Monday, April 18, 2016

النمر جو موت ۽ وچ اوڀر ۾ ڀڙڪيل باھ...!!!

النمر جو موت ۽ وچ اوڀر ۾ ڀڙڪيل باھ...!!!
شفيق شاڪر

گذريل ڊگھي عرصي کان وچ ايشيا جي ملڪن ۾ پيدا ٿيل سياسي بيچيني ۽ مختلف ملڪن جا هڪ ٻئي سان ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن وارو ماحول ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪندو ٿو وڃي پر ان ڀڙڪندڙ باھ کي وسائڻ لاء نه ته خود انهن ملڪن جا حڪمران سنجيده نظر اچن ٿا، نه عالمي برادريء کي ان تي ڪو خاص الڪو آهي ۽ نه ئي پاڙيسري مسمان ملڪ ئي ان وڳوڙ جو ڪو پائيدار حل ڳولهڻ لاء تيار آهن.يمن ۾ ٿيندڙ هڪ ئي وقت سعودي فوجي ڪاروائيون،حڪومت جي خلاف هلندڙ باغي تحريڪون ۽ داعش جون دهشت گرديء جون ڪاروائيون،انهن سڀني گڏجي اتان جي عوام کي عذاب جي دوزخ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. ساڳيو ئي حال شام ۽ لبنان جو به آهي.تازو سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ پيدا ٿيل نئين ڇڪتاڻ پوري علائقي جو امن داء تي لڳائي ڇڏيو آهي.صورتحال  تڏهن وڌيڪ سنگين ٿي ويئي جڏهن سعودي عرب طرفان هڪ شيعا اڳواڻ آيت ا النمر تي دهشتگرديء جي الزام هيٺ مقدمو هلائي ٻه ڏينهن اڳ ان کي  ٻين 47 ماڻهن سميت موت جي  سزا ڏني ويئي.جنهن جي ردعمل ۾ ايران جي گاديء واري شهر تهران ۾ مشتعل مظاهرين سعودي عرب جي سفارتخاني تي ڇڙهائي ڪري عمارت جي هڪ حصي کي باھ ڏيئي ڇڏي.جنهن کان پوء سعودي حڪومت ايران سان سمورا سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي سعودي سفير کي چوويهن ڪلاڪن اندر سعودي عرب ڇڏي وڃڻ جو الٽيميٽم جاري ڪري ڇڏيو آهي.
النمر سعودي عرب جي اوڀر واري ضلعي قطيف جي هڪ ڳوٺ ۾1960 ۾جنم ورتو هو. هو ڪيترائي سال تعليم جي سلسلي ۾ ايران ۽ شام ۾ رهڻ بعد 1994 ۾ سعودي عرب موٽي آيو.جيئن ته سموري سعودي عرب جي اقليتي شيعا آباديء کي مسلسل اهي شڪايتون رهنديون پئي آيون آهن ته ملڪ ۾ ساڻن امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ حڪومت جو رويو سندن آباديء سان تعصب ۽ نفرت وارو رهندو پيو اچي. النمر جڏهن سعودي موٽي آيو ته هن نوجوانن سان گڏجي سعودي حڪومت کي اهڙين ناانصافيء وارين پاليسين تي ذبردست تنقيد جو نشانو بنايو جنهن ڪري هو سعودي حڪومت جي غصي ۽ غضب جو نشانو بڻيو رهيو.هن پابندين باوجود ڪيترن ئي حڪومت مخالف مظاهرن جي اڳواڻي به ڪئي.2012ع ۾ عرب ملڪن جي حڪمرانن خلاف اٿيل عظيم بغاوتي لهر جڏهن ڪيترن ئي عرب حڪمرانن جو ڍينگو ڍير ڪري ڇڏيو ته سعودي عرب انهيء باھ کي پنهن جي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاء وڏي پيماني تي آپريشن ڪري اهڙن باغي گروپن کي ڪچلي ڇڏيو پر النمر هميشه شاهي خاندان لاء خطرو بنيو رهيو. النمر کي 2004ع ۽ 2006ع ۾ به گرفتار ڪيو ويو هو پر کيس واپس آزاد ڪيو ويو.آخري ڀيرو هن کي 2012ع ۾ گرفتار ڪري مٿس ڪيترائي مقدما قائم ڪياويا ۽ نيٺ دهشتگرديء جي الزم هيٺ موت جي سزا ڏني ويئي.جنهن جي ردعمل ۾ ايران، بحرين ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ سعودي حڪومت جي خلاف مظاهرا شروع ٿي ويا.هونئن ته سماجي شعبي ۾ سعودي حڪومت پنهنجن شهرين کي مثالي سهوليتون مهيا ڪيون آهن پر تنهن هوندي به حڪومتي مسلڪ کان سواء ٻين مسلڪ وارن مسلمانن سان امتيازي سلوڪ،عراق جي جنگ ۽ فلسظين جي معاملي، غيرملڪين کي ملڪ ۾ فوجي اڏا مهيا ڪرڻ ۽ تازو يمن ۽ شام ۾ سندس فوجي ڪردار جي حوالي سان سعودي عرب اتان جي عام مسلمانن جي شديد تنقيد ۽ نفرت جو شڪار رهندو ٿو اچي. ٻئي پاسي انساني حقن ۽ اظهار راء جي آزاديء جي حوالي سان لڳل پابنديون به عالمي انساني حقن جي تنظيمن جي لاء ڳڻتيء جو باعث رهيون آهن.انهن حالتن ۾ سعودي شاهي خاندان پاڻ کي هن وقت تمام گھڻو غيرمحفوظ محسوس ڪري رهيو آهي.
جيڪر تاريخي جائزو ورتو وڃي ته سعودي عرب جا ڪيترن ئي عرب پاڙيسري ملڪن سان تعلقات سدائين ڪشيده رهندا آيا آهن.عربن کان پو هن جو ان علائقي ۾ سڀني کان وڏو سياسي حريف ايران رهيو آهي ۽ ٻين عرب ملڪن جي ڀيٽ ۾ سعودي عرب سدائين ايران کان ئي وڌيڪ خطرو محسوس ڪندو رهيو آهي. انقلاب ايران کان پهرين اتان جي شهنشاھ رضا شاھ پهلويء سان مغربي ملڪن خاض طور تي آمريڪا جا تمام گهرا سياسي ،سفارتي،تجارتي ۽ فوجي لاڳاپا هئا ۽ ايران کي هڪ لحاظ کان هن خطي ۾ واضح برتري حاصل هئي توڙي جو انهن ملڪن جا لاڳاپا سعودي عرب سان به هئا پر ان وقت هن علائقي جي حساسيت،نزاڪت ۽ اهميت کي سمجھندي مغرب هڪ قسم جو ظاقت جو توازن قائم ڪري رکيو هو پر انقلاب ايران کان پوء ايران جا انهن ملڪن سان تعلقات تمام خراب ۽ دشمنيء تائين هليا ويا جنهنجي نتيجي ۾ ايران کي ڪيترين ئي عالمي پابندين ۽ ڏکائين ما گذرڻو پيو۽ هو اڪيلو رهجي ويو.ايران جي انهيء اڪيلائپ جي نتيجي ۾ سعودي عرب هن پوري وچ اوڀر جو اڪيلو سپر پاور بڻجي ويو۽  هن ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ به پنهنجي مسلڪ ۽ مرضيء جون حڪومتون قائم ڪرڻ جي سرڪاري مهم ۾ لڳي ويو.جنهن جي نتيجي ۾ انهن ملڪن جي عوام خاص طور تي شيعا آباديء وارن علائقن ۾ سعودي عرب خلاف ڪاوڙ ۽ نفرت وڌڻ لڳي.ٻئي طرف سعودي عرب سدائين ايران کي پنهنجي اثر رسوخ واري دائري کي وڌائڻ جي راھ ۾ رڪاوٽ ۽ خطرو سمجھندي هر محاذ تي ايران جو گھيرو تنگ ڪرڻ جون ڪوششون ڪندو رهيو آهي.ڪجھ عرصو پهرين مغربي ملڪن ۽ ايران جي وچ ۾ ايٽمي تڪرار جي معاملي ۾ ٿيل ٺاھ سعودي عرب کي بلڪل  پسند ناهي آيو پر ان ٺاھ جي ذريعي ايران تان گھڻي ڀاڱي لڳايل معاشي پابنديون کڄي چڪيون آهن جيڪا ڳالھ سعودي حڪومت لا هرگز وڻندڙ شيء نه آهي.سعودي عرب ايران تي اهو الزام هڻندو رهيو آهي ته ايران يمن ۾ حوثي باغين ۽ شام توڙي لبنان ۾ حزب ا جهڙين دهشتگرد تنظيمن جي مدد ڪندو رهيو آهي جڏهن ته ايران وري سعودي عرب تي الزام هڻندو رهيو آهي ته اهو اتان جي جائز حڪومتن خلاف داعش
جهڙي دهشتگرد تنظيم جو ساٿ ڏيئي رهيو آهي.ڇا به هجي پر اها حقيقت آهي ته سعودي عرب ۽ ايران ٻئي وچ اوڀر ۾ پنهنجي طاقت ۽ اختيارن جي ڀيانڪ راند کيڏندا آيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ئي انهيء علاقي جي اڪثر ملڪن ۾ خانه جنگي، رتوڇاڻ، انارڪي ۽ سياسي بيچينيء جي گنڀير صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي جنهنجو فوري تدارڪ نه سوچيو ويو ته اها باھ پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ به آڻي سگھي ٿي.

سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ جو سبب سعودي حڪومت طرفان تازو قائم ڪيل مسلمان ملڪن جو فوجي اتحاد به آهي جيڪو ايران جي نقطه نظر مظابق دهشتگرديء خلاف نه پر ايران،شام ،يمن ۽ عراق جي خلاف ڪاروائيء جي لاء جوڙيل اتحاد آهي.اهو ئي سبب آهي جو ان فوجي اتحاد ۾ ڄاڻي واڻي انهن ملڪن مان ڪنهن کي به شامل نه ڪيو ويو آهي.اڄ وچ اوڀر ۾ جيڪا جنگي ڪيفيت ڇانيل آهي اها انهن ملڪن تائين محدود رهڻ بدران علائقي جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي سگھي ٿي.آمريڪي حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ايران توڙي سعودي عرب ٻنهي تي اهو سفارتي دٻاء وجھندو ته اهي ڪنهن نموني معاملي کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پر معاملو ايترو آسانيء سان ٿڌو ٿيندي نظر نٿو اچي ۽ لڳي ٿو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ حالتون سڀني جي وس مان نڪري وينديون. وچ اوڀر جي انهن ملڪن جو عوام هڪ طرف اتان جي حڪمرانن جي ظلم جو شڪار آهي،ٻئي طرف حڪومت جي خلاف باغي ڪاروائين سبب سورن ۾ آهي ته ٽئين طرف داعش جي دهشت گرديء جو نشانو بڻيل آهي پر اتان جي حڪمرانن کي طاقت ۽ اختيارن جي حوس ايترو ته انڌو بنائي ڇڏيو آهي جو انهن کي نه ته عورتن ۽ ٻارن جون دانهون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ۽ نه گھٽين ۾ وهندڙ بي گناهن جو خون ئي کين نظر اچي ٿو! پاڪستان توڙي ٻين مسلم ملڪن جي اها بنيادي ذميداري ٿئي ٿي ته اهي سعودي عرب جي جوڙيل فوجي اتحاد جو حصو بڻجي سموري نفرت ۽ ڪاوڙ جو رخ پنهنجي طرف موڙڻ بدران پنهنجيون اڻ ڌريون ڪوششون ان نڪتي تي لڳائين ته ڪنهن به طرح ايران ۽ سعودي عرب کي ڳالهين ذريعي معاملا حل ڪرڻ جي لاء اخلاقي ۽ سفارتي دٻاء وجھجي ته جيئن هن علائقي توڙي دنيا کي ايندڙ ڪنهن وڏي تباهيء کان بچائي سگھجي.پر بدقسمتيء سان اهڙي ڪنهن ڪوشش جي في الحال ڪا اميد نظر نٿي اچي!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو