Monday, April 18, 2016

نرالا وڻ !



نرالا وڻ !
شفيق شاڪر 

خدا پاڪ جون نشانيون ڪائنات ۾ هر طرف پکڙيل آهن.انهن عظيم نشانين رنگ برنگي گل، ٻوٽا ۽ وڻ به شامل آهن.انهن مان ڪجھ عجيب ۽ نرالن وڻن جي باري ۾ توهان کي   ٻڌائينداسين. آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي جبلن ۾ پيدا ٿيندڙ  ڊگھو  “ گيانٽ سيڪوئيا Giant sequoia”  وڻ دنيا جي سڀني وڻن مان وڏي۾ وڏو وڻ شمار ٿئي ٿو.جنهن جي ڊيگھ 320 فوٽن تائين ۽ ان جي ٿڙ جي گولائي 110 فوٽن تائين ٿئي ٿي.ان جو ڪل وزن 6000 ٽنن کان به مٿي ٿئي ٿو.يو سي مائونٽ نيشنل پارڪ ۾ ان وڻ جو ٿڙ ڪٽي ان جي اندران روڊ گذاريو ويو آهي.اهڙو ئي هڪ ٻيو وڻ

“ ريڊوڊ” آهي جنهن جي ڊيگھ 360 فٽ آهي. اهي ٻنهي قسمن جا وڻ صرف آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ ئي ملن ٿا.انهن جي عمر ڏيڍ هزار سالن کان مٿي ٻڌائي وڃي ٿي. آفريڪا ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ وڻ “ با.ئو بابا” دنيا جو ٿلهي ۾ ٿلهو وڻ آهي جنهن جي ٿڙ جي ٿولھ 50 کان 70 فٽ ٿئي ٿي.جنهن ۾ اڇا گل هوندا آهن جيڪي صرف رات جو ٽڙندا آهن.انهيء وڻ ۾ پيلي رنگ جو ميوو به ٿيندو آهي جنهن کي کٽو ڪدو ۽ “باندرن جي ماني” به چئبو آهي.اهو ميوو کائڻ ۽ مختلف شربتن جا رس ٺاهڻ لاء استعمال ٿئي ٿو.هڪ ٻيو  چيني وڻ “گنکگو” دنيا جي پراڻن کان پراڻن وڻن ۾ شمار ٿئي ٿو جنهن جي ڊيگھ 50 کان 60 فٽ ٿئي ٿي.ان جو ٻج دوائن ۾ ڪم آندو وڃي ٿو. “ برگد” يا “ بڙ” به هڪ عجيب وڻ آهي جيڪو پاڪستان ۾ عام آهي.هي دنيا جو اڪيلو وڻ آهي جنهن جي ڏاڙهي يا شاخون واپس زمين تي پهچي هڪ نئين وڻ جي صورت اختيار ڪن ٿيون.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو