 صفحن تي ٻڌل ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بندش پيل تنظيمن جون 10 ويب سائيٽون ۽ 933 ويب لنڪس بند ڪيون وييون. رپورٽ موجب ڪراچيء ۾ آپريشن بعد ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ 53 سيڪڙو، دهشتگرديء جي شرح ۾ 80 سيڪڙو،چوريء ۽ ڌاڙن جي وارداتن ۾ 30 سيڪڙو جڏهن ته ڀتاخوريء جي وارداتن ۾ 56 سيڪڙو ڪمي آئي آهي.
رپورٽ مطابق بلوچستان ۾ 625 فراري ڪمانڊرن هٿيار ڦٽا ڪيا جڏهن ته وڌيڪ 125 ڪمانڊر هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاء تيار آهن. مدرسن جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 190 مدرسن کي ٻاهرين ملڪن کان مالي امداد ملي ٿي جن مان 147 مدرسا پنجاب،6 سنڌ،7 ڪي پي ڪي ۽ 30 بلوچستان ۾ آهن جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 182 مدرسا سندن مشڪوڪ قسم جي ڪاروائين سبب بند ڪيا ويا آهن.
سينيٽ ۾ تقرير ڪندي چوڌري نثار خان جو چوڻ هو ته غيرملڪي قوتون پاڪستان جي سڀني مدرسن کي هروڀرو بدنام ڪرڻ جي مهم هلائي رهيون آهن جڏهن ته دهشتگرديء جي ڪاروائين ۾ ملوث گھڻن ڏوهارين جو تعلق مدرسن سان نه پر ڪاليجن ۽ يونيورسٽين سان رهيو آهي.تنهن هوندي به حڪومت مدرسن ۾ سڌارن تي سنجيدگيء سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ انهن جي رجسٽريشن لا هڪ متفقه فارم تيار ڪيو ويو آهي. غيرملڪي اين جي اوز جي حوالي سان هن جو چوڻ هو ته  اهڙين سمورين اين جي اوز کي رجسٽر ڪيو ويو آهي. مولانا عبدالعزيز جي معاملي تي پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري نثار جو چوڻ هو ته مولانا عبدالعزيز تي نه ته ڪو ڪيس داخل آهي ۽ نه حڪومت وٽ هن جي خلاف ڪي ثبوت آهن جو هن جي خلاف ڪا ڪاروائي ڪري سگھجي البته جيڪڏهن معزز ميمبرن وٽ ڪي اهڙا ثبوت موجود آهن ته اهي حڪومت جي حوالي ڪيا وڃن ته حڪومت ضرور ڪاروائي ڪندي.

جيڪر حقيقت پسنديء سان ڏٺو وڃي ته وزارت داخلا جي اها رپورٽ گھڻي حد تائين تسلي بخش آهي توڙي جو نيشنل ايڪشن پلان تي عمل درآمد جي معاملي ۾ حڪومت جون ڪيتريون ئي ڪمزوريون  ۽ خاميون به موجود آهن پرمجموعي طور تي اها ڪارڪردگي بلڪل مايوس ڪندڙ به ناهي جنهن جي لاء سياسي حڪومتن کي به ڪجھ نه ڪريڊٽ ضرور ڏيڻو پوندو ۽ گھڻي شاباس موجوده فوجي قيادت،قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ چوڌري نثار جي حصي ۾ وڃي ٿي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو