Monday, April 18, 2016

2015ع........ ميڊيا جا ڪجھ مکيه موضوع.

2015ع........ ميڊيا جا ڪجھ مکيه موضوع.
شفيق شاڪر

سال 2015ع مجموعي طور تي پاڪستاني سياست لاء افواهن ۽ غيريقينيء جي صورتحال وارو سال رهيو. گذريل سال جي آخر ۾ آرمي پلڪ اسڪول پشاور ۾ پيش آيل دهشتگرديء جي واقعي قوم، سياستدانن ۽ مليٽريء جي سوچن تي تمام گھڻا اثر ڇڏيا ۽ پوري قوم کي ان نڪتي تي متفق ڪري ڇڏيو ته دهشتگردي ڪهڙي به شڪل ۾ هجي ۽ ڪهڙي به نالي تي هجي  پر انهيء جو ڪنهن به طرح نه ته جواز پيدا ڪريسگھجي ٿو ۽ نه ئي ان کان هاڻي چشم پوشي اختيار ڪري سگھجي ٿي .
*.....نيشنل ايڪشن پلان ؛...انهيء سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ سمورن سياستدانن جي وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪل جمائتي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ اعلى فوجي قيادت به شريڪ ٿي ۽ دهشتگرديء خلاف هڪ نيشنل ايڪشن پروگرام جوڙيو ويو،اها خبر به سال جي اهم موضوعن جي طور تي بحث هيٺ رهي.
*......ايڪويهين آئيني ترميم ۽ فوجي عدالتون ؛......نيشنل ايڪشن پلان موجب آئين ۾ ترميم ڪري قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي خاص اختيارات ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، انهيء ترميم جي سهاري حڪومت کي اهو اختيار ملي ويو ته اها ٻن سالن جي لاء دهشتگردن کي تڪڙيون سزائون ڏيڻ لاء فوجي عدالتون قائم ڪري سگهي ٿي. انهيء معاملي تي به پارليامينٽيرين، وڪيلن ۽ صحافين طرفان ڪافي مخالفت سامهون آئي بهرحال حڪومت قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ مان اها ترميم منظور ڪرائي ورتي.
*.....ڪراچي آپريشن ؛.. رينجرز طرفان شروع ڪيل ڪراچي آپريشن جو موضوع به گھڻو متنازعه رهيو. اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم پهرين ته ڪراچيء ۾ فوج گھرائڻ جو گڏيل مطالبو ڪيو پر آپريشن جڏهن لياريء مان نڪري ايم ڪيو ايم جي حدن ۾ گھڙيو ته ايم ڪيو ايم رڙيون شروع ڪري ڏنيون.آپريشن جي نتيجي ۾ ڪراچيء جي حالتن ۾ واضح بهتري ڏسڻ ۾ آئي.
*....الطاف حسين جون تقريرون ؛ ... الطاف حسين جون فوج ۽ ريجرز جي خلاف جذباتي ۽ نفرت ڏياريندڙ تقريرون به سال جي گرم موضوعن جو مرڪز رهيون. ايستائين جو لاهور هاء ڪورٽ طرفان سندس تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي هنئي ويئي.
*.....ٿر ۾ ٻارڙن جو موت ؛ ... ٿر ۾ آيل خطرناڪ ڏڪار جي نتيجي ۾ ٻارڙن جو وڏي انگ ۾ بکن ۽ بيماريء سبب مرڻ وار معاملي تي سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ لاپرواهي به  تمام گھڻي تنقيد جو نشانو بڻي.
*....صولت مرزا جي وڊيو ؛.... ڦاسيء جي انتظار ۾قيد صولت مرزا جي اعترافي بيانن تي مشتمل  وڊيو جي اوچتو منظرعام تي اچڻ ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏي جنهن ۾ هن پنهنجو پاڻ کي ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن ثابت ڪندي اهو به انڪشاف ڪيو ته هن ڪي اي ايس سي جي ايم ڊي شاهد حامد کي قتل ڪرڻ سوا ٻيا به ڪيترائي قتل الطاف حسين،بابر غوري ۽ ايم ڪيو ايم جي ٻين اڳواڻن جي هدايتن تحت ڪيا هئا. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي قيادت صولت مرزا سان لاتعلقي ظاهر ڪري رهي هئي. پر ميڊيا تي اهي فوٽيج به ڏيکاريا ويا جن ۾ ايم ڪيو ايم جا ڪيئي اڳواڻ هن سان جيل ۾ ملندا رهيا هئا.بهرحال صولت مرزا کي 12 مئي تي مڇ جيل ۾ ڦاسي ڏني ويئي.
*....نائين زيرو تي ڇاپو ؛...  رينجرز جي هڪ وڏي اٽالي 12 مارچ تي ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تي ڇاپو هڻي اتان سورهن کان مٿي ڏوهاري ۽ وڏي تعداد ۾ غيرقانوني هٿيار هٿ ڪيا.گرفتار ٿيندڙن ۾ ايم ڪيو ايم جو مرڪزي رهنما عامر خان به شامل هو.رينجرز جا ان سلسلي ۾ جاري ڪيل پريس رليز ۽ ايم ڪيو ايم طرفان ترديدي بيان به ميڊيا جي بحثن جو موضوع بڻيا رهيا.
*....آصف علي زرداريء جي تقرير ؛... 16 جولاء تي سابق صدر جناب آصف زرداريء اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي نهايت ئي جذباتي انداز ۾ فوجي قيادت خلاف سخت لفظ استعمال ڪيا ۽ اهو چيو ته جيڪڏهن سندن ڇيڙڇاڙ بند نه ڪئي ويئي ته هو پاڪستان جي “ اينٽ سي اينٽ بجا دي گا” جنهن کان پوء هن ايندڙ ممڪن  ڏکي صورتحال کان بچاء لاء خودساخته عارضي جلاوطني اختيار ڪندي دبئيء جو رخ ڪيو ۽ گذريل ڪيترن مهينن کان ملڪ کان ٻاهر آهن ۽ تازو ٿيل محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيء ۾به شريڪ نه ٿي سگھيا.
*.....ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري ؛ ...ڊاڪٽر عاصم جي مختلف سنگين ڏوهن جي الزام هيٺ رينجرز طرفان گرفتاريء به پاڪستان جي ۽ خاص طور تي سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڪافي اثر ڇڏيا آهن. آصف علي زرداريء جو تمام ويجھو دوست سمجھيو ويندڙ ڊاڪٽر  عاصم حسين تي نه رڳو سنگين ڪرپشن جا پر دهشتگردن جي مالي معاونت، بندش پيل تنظيمن سان لاڳاپا هئڻ ۽ ڏوهارين کي طبي سهوليتون فراهم ڪرڻ جهڙا ٻيا به ڪيترائي سنگين الزام آهن ۽ ڄاڻو حلقن موجب هو ڪيترن ئي ڏوهن جو اعتراف به ڪري چڪو آهي.رينجرز جي نوي ڏينهن جي رمانڊ وارو عرصو پورو ٿيڻ بعد هن وقت هو پوليس جي ڪسٽڊيء ۾ آهي،انهيء کانسواء نيب به ڪيترن معاملن ۾ وٽانئس پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي.
8......ريحام خان ۽ عمران خان ؛ ...عمران خان جي ريحام خان سان اوچتي شادي ۽ پوء پراسرار نموني طلاق وارو معاملو به عوامي بحث جو موضوع بنيو رهيو. ريحام خان عمران خان کان ورتل سندس طلاق جي باري ۾ متضاد قسم جا بيان ڏيندي رهي آهي. ڪڏهن اهو ته مون تي ڪارو جادو ڪيو ويو هو.ڪڏهن چيائين ته ڪجھ ماڻهن منهنجي ذريعي عمران خان کي پنهنجي عظيم مقصد کان هٽائڻ لاء سازشن جو ڄار وڇايو ان ڪري مون وچان هٽي وڃڻ ئي مناسب سمجھيو.ڪڏهن عمران تي تنقيد ٿي ڪري ته ڪڏهن تعريف! بهرحال اهي سوال، بحث،تجزيا ۽ تبصرا لڳي ٿو ته نئين سال جو سج اڀرڻ کان پوء به ٻنهي خانن جي پچر نه ڇڏيندا!
*.....سنڌ حڪومت ۽ رينجرز ؛ ....هونئن ته رينجرز کي سنڌ حڪومت ئي ڪوٺي ويهاريو ويٺي آهي ۽ وري ان جي خلاف رڙيون به پاڻ ڪندي رهي آهي.تازو رينجرز جي اختيارن جي حوالي سان پيدا ٿيل ڇڪتاڻ به چڱي خاصي چرچي جو سبب بڻي رهي.سنڌ حڪومت جون رڙيون بلند ٿيون ته سامهون وفاق به ميدان ۾ لهي  پيو.ٻنهي طرفن کان ڌمڪين ۽ داٻن،مهڻن ۽ ميارن جو سلسلو جاري اڃا جاري آهي ۽ لڳي ٿو ته ايندڙ نئين سال ۾ به اهو موضوع بحث هيٺ رهڻو آهي. سنڌ حڪومت رينجرز جي اختيارن مان ڪرپشن خلاف ڪاروائيء ۽ ڇاپن واري اختيار کي سنڌ اسيمبليء جي قرارداد جي زور تي محدود ڪري ڇڪي آهي جڏهن ته وفاق ان قرارداد کي بائي پاس ڪندي رينجرز کي سنڌ ۾ ساڳيا اختيار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو