Sunday, April 10, 2016

اسان به ڪنهن اهڙي نگريء ۾ رهون ٿا.



اسان به ڪنهن اهڙي نگريء ۾ رهون ٿا.
شفيق شاڪر

جڏهن به ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش ايندو آهي،ڪا دهشتگرديء جي ڪاروائي ٿيندي آهي يا ڪنهن شهريء سان ڪو ظلم ٿيندو آهي ته حڪمرانن جي طرفان ڪجھ اڳيئي تيار ڪيل يا رٽيل بيان ٻڌڻ يا ڏسڻ لاء ضرور ملندا جن مان عوام کي اهو حوصلو ملي ته سندن محبوب حڪمران هروقت جاڳي رهيا آهن ۽ عوام جي ڳڻتيء ۾ هنن جي ڏينهن رات ننڊ ڦٽل آهي.انهن شاهڪار بيانن مان جيڪو بيان هن وقت تائين لکن جون سرحدون پار ڪري ويو هوندو اهو آهي “ سخت لفظن ۾ مذمت!” جيتري ويچاري ان لفظ جي هنن حڪمرانن ۽ سياسي اڳواڻن چٽڻي کاڌي آهي،ان لفظ جي حوصلي کي داد ڏيڻ گھرجي جيڪو اڃا به زنده رهندو پيو اچي.هر طرف کان مذمت جا ايترا تير هن وقت تائين ڇٽي چڪا آهن جو خود “مذمت” انهن اڳواڻن جي اهڙي فضول خرچيء جي مذمت ڪري رهي هوندي.ٻيو شاهڪار بيان آهي “ سخت نوٽيس وٺڻ” هن وقت تائين خبر ناهي ڪيتري تعداد ۾ نوٽيس وٺي ڪهڙين المارين ۾ رکيا ويا آهن.نوٽيس وٺڻ جي معاملي ۾ اسان جي سنڌ حڪومت جي سرواڻ جو ڪو مقابلو ڪري ئي نٿو سگھي، ڪنهن روڊ حادثي ۾ ڪنهن گاڏيء جو شيشو ٽٽڻ کان ويندي ڪنهن دهشتگرد ڪاروائيء ۾ ماڻهو مرڻ تائين،ڪنهن اداري ۾ رشوت جي شڪايت کان ويندي ٿر ۾ معصوم ٻار مرڻ تائين، ڪراچيء۾ گٽرن جا ڍڪڻ نه هئڻ کان ويندي ڳوٺ ڳوٺ ۾ منشيات جا ناجائز اڏا هلڻ تائين.قومي اهميت ۽ عوامي ڀلائيء جو ڪهڙو اشو آهي جنهن جو سائينء سخت نوٽيس نه ورتو هجي!سڄو چيف منسٽر هائوس ئي انهن نوٽيسن سان ڀرجي ويو آهي.سائين جن جڏهن به وڏ وزارت کي الوداع چئي خيرپور يا دبئيء روانا ٿيندا ته ساڻن گڏ سوين اٺ انهن نوٽيسن سان ڀريل به گڏ ويندا.پوء به ميڊيا وارا اهڙا شرارتي آهن جو نوٽيس وٺڻ ۾ اڃا ڪو معمولي وقفو پيو ناهي ته ڪيمرا کڻي وڃي سائين جي اکين مبارڪن جي مٿان فٽ ڪندا ته سائين جن سمهيل ڇو آهن! حالانڪه سائين جن واقعي سمهيل نه هوندا آهن پر ميڊيا جي اهڙين “بي هودين” حرڪتن جو نوٽيس وٺڻ لاء ايئن ڪندا آهن.هڪ ٻيو جملو جيڪو بي ڌڙڪ استعمال ٿيندو آهي سو آهي “اجازت نه ڏني ويندي.” سماج دشمنن کي امن امان سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي،جعلي ڊاڪٽرن کي عوام جي صحت سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.ڀتا خورن کي ڀتا وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.عوام کي اڄ تائين اهو سمجھ ۾ نه آيو آهي ته ڏوهاري ڪو ڏوھ ڪرڻ کان پهرين ڪهڙي اداري وٽ ڏوھ ڪرڻ جي لاء اڳواٽ اجازت وٺڻ لاء درخواستون جمع ڪرائيندا آهن ۽ پوء انهن درخواستن تي اهو فيصلو ايندو آهي ته انهيء ڏوھ ڪرڻ جي اجازت ڏجي يا نه!هڪ ٻيو شاهڪار جملو آهي “رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي”ڪوبه واقعو ٿيندو آهي ته مٿان اها خبر اچي ويندي ته وزيراعظم ،وڏي وزير يا وزيرداخلا واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. اهي رپورٽون ڪيڏانهن وڃن ٿيون انهيء جو پتو اڃا تائين پئجي نه سگھيو آهي.دنيا ۾ عوام حڪمرانن ۽ اڳواڻن کان سوال پڇندو آهي پر پاڪستان ۾ حڪمران ۽ سياستدان خود عوام کان هر روز نت نوان سوال پڇندا رهن ٿا. گھڻو ڪري اهڙا سوال به پڇيا وڃن ٿا جن جو پورو ٿيڻ پاڪستان جي موجوده آئين ۽ قانون مطابق ممڪن ئي ڪونهي. مثال؛ پاڪستان ۾ آخر 25 صوبا ڇو نٿا ٺهي سگھن؟ پاڪستان ۾ آخر غير مسلم صدر ڇو نٿو ٿي سگھي؟پاڪستان ۾ صدارتي نظام ڇو نٿو لاڳو ڪري سگھجي؟ انهيء کان علاوه ٻيا جيڪي سوال عوام کان پڇندا رهندا آهن اهي آهن، سنڌ ۾ ڪرپشن جي خلاف جيڪر ڪا ڪاروائي ڪري سگھجي ٿي ته پوء پنجاب ۾ ڇو نه؟سنڌ ۾ جيڪر دهشتگردن خلاف آپريشن ٿي سگھي ٿو ته پوء پنجاب ۾ ڪالعدم تنظيمن جي خلاف ڇو نه؟اسان جيڪر ڪرپٽ آهيون ته ٻيا سياستدان ڪهڙا شريف آهن؟سياستدانن کي سزا اچي سگھي ٿي ته پوء پرويز مشرف کي ڇو نه؟ ملڪ جي خوشحاليء لاء ننڍا صوبا ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي مخالفت آخر ڇو ٿا ڪن؟ ماڻهو بجليء جون رهتون ادا نٿا ڪن ته پوء کين 18 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ جي سزا ڇو نه ڏني وڃي؟ ماڻهو ايترو کائين ڇو ٿا جو بيمارٿين؟ ايترا گھڻا ٻار ڄڻين ڇو ٿا جو بکن کان انهن کي وڪڻڻ تي مجبور ٿين؟ “انڌير نگري، چرٻٽ راجا ”واري چوڻي ته اوهان ضرور ٻڌي هوندي پر اچو ته ان ڪهاڻيء جو هڪڙو حصو وري ورجائي ٿورو پنهن جي ملڪ جي موجوده حالتن سان ان جي ڀيٽ ڪري ڏسون ته هتي به ساڳيو جهان لڳو پيو آهي يا نه! ڪو گرو پنهن جي چيلي سان گڏ جبل جھاڳي رهيو هو انهن جو گذر هڪ اهڙيء وسنديء تان ٿيو جتي ظاهر ۾ امن ئي امن ۽ هر طرف سڪون جي بانسري وڄي رهي هئي.جڏهن گرو ۽ چيلو بازار ۾ پهتا ته انهن کي اها عظيم سستائي ۽ مساوات ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي جو هر شيء ٽڪي ۾ وڪامي رهي هئي،ٽڪي سير ڀاڄي ته ٽڪي سير کاڄا!  اٽي جو سير به ٽڪي ۾ ته حلوي جو سير به ٽڪي ۾! ان سستائيء تي چيلي جو وات پٽجي ويو ۽ هن گروء سان ان خواهش جو اظهار ڪيو ته ڪجھ ڏينهن هن خوشحال بستيء ۾ ترسي پئجي .گرو جيڪو تمام سياڻو هو ۽ زندگيء جا لاها چاڙها ڏسي چڪو هو تنهن چيلي کي سندس حماقت تي سخت ڇنڊ پٽيندي چيو ته مون کي ته هن بستيء ۾ وڏي گڙٻر محسوس ٿئي ٿي، جيترو جلد ٿي سگھي پنهن جي عافيت انهيء ۾ آهي ته هن بستيء مان نڪري هلجي. مون کي لڳي ٿو ته هن بستيء جو بادشاه ڪو چريو آهي جنهن جي چريائپ جو اثر پوري رعيت جي ڪرتوتن مان ظاهر ٿي رهيو آهي.جيڪر ڪنهن بستيء جو بادشاه چريو هجي ته اهو ممڪن ئي ڪونهي ته انهيء بستيء جا ماڻهو پنهن جو عقل سلامت رکي سگھن.انهيء کان اڳ جو اسان انهيء بادشاه ۽ سندس چري رعيت جي ڪنهن گڏيل جهالت جو شڪار ٿيون ۽ پاڻ به پاڳل بڻجي وڃون،عقلمندي اها آهي ته ترت ان بستيء کي الوداع ڪيون.پر لالچي ۽ پيٽو چيلي تي انهن عقلمنديء وارين صلاحن جو ڪٿي ڪو اثر ٿيڻو هو جو لالچ عقل جو جنازو ڪڍي ڇڏيندي آهي.بهرحال جڏهن چيلي ڪجھ ڏينهن اتي رهڻ لاء اجايو ضد ڪيو ته گروء مجبور ٿي پنهن جو فيصلو واپس وٺندي ڪجھ ڏينهن اتي رهڻ جو فيصلو ڪيو.چيلي جون ته موجون لڳي وييون.مڙس کاڌي جوشوقين،ٽڪي ۾ سيري جو پورو سير، کائي کائي مچي پيو.ايستائين جو سندس اندر دٻيل پيٽ به سڀ فطري حدون اورانگھي ڊيگھ ۽ ويڪر ۾ وڌي ويو بلڪه هو چڱو خاصو پهلوان بڻجي ويو.هڪ ڏينهن اوچتو بستيء ۾ اهو اعلان ٻڌڻ ۾ آيو ته سڀاڻي فلاڻي ڏوهاريء کي وچ بازار ۾ سو ڪوڙا هنيا ويندا، سڀني ماڻهن کي اطلاع ڪجي تو ته اهي اهو نظارو ڏسڻ لاء هر حالت ۾ اتي حاضر ٿين. ٻئي ڏينهن تي سمورن ماڻهن سان گڏ گرو ۽ چيلو به ان ميدان تي حاضر هئا.جنهن ماڻهوء کي ڪوڙا هنيا پئي ويا اهو تمام ڪمزور ۽ بيمار هو.جيئن ئي هن کي اڃا پهريون ڪوڙو مس لڳو ته هو مري پيو.اعلان ٿيو ته باقي رهيل نوانوي ڪوڙن وارو حڪم واپس نٿو ڪري سگھجي.ان ڪري هجوم ۾ بيٺل ماڻهن مان ڪو ماڻهو چونڊيو وڃي جنهن کي رهيل نوانوي ڪوڙا هڻي انصاف جي تقاضا سڀاڻي پوري ڪئي وڃي.هڪ عملدار حڪم ڏنو ته ماڻهو ڳولهڻ لاء ان شرط جو خاص خيال رکيو وڃي ته ماڻهو تندرست۽ مضبوط  هجي جو نوانوي ڪوڙا پورا ٿيڻ تائين مري نه سگھي.سڀني جي نظر وڃي پيٽ ٻاهر نڪتل ان چيلي تي پيئي جنهن کي ٽڪي سير واري سيري ۽ پورين سڄائي گڏُھ ڪري رکيو هو. حڪم ٿيو ته سڀاڻي ان چيلي کي نوانوي ڪوڙا هنيا ويندا.جڏهن گرو ۽ چيلو موٽي پنهن جي ٺڪاڻي تي پهتا ته چيلو گروء آڏو پنهن جي بي گناهي ۽ بي وسيء تي اوڇگارون ڏيئي روئڻ لڳو ۽ گروء جي پيرن تي ڪري پنهن جي بيوقوفيء تي معافيون گھرڻ سان گڏ ڪنهن به طرح کيس ان سزا کان بچائڻ لاء ايلاز ڪرڻ لڳو.خير، گروء چيو ته هن کي ڪجھ سوچڻ جو موقعو ڏئي. ڪجھ ئي دير ۾ گروء جي دماغ ۾ هڪ ترڪيب آئي.هن چيلي کي چيو ته جڏهن سڀاڻي توکي ڪوڙا هڻڻ لاء سڏ ٿيندو ته تون ۽ آئون پاڻ ۾ وڙهي پونداسين،آئون ضد ڪندس ته اهي ڪوڙا مون کي هنيا وڃن جڏهن ته تون ضد ڪجانء ته اهي ڪوڙا توکي هنيا وڃن،انهيء ضد ۾ پاڻ هڪ ٻئي جون ڏاڙهيون پٽڻ شروع ڪنداسين، ٿي سگھي ٿو ته اها آفت ان نموني ٽري وڃي.ٻئي ڏينهن ايئن ئي ٿيو جيئن انهن منصوبابندي ڪئي هئي.جڏهن گرو ۽ چيلو ڪوڙا هڻائڻ جي شوق ۾ پاڻ ۾ هٿين پئجي ويا ته بادشاه کي تمام گھڻي حيرت ٿي ۽ کيس سّخت ڪاوڙ به آئي.هن سزا جو عمل ملتوي ڪندي ٻنهي ماڻهن کي سندس درٻار ۾ حاضر ڪرڻ جو حڪم ڏنو.جڏهن گرو ۽ چيلو درٻار ۾ پهتا ته بادشاه غصي وچان وٽانئن پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ ڪوڙا کائڻ جي شوق جو سبب پڇيو.گروء عرض ڪيو ته بادشاه سلامت! آئون هڪ ساڌو سالن کان دنيا تياڳي مالڪ جي تلاش ۾ جر جبل جھاڳي رهيو آهيان.مون گذريل رات هڪ سپنو ڏٺو ته جنهن جي به پٺيء تي اڄوڪي ڏينهن تي نوانوي ڪوڙا لڳندا اهو سڌو بنان حساب ڪتاب جي سرڳ ۾ ويندو.مون کان غلطي اها ٿي جو مون پنهن جو اهو خواب پنهنجي هن چيلي کي ٻڌائي ڇڏيو. جيئن ته هن کي خبر آهي ته منهن جو خواب ڪڏهن به ڪوڙو نٿو ٿئي سو هي اهي نوانوي ڪوڙا کائي هر حالت ۾ سرڳ ۾ وڃڻ گھري ٿو جڏهن ته خواب مون ڏٺو آهي ته اهو حق به منهن جو ئي آهي ته اهي ڪوڙا مون کي هنيا وڃن ته جيئن آئون سرڳ حاصل ڪري سگھان. بس،اها آهي اصل حقيقت جنهن ڪري اسان هڪٻئي سان وڙهي رهيا آهيون. بادشاه جيڪو چرٻٽ ته اڳئي هو تنهن پنهن جي وڏي وزير ڏانهن ڏٺو ۽ کيس ڇنڊ پٽيندي چيو هيء ڪهڙي نا انصافي آهي جو بي گناهن کي ڪوڙا هنيا وڃن ٿا،انهيء ناانصافيء جي ڏوھ ۾ اهي نوانوي ڪوڙا منهن جي پٺيء تي هنيا وڃن.وزير بادشاه جي سموري اٽڪل سمجھي ويو ته بادشاه ان نموني سڌو سرڳ ۾ وڃڻ جو مڪاراڻو  رستو چونڊيو آهي سو بادشاه کي چوڻ لڳو ته ان ناانصافيء جو ذميدار آئون ۽ سزا وري تو بي گناه کي ملي،ايئن نٿو ٿي سگھي،اهي ڪوڙا منهن جي نالائقيء جي ڪري مون کي هنيا وڃن. بادشاه کي وزير جي ان چالاڪيء تي تمام گھڻو غصو آيو۽ چوڻ لڳو ته آئون سڀ سمجھان ٿو،تنهن جو مقصد آهي ته تون اهي ڪوڙا کائي سڌو سرڳ ۾ وڃين پر اهو نه ٿيندو.ايتري ۾ هن ڪوڙن هڻندڙن کي حڪم ڏنو ته سندس پٺي تي ڪوڙا هنيا وڃن جڏهن ته وزير وچ ۾ اچي ڪوڙا سندس پٺيء تي هڻڻ جو ضد ڪيو.نتيجي ۾ اڃا گھڙيون به نه گذريون هونديون ته بادشاه ۽ سندس وزير هڪ ٻئي جون ڳچيون پٽي رهيا هئا ۽ محل ۾ ڪوڙن هڻائڻ تان هڪ هنگامو کڙو ٿي ويو.ان موقعي کي غنيمت سمجھندي گروء بي وقوف چيلي کي اشارو ڪيو۽ ٻنهي ٻاهر نڪري اهڙي ته ايڪسيليٽر  تي لت رکي جو وري ان بيوقوف بستيء طرف مڙي  به نه ڏٺو ته ڪير سرڳ ۾ ويو ۽ ڪير نرڳ ۾!
روزاني سنڌ 10 اپريل 2016ع

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو