Thursday, April 21, 2016

صرف هڪ اک ئي کليل رهي ٿي!






صرف هڪ اک ئي کليل رهي ٿي!
شفيق شاڪر
قدرت واري انسان کي ٻه اکيون ان ڪري ڏنيون ته هڪ اک سان ڪائنات ۾ مالڪ جي جمال ۽ ٻي اک ذريعي سندس جلال جو مشاهدو ڪري سگھي،قدرت جي ڪارخاني ۾هڪ اک ذريعي اميد ۽ ٻي اک جي ذريعي خوف جا منظر ڏسي سگھي، هڪ اک ذريعي قومن جي عروج ۽ ٻي اک ذريعي زوال جون ڪهاڻيون پڙهي سگھي،هن جادو نگريء ۾ هڪ اک ذريعي دل کي مسحور ڪندڙ نظارن ۽ ٻي اک ذريعي عبرت جا داستان مطالعي هيٺ آڻي سگھي. پر انسان جي اها ازلي بدنصيبي ۽ فطري حماقت جو هو صرف پنهن جي هڪڙي اک ئي هميشه کليل رکي ٿو .جنهن جي ذريعي هو قدرت جو جمال،سونهن،رحمت،اميد۽ عروج ته پسي ٿو پر قدرت جو جلال، غضب، قومن جو زوال،انهن سمورين شين کان سندس اک سدائين انڌي رهي ٿي.ايستائين جو زندگيء جي جنهن حسين تصور ۾ هو پنهن جن جاڳندڙ اکين ۾ ڪئين خوبصورت خواب سجائي گھمندو رهي ٿو،هن جي اک اهو المناڪ منظرڏسڻ کان قاصر رهي ٿي جنهن جو ٻيو نالو موت آهي .هڪ ترش،تند،سخت۽ اڻ وڻندڙ پر اڻ ٽر حقيقت!جوانيء جي جنهن نشي ۾ ڌت ٿي هو سڀ ليڪا لتاڙي ٿو،هن جي اک ان ٻڍاپي کي نه ڏسي سگھندي آهي جيڪو جوانيء کان صرف ڪجھ فاصلي تي بيٺل هوندو آهي.دولت ۽ اختيار جي جنهن شهزور گھوڙي تي چڙهي هو ڪيترن ئي ڪمزورن ۽ مسڪينن کي لتاڙي ٿو، سڃائي ۽ بي اختياري ان سان گڏ سفر ڪري رهي هوندي آهي جيڪا هن جي اک کان اوجھل رهي ٿي.جڏهن زندگيء ۾ صرف هڪڙي اک ئي کليل هجي ته پوء دنيا ۾ فساد پيدا ٿئي ٿوان ڪري جو انسان پنهن جن مقرر حدن مان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.تاريخ جو مطالعو اهو ئي ٿو ٻڌائي ته دنيا ۾ جن جن ماڻهن ۽ قومن فساد ڦهلايو انهن پنهن جن مقرر حدن مان قدم ٻاهر رکيو. پوء انهن زمين تي خدائيء جون دعوائون ڪيون هجن،يا خدا جي پوري زمين تي حڪمرانيء جو حق جتايو هجي يا پوري دنيا جي دولت تي اڪيلي استحقاق جون دعوائون ڪيون هجن.پر اهي سڀ “ مفسدين” يعني فساد ڪندڙن جي فهرست ۾ شامل آهن ۽ انهن کي خدا جي هن زمين تي ان فساد جي جرئت ڇو ٿي؟ ان ڪري جو هنن صرف پنهن جي هڪ اک کليل رکي ۽ ٻي اک بند ! پوء ان فساد جو انجام ڇا ٿيو؟ قرآن ڪريم جي لفظن ۾ “ پوء زمين ۾ گھمو ڦرو۽ پوء ڏسي وٺو ته انهن فساد ڪندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي.” پر اها پڇاڙي ڏسڻ، سمجھڻ ۽ ان مان عبرت پرائڻ لاء به ته ان اک جو کليل هئڻ ضروري آهي جيڪا بند آهي.ٻئي هنڌ قرآن ڪريم ۾ فرمايو ويو ته      “ انهن وٽ اکيون ته آهن پر انهن سان ڏسن نٿا.” تاريخ ۾ قومن جي عروج ۽ زوال جا جيڪي قصا بيان ٿيل آهن،اهي رڳو افسانا ناهن پر ايندڙ انساني نسل جي لاء ڪئين سبق سمايل آهن.پر سبق اهي ئي پرائين ٿا جن جون ٻئي اکيون کليل هجن.قرآن ڪريم اهڙن قصن کي بيان ڪرڻ کان پوء پوري انسانذات کي هنن لفظن ۾ ان طرف ڌيان ڇڪائي ٿو ته “ پوء عبرت حاصل ڪريو،اي عقل وارو!” ماضيء ۾ فردن يا قومن تي ڪهڙا ڪهڙا قدرتي عذاب نازل ڪيا ويا،انهيء ڏوھ ۾ جو انهن عبرت جي اک بند ڪري فسادين وارو رويو اختيار ڪيو هو.جن معاشرن ۾ ماپ ۽ تور ۾ کوٽ بازار جو اصول بڻجي ويو،يا بيحيائي ۽ بڇڙائي وڻندڙ شيء بڻجي ويئي يا دولت ميڙڻ جي نشي انهن کي هر قائدي،قانون ۽ اخلاقي ضابطن کان آزاد ڪري ڇڏيو يا اهي ڪمزورن کي ڪهڻ لڳا يا مسڪينن مٿان زمين تنگ ڪري ويٺا.اهڙن فسادين کي بار بار وارننگ ڏني ويئي ته پنهن جن مقرر حدن ۾ موٽي اچن پر جيئن ته خوشحالين تي نظر رکندڙ سندن اک کليل رهي ۽ عبرت واري اک بند هئي ان ڪري انهن تي ڪنهن به وارننگ ۽ وعيد جو ڪو اثر نه ٿيو ۽ هو پنهن جي فساد کان باز نه آيا.پوء وقت جي اک ڏٺو ته کين زمين سوڌو مٿي آسمان جي بلندين تائين کڻي وري ان انداز ۾ هيٺ ڦٽو ڪيو ويو جو اهي زمين تي اونڌي منهن ڪريل هئا.نه ڪو مٿانئن نوحه گر بچيو ۽ نه ئي ڪو ماتم ڪندڙ سلامت رهيو.انهن جي ڏوه جو اهو اعلان ڪيو ويو ته اهي “ معتدين” يعني حد ٽپندڙ هئا.
اڄ به قدرتي آفتون نازل ٿين ٿيون،زلزلن جا جھٽڪا محسوس ٿين ٿا،سيلاب ۽ ڏڪار اچن ٿا پر اسان جي اها ئي هڪڙي اک کليل ۽ ٻي بند رهي ٿي.جنهن ڌرتيءجي مٿان اسان ظلم جي بازار گرم ڪيون ٿا انهيء ئي ڌرتيء جي تھ ۾ نه ڄاڻان ڪيترا زلزلا لڪيل آهن.جن جبلن مان اسان معدنيات جا ذخيرا هٿ ڪري انهن ئي زخيرن کي انسانيت جي خلاف استعمال ڪيون ٿا انهن ئي جبلن جي هنج ۾ خبر ناهي ڪيترا آتش فشان زمين کي تهس نهس ڪرڻ جي انتظار ۾ آهن.جنهن سمنڊ مان اسين قيمتي موتي تلاش ڪري انهن موتين سان پنهن جا گھر سجايون ٿا انهيء سمنڊ جي تري ۾ خبر ناهي ڪيتريون لهرون اٿلي شهرن جا شهر ڳهڻ لاء آتيون آهن.طوفان اڄ به اچن ٿا پر اسان جي صرف هڪڙي اک کليل رهي ٿي.آسماني آفتون اڄ به نازل ٿين ٿيون پر اسان جي عبرت واري اک هميشه بند رهي ٿي. حضرت لقمان پنهن جي پٽ کي نصيحت ڪندي چيو هو “ پٽ! زمين تي آڪڙ ڪري نه هل جو خدا آڪڙ ڪرڻ وارن کي پسند نٿو ڪري” پر اڄ هر معاشري کي ڏسو خاص طور تي وقت جي حڪمرانن جا رويا آڪڙ ۽ تڪبر جي انتهائن کي ڇهي رهيا آهن.سندن اٿڻ ويهڻ،سندن بيان، سندن زبان مان نڪرندڙ هر لفظ ،سندن زندگي گذارڻ جو رنگ ڍنگ،سندن محفلون ۽ مجلسون، سندن حضر ۽ سفر،سندن جلوتون ۽ خلوتون،پوري ڪائنات جي خزانن جون چاٻيون هٿ ڪرڻ جي سندن خواهش،مسڪين،يتيمن،بيواهن ۽ ستايلن جا حق کائي وڃڻ جي نيت،قدم قدم تي شاهي محل اڏڻ جي تمنا،هر ڪاروبار ۽ ڌنڌي تي قبضو ڪرڻ جي آس،اهو ڪهڙو معاملو آهي جنهن ۾ اهي پنهن جون مقرر حدون نه ٽپيا هجن ۽ قدرت جي قانون مطابق حدون ٽپندڙ ۽ آڪڙ ڪندڙ ئي فسادي آهن،ان فساد ۽ آڪڙ جي ڏوھ جو انجام قرآن جي قانون مطابق اهو ئي آهي ته

“ پوء زمين ۾ گھمو ڦرو ۽ ڏسي وٺو ته فساد ڪندڙن جو انجام ڇا ٿيو”

روزاني سنڌ 21 اپريل 2016ع

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو