Monday, April 18, 2016

اولھ جي ميڊيا جا ٻٽا معيار!

اولھ جي ميڊيا جا ٻٽا معيار!
شفيق شاڪر

وچ اوڀر ۾ آمريڪا جي ڍري ٿيندڙ گرفت،علائقي ۾ نه گھٽجندڙ دهشتگردي ۽ شام ۾ روس جو وڌيل اثر رسوخ،انهن سمورين شين گڏجي واشنگٽن کي پريشانيء جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ آمريڪا هاڻي اهو سچو پچو خطرو محسوس ڪري رهيو آهي ته وچ اوڀر ۾ ان جا مفاد متاثر ٿيندي نظر اچي رهيا آهن.ان ڳالھ جو اشارو سي اين اين جي ان رپورٽ مان ملي ٿو جنهن مطابق آمريڪا تازو موصل ۾ آئي ايس جي ٺڪاڻن تي جيٽن سان سخت بمباري ڪئي پئسن جي وڏي زخيري کي تباه ڪرڻ جي دعو ڪئي ويئي جيڪو  پئسومبينه طور تي دهشتگرد ڪاروائين لاء مستقبل ۾ ويڙهاڪن جي مدد لاء استعمال ٿيڻو هو. سي اين اين جي لفظن ۾ “ آمريڪي ڪمانڊر ان ڪاروائيء ۾ 50 سويلين ماڻهو مارڻ لاء تيار هئا پر رپورٽن مطابق ان حملي ۾ پنجن کان ست سويلين مئا”
آمريڪي ميڊيا جي ٻٽي پاليسي شروع کان جاري آهي.اڄ ڪلھ اتان جي سڄي ميڊيا  شام ۾ روسي هوائي حملن تي واويلا ڪري رهي آهي ته انهن حملن جي نتيجي ۾ سويلين ماڻهو مري رهيا آهن. پر جڏهن آمريڪا جو ڪمانڊر اڳواٽ ئي 50 شهرين کي مارڻ جي رٿابندي ڪيو ويٺو آهي ۽ دنيا جي اڳيان تسليم به ڪري رهيو آهي پر آمريڪي ميڊيا ان تي خاموش آهي. فرض ڪريو ته روس جو فوجي ڪمانڊر اهڙو ساڳيو بيان ڏئي ها ته روس هن حملي ۾ 50 سويلين ماريندو ته خبر ناهي مغربي ميڊيا ڪيڏي قيامت برپا ڪري ڇڏي ها ۽ هيستائين روس جي خلاف اقوام متحده جي هنگامي گڏجاڻي به منعقد ٿي چڪي هجي ها. سي اين اين جي ساڳي رپورٽ ۾ هي لفظ به دنيا جي ڪنن تائين پهچن ٿا ته
“In recent weeks, the US has said it will assess all targets on a case-by-case basis and may be more willing to tolerate civilian’s casualties for more significant targets.” 
“ تازن هفتن ۾ آمريڪا چيو آهي ته اهو (دهشتگردن جي) نشانن تي الڳ الڳ ڪاروائي ڪندو پر هاڻي اصل نشانن کي حدف بنائڻ وقت شهرين جي موت واري معاملي کي به درگذر ڪري سگھجي ٿو”  مطلب اهو ٿيو ته آمريڪي حملن ۾ جيڪر شهري به مرن ٿا ته آمريڪا ان جي پرواھ نه ڪندو! اها خبر انهن ماڻهن لاء بلڪل ڪا حيرت نٿي پيدا ڪري جيڪي آمريڪا جي ماضيء جي فوجي ڪاروائين جي باري ۾ ڄاڻن ٿا.ڪوريا ۽ ويٽنام اندر 1950ع ۽ 1960ع ۾ آمريڪا طرفان وڏي تعداد ۾ سويلين ماريا ويا، ٻنهي ملڪن تي ڪارپيٽ بمبنگ ڪئي ويئي ۽ ڪيميائي هٿيار به استعمال ڪيا ويا ايستائين جو اتان جي فصلن کي تباھ ڪيو ويو ته جيئن رهيل ماڻهو بکن وگھي مري وڃن.مشهور آمريڪي تحقيقاتي رپورٽر سيموئر هرش آمريڪا جي ويٽنام ۾ ڪيل ظلمن جو چٺو دنيا جي سامهون آندو جنهن مطابق؛ “ آمريڪي فوجي گھرن ۽ ڳوٺن کي باهيون ڏيئي رهيا هئا ۽ انتظار ڪري رهيا هئا ته ماڻهو گھرن مان ٻاهر اچن.اهي جيئن ئي گھرن ۽ جھوپڙين مان ٻاهر نڪتا ٿي ته آمريڪي فوجين انهن کي گروپن جي صورت ۾ گوليون هنيون ٿي.اهو سڀ ڪجھ ڏسي وائسي ۽ سوچي سمجھي پئي ڪيو ويو. اهوسراسر سڌو سنئون قتل عام هو”

اهڙيء طرح آمريڪين جيڪو قتل عام ڪمبوڊيا ۾ ڪيو انهي تي به ڪيئي رپورٽون ڇبجي چڪيون آهن.ان کانپوء هنن جيڪي ڪجھ عراق ۾عام شهرين سان ڪيو ،جنهن جي نتيجي ۾ داعش جهڙي خطرناڪ وبا پيدا ٿي جنهن پوري وچ اوڀر جو امن امان برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ سڄي دنيا جي لاء خطرا پيدا ٿي ويا آهن.ته هن وقت تائين آمريڪا جي نفسيات يا جنگي پاليسين ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي ۽ اڄ به هن جي طرفان ڪيل هوائي حملن ۾ وڏي پيماني تي  عام شهري موت جو شڪار ٿين پيا پر مجال آهي جو مغربي ميڊيا انهيء تي ڪا ٻڙڪ به  ٻاهرڪڍي!مغربي ميڊيا جو اڄ ڪلھ موضوع شام ۾ روس جون ڪاروائيون آهن جن ۾ ئي انهن کي معصوم شهري مرندي ۽ تڙپندي نظر اچن ٿا.جيڪر روس جي ڪاروائين جي نتيجي ۾ بي گناه شهري مرن ٿا ته اهو به قابل مذمت آهي پر انصاف جي تقاضا اها آهي ته آمريڪي ڪاروائين کي به ته ننديو وڃي. اصل ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي شروع کان اها پاليسي رهي آهي ته مغربي دنيا جي ماڻهن کي اصل حقيقتن ۽ سچائين کان اڻ واقف رکجي ۽ انهيء پاليسيء کي ڪامياب بنائڻ ۾ اتان جي نام نهاد آزاد ميڊيا برابر جي شريڪ آهي.بلڪل انهيء اصول تي ڪاربند ته ڪوڙ کي ايترو ورجايو جو دنيا  ان کي سچ سمجھڻ لڳي.مغربي ميڊيا دنيا کي اها ڳالھ به سمجھڻ نٿي ڏئي ته شام ۾ روس طرفان شروع ڪيل ڪاروائيون اتان جي حڪومت جي درخواست تي شروع ڪيون ويون آهن جڏهن ته آمريڪا پوري دنيا ۾ فوجي ڪاروائيون انهن ملڪن جي عوام جي مرضيّء خلاف ڪندو رهيو آهي.نه ته عراق جي ماڻهن آمريڪا کي مدد لاء پڪاريو هو ۽ نه ئي افغانستان جي عوام ئي اهڙي ڪا درخواست موڪلي هئي پر مغربي ميڊيا جو ضد آهي ته آمريڪا دنيا جي سلامتيء جي جنگ وڙهي رهيو آهي!اها ميڊيا جيڪا دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي آزاد، بي باڪ، انصاف پسند ۽ حقيقت پسند سڏائڻ جي دعويدار آهي!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو