Monday, April 18, 2016

ان رمز کي آخر ڇا سمجھون.....!

ان رمز کي آخر ڇا سمجھون.....!
شفيق شاڪر


پاڪستان پيپلز پارٽيء جي چيئرپرسن جناب بلاول ڀٽو زرداريء 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي اٺين ورسيء جي موقعي تي نيشنل ايڪشن پلان جي حوالي سان جيڪي ٻاراڻيون ڳالهيون ڪيون آهن انهن تي صرف حيرت ۽ افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو. پنهنجي جوش خطابت ۾ بلاول صاحب ڪيئي ڳالهيون متضاد ڪري ويا. مثال اهو ته نيشنل ايڪشن پلان تي نواز ليگ کان سواء ٻيون پارٽيون متفق نه هيون وري اڳتي هلي پاڻ ئي ان ڳالھ جي ترديد ڪن ٿا ته سندس پارٽيء ان پلان جي مڪمل حمايت  ڪئي هئي. اهڙيء طرح هڪ طرف فرمائين ٿا ته نيشنل ايڪشن پلان نواز ايڪشن پلان آهي ته ٻئي طرف اهو به چون ٿا ته سندس پارٽي نيشنل ايڪشن پلان جي مڪمل حمايت ڪري ٿي.قوم اهو پراسرار موقف سمجھڻ کان قاصر آهي جنهن ۾ اقراربه آهي ته انڪار پڻ! پنهنجي پوري گفتگو ۾ بلاول صاحب جنهن شيء کي بلڪل وساري ڇڏيو سا آهي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي! ماڻهن جي مسئلن جو ته ذڪر ڪيو ويو پر انهن جي حل جي پوري ذميداري وفاقي حڪومت تي عائد ڪندي پنهنجو پاڻ کي آسانيء سان آجو ڪري ڇڏيو ويو.ايستائين جو آبادگارن کي فصل جا مناسب اگھ نه ملڻ جي ذميداري به وفاقي حڪومت جي کاتي ۾ وڌي ويئي.هن مخالفن کي سياسي انتقام جو نشانو بنائڻ جو الزام ته وفاقي حڪومت تي هنيو پر انهن سياسي ڪارڪنن يا اڳواڻن جا نالا عوام کي نه ٻڌايا جن کي انتقام جو نشانو بنايو ويو آهي يا جيڪي جيلن ۾ صرف سياسي وفادارين جي ڪري سڙي رهيا آهن. اها سٺي ڳالھ آهي جو اڄ پ پ قيادت کي صوبائي خودمختياريء جو خيال ستائي رهيو آهي ۽ پنهنجي موجوده اٺن سالن جي تاريخ ۾ سنڌ حڪومت پهريون ڀيرو رينجرز جي معاملي تي چٽو ۽ بهادريء وارو موقف وٺي بيهي رهي آهي پر ڇا صوبن جي حقن جي خلاف ورزي اها پهريون دفعو ٿي رهي آهي؟اڳ۾ جڏهن مرڪز ۾  خود پ پ جي حڪومت هئي ته سنڌ جي ماڻهن کي صوبائي خودمختياريء وارا سمورا حق مليل هئا! جڏهن سنڌ جي اصل ۽ بنيادي معاملن جي ڳالھ اچي ٿي ته پ پ مفاهمت جي چادر ويڙهي سمهي پوي ٿي. سنڌ جي نوجوانن جي لاء وفاقي ادارن ۾ نوڪرين ۾ مقرر ٿيل ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ جو معاملو هجي يا سنڌ جي نوجوانن جو ماورائي عدالت قتل، سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ غيرملڪي توڙي وفاقي ڪمپنين ۾ سنڌي نوجوانن کي روزگار نه ڏيڻ جو معاملو هجي يا سنڌ جي پاڻي چورائڻ جو مسئلو، ڪهڙو معاملو آهي جنهن تي سنڌ حڪومت اڄ تائين اهڙو شاندار موقف اختيار ڪيو هجي؟انهيء جو مطلب اهو ٿيو ته“ دال مين ڪڇ ڪالا ضرور هي ” . جيئن ماضيء ۾ سياسي ميدان ۾ پنهنجن ذاتي ۽ گروهي مفادن لاء سنڌ ڪارڊ استعمال ٿيندو آيو آهي اهڙيء طرح اڄ به اهو ڪارڊ وڏي ڏاهپ ۽ مظلوميت جي احساس سان کيڏيو پيو وڃي. ان جو اهو مطلب ناهي ته وفاقي حڪومت جون سڀ پاليسيون صحيح آهن يا هن جو رويو سنڌ جي لاء ڪو بدلجي چڪو آهي پر انهن سان ڪهڙي شڪايت ڪجي،انهن جي ته ڪا سنڌ ۾ موثر عوامي نمائندگي ئي موجود ڪانهي سو اهي سنڌ جو سور ڇو وجھن!هتي ته ڳالھ پنهنجن جي پيئي ٿئي ته پنهنجن ناقص پاليسين،غيردانشمنداڻن فيصلن،لاپرواهيء وارن روين ۽ بدترين حڪمرانين جو سمورو ملبو ٻين جي کاتي ۾ وجھي پاڻ کي هر بار مظلوم ثابت ڪرڻ ۽ عوام کي اهو باور ڪرائڻ ته پ پ تي سمورو عتاب صرف سنڌين جي بي لوث خدمت ڪرڻ جي ڏوه ۾ نازل ٿي رهيو آهي،اهو وکر اڄ جي عوامي مارڪيٽ ۾ گھڻي عرصي تائين وڪري جي قابل نه رهيو آهي.ڪوبه  جمهوريت پسند ماڻهو ان کان انڪار نه ڪندو ته صوبن کي پنهنجا آئيني حق ۽ اختيار هر حالت ۾ ضرور ملڻ گھرجن پر اهو سوال به ته اهم آهي ته جيڪي اختيار صوبن کي  هن وقت مليل آهن انهن اختيارن ۾ ان صوبي جو عوام ڪيترو شامل آهي؟ حڪومتي پاليسين، فيصلن ۽ رٿائن ۾ عوام جي خواهشن جو ڪيترو خيال رکيو وڃي ٿو.جن ڌرين کي دهشتگرد،قاتل، ٽارگيٽ ڪلر ۽ ڀتاخور سڏيو وڃي ٿو پنهنجي حڪومت بچائڻ لاء انهن جا ئي پير پڪڙيا وڃن ٿا.اصولن جي سياست انهيء کي چئبو آهي؟ سنڌ جا سمورا ادارا تباھ ۽ برباد ٿيا پيا هجن، عوام جي ڀلائيء جو ڪو منصوبو اوهان جي ترجيحات جي لسٽ مان ئي غائب هجي،انهيء کي چئبو آهي عوامي حڪومت؟ڪرپشن هر اداري کان ٿيندي اهم وزيرن ۽ مشيرن جي سنڌ سنڌ ۾ سمائجي وڃي،انهيء کي چئبو آهي گڊ گورنس؟ مخالفن تي لعنتون ڀلي وجھو پر ڪجھ پنهنجي آڪھ به ته سڌي ڪيو. قربانين جا داستان ضرور ٻڌايو پر ڪجھ پنهنجي ڪارڪردگي به ته سڌاريو. صوبائي خودمختياريء جي حوالي سان وفاق سان ڀلي مهاڏو اٽڪايو پر ڪجھ پنهن جن صوبائي ادارن ۾ به ته سگھ پيدا ڪيو.هاڻي اچون ٿا نيشنل ايڪشن پروگرام تي جنهن کي جناب بلاول زرداري اجايو تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. نيشنل ايڪشن پروگرام ڪو شوق يا فيشن جي طور شروع نه ٿيو هو پر پاڪستان جو عوام دهشتگرديء جي جنهن عذاب جو شڪار هو ان مان نڪرڻ جو ٻيو ڪو رستو باقي نه بچيو هو. ماضيء جي فوج جي سياسي ڪردار کي في الحال هڪ پاسي رکي موجوده فوجي قيادت کي ضرور اها شاباس ڏيڻ گھرجي ته جيڪو ڪم وقت جي سياسي حڪومتن کي ڪرڻ گھربو هو جيڪو بدقسمتيء سان اهي ڪري نه سگھيون پر فوج اهو ڪم ڪري ڏيکاريو جنهن مقصد ۾ فوجي توڙي رينجرز جي جوانن کي تمام وڏيون جاني قربانيون ڏيڻيون پييون آهن جو انهن ملڪ ۾ توڙي ڪراچيء ۾ وڏي پيماني تي امن امان قائم ڪيو آهي.اوهان جون سياسي حڪومتون ته صرف بيگناه عوام جي مرڻ جو تماشو ڏسنديون رهيون.جن توهان جي بنيادي ذميدارين پوري ڪرڻ ۾ پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي اوهان جي مدد ڪئي آهي اوهين انهن کي ڪهڙو بدلو ڏيئي رهيا آهيو!انهن جو مورال ڇو گھٽائڻ چاهيو ٿا؟ اڄ کان هڪ سال پهرين جو ماحول ماڻهن کي وسري ناهي ويو.ٻورين ۾ بند ٿيل لاش، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي نه ڏيڻ تي مزدورن سميت  پورين فيڪٽرين کي ساڙي ڇڏڻ،بمن جي برسات ۾ هر طرف پکڙيل انساني عضوا،اهو سڀ ڪجھ تڪڙو وسري ويو؟ جيڪڏهن اعتراض اهو آهي ته پنجاب ۾ اهڙو آپريشن ڇو نه پيو ڪيو وڃي ته اعتراض جائز آهي،وفاقي حڪومت تي ضرور اهو دٻاء وجھڻ گھرجي ته پنجاب ۾ به موثر نموني سان اهو آپريشن شروع ڪرڻ گھرجي پر اهو جواز ته جيئن ته پنجاب ۾ اهڙو آپريشن نه پيو ٿئي انڪري سنڌ ۾ به نه ٿيڻ گھرجي جو مطلب اهو ٿيو ته نيشنل ايڪشن پلان جو سموري پروگرام واپس ويڙهي وٺجي ۽ دهشگردن کي وري به مڪمل ڇوٽ ڏيئي ڇڏجي ته اهي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ماضيء جي سموري محنت ۽ قربانين تي پاڻي ڦيري ڇڏين ۽ ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر واپس ان اونداهين ماحول طرف ڌڪجي وڃي.سوال اهو آهي ته ٻئي ڪنهن جو گھر صفا ٿئي يا نه پر جيڪڏهن توهان جو پنهنجو گھر صاف ٿئي ٿو ته ان تي اعتراض ڪهڙو! ا جيڪر اعتراض اهو آهي ته رينجرز معاشي دهشتگردن خلاف ڪاروائي ڇو ڪري رهي آهي ته جيڪر اوهان جا هٿ هر قسم جي ڪرپشن کان پاڪ آهن ته پوء توهان کي ڪهڙو خطرو آهي! صفائيء جو هفتو ملهائجي پيو ته هر قسم جو گند جنهن حد تائين صاف ٿئي ٿو صاف ٿيڻ ڏيو.جيڪي ماڻهو مارين تن کي ته پڪڙيو وڃي باقي جيڪي انهن قاتلن کي مالي وسيلا مهيا ڪن اهي باعزت طور تي پنهنجو اهو ڌنڌو ڪندا رهن ته توهان ڀلي هڪڙا قاتل قابو ڪيو انهن کي پئسي جي زور تي ڪئين ٻيا قاتل ملندا رهندا ۽ اهو خوني کيل ايئن ئي جاري رهندو.رينجرز جي اختيارن جي معاملي کي ايڏو وڏو اشو بنائڻ جي بظاهر ڪا ضرورت هنن حالتن ۾ سمجھ ۾ نٿي اچي جڏهن قانون نافذ ڪندڙ ادارا دهشتگرديء جي خلاف جنگ جي فيصلاڪن مرحلي ۾ داخل ٿيل هجن.جڏهن حالتون غيررواجي هونديون آهن ته پوري دنيا ۾ ڪجھ عرصي لاء انساني بنيادي حق به ڪنهن حد تائين معطل ٿي ويندا آهن پر اتي ته ڪوبه اهڙو آواز بلند نه ٿيندو آهي ته آئين کي پائمال ڪيو ويو آهي!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو