“واپارين”
جي ور چڙهيل عالمي امن.
شفيق شاڪر
بنيادي انساني حقن ۽ انساني آزاديء جي خوبصورت لفظن جي پردي
۾ مغربي ملڪن لبيا۾ فوجي مداخلت ڪري اتان جي عوام جون غلاميء جون جيڪي ٻيڙيون کوليون اهي ته سڄي دنيا ڏٺيون پر
ان ملڪ کي هو جنهن دهشتگرد ڪاروائين ۽ هڪ نه کٽندڙ جنگ جو ميدان بنائي ويا ان جنگ
جا شعلا اڃا اجھامڻ جو نالو نٿا وٺن.انارڪي،گھرو ويڙه،تباه ٿيل معيشت،بدامني ۽ وڏي
پيماني تي لبيا مان ماڻهن جي لڏپلاڻ،اهي تحفا آهن جيڪي انهن ملڪن لبيا جي عوام کي
ڏنا.جيڪر انهن جي چوڻ مطابق لبيا جي عوام جي سمورن سورن ۽ بربادين جو ذميدار اڪيلو
ڪرنل معمر قذافي هو ته هاڻي جڏهن قذافي لبيا ته ڇا پر دنيا ۾ ئي نه رهيو آهي ته
پوء سالن کان لبيا جو عوام جيڪي پيڙائون ڀوڳي رهيو آهي انهن جو ذميدار ڪير آهي؟ ڇا
قزافيء جي وڃڻ کان پوء اتان جي عوام کي آزاديء سان پنهن جي مرضيء جي حڪومت چونڊڻ
جو موقعو ڏنو ويو؟انهن کي پنهن جي ملڪ جا معاملا پاڻ طيء ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي؟ڇا
لبيا ۾ ڪا مستحڪم حڪومت قائم ٿي ويئي ۽ عوام بدامنيء جي باه مان نڪري آيو؟ اهڙو ته
ڪجھ به نه ٿيو.ان جي ابتڙ قذافي دور۾ لبيا جيترو خوشحال ۽ پرامن هئي،اڄ سڀ ڪجھ
تباه ۽ برباد ٿي چڪو آهي.پورو ملڪ ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو آهي جتي مختلف قبائلي
ٽولا يا وري آئي ايس ۽ ٻيا دهشتگرد گروپ پنهن جون حڪومتون قائم ڪيو ويٺا آهن ۽
مختلف علائقن تي قبضن جي جنگ اڄ به جاري آهي.لبيا ۾ جاري قبائلي لڙائي الڳ ته ٻئي
طرف دهشتگرديء جو ٻج لبيا کان پوري آفريڪا ۾ پکڙجي رهيو آهي. جتان اهو راڪاس يورپ
جي در تي پهچي چڪو آهي.هيستائين مغربي ملڪن جو جيڪو فيشن دنيا جي سامهون آيو آهي
سو اهوته پهرين ڪنهن ملڪ ۾ موجود مستحڪم حڪومت کي نيٽو فوج جي ذريعي سڌي مداخلت
ڪري ختم ڪريويا دهشتگرد ٽولن جي مدد ڪري انهن حڪومت کي بلڪل ئي ڪمزور ڪيو،اتي
بمباريون ڪري تباهي ، بربادي ۽ انساني لڏپلاڻ جا بحران پيدا ڪريو،پوء الزام ٻئي
ڪنهن جي سر تي ٿاڦي ڇڏيو.توڙي جو اهي ملڪ خوب ڄاڻن ٿا ته بمبارين ۽ جنگين ذريعي
صرف دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ئي پيدا ڪري سگھجي ٿي۽ امن نه!پوء به جيڪر اهي پنهن جون
اهڙيون پاليسيون جاري رکندا پيا اچن ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته ملڪن جو استحڪام ۽
امن امان انهن جي طيء ٿيل ايجنڊا سان ٺهڪي نٿو اچي.جنگي حالتون ئي انهن جي پسند
وٽان آهن.ان ۾ هاڻ ڪو شڪ شبهو نه رهيو آهي ته اها سڀ ڪاروبار جي جنگ آهي.نئين
سامراجي بيٺڪي نظام جو اصول آهي “ مالڪ ۽ جنس جو هڪ ٻئي تي دارومدار.” يعني مالڪ
جي زندگيء جو دارومدار ان تي آهي ته جنس زنده رهي ۽ جنس جي زندگيء جو دارومدار ان
تي آهي ته سندس مالڪ زنده رهي.هاڻي سڄو راز سمجھ ۾ اچي وڃي ٿو جڏهن ڏسجي ٿو ته
جنگين جي ڊوڙ ۾ شامل انهن ملڪن جو مکيه ڪاروبار ڪهڙو آهي ۽ اها ڪهڙي جنس آهي جنهن جي مارڪيٽ هو پوري دنيا کي بنائڻ گھرن ٿا. ڇا دوائن جا ڪاروباري اها خواهش ڪري سگھن
ٿا ته دنيا مان بيماري بلڪل ختم ٿي وڃي!هر ڪاروباري ڏينهن رات پنهن جي ڪاروبار جي
واڌاري ۽ ترقيء جي نقطه نظرکان ئي سوچيندو آهي. پئسو گڏ ڪرڻ جو شوق به هڪ خطرناڪ بيماري ۽ نه ڇٽندڙ نشو آهي.هن وقت پوري دنيا
اهڙين مريضن ۽ نشاين جي وڪڙ ۾ورتل آهي.اهو
پئسو عام ماڻهن جي هٿن مان نڪري فقط چند استعماري هٿن ۾ ڍير ٿيندو ٿو وڃي.سوشلسٽ
بلاڪ جي ٽٽڻ کان پوء ٻيو ڪو ڻظام هن وقت دنيا۾ ڪٿي به قائم ڪونهي جيڪو ان سرمائيداري
سرشتي لاء ڪا رڪاوٽ بڻجي سگھي.پوري دنيا ۾ گھڻ قومي واپاري انجمنن Multi-National Commercial Companies پوري دنيا جي
ماڻهن جو رت چوسي ورتو آهي.عالمي واپاري تنظيم
The Word Trade Organization جي چڱن
مڙسن جا چهرا ڏسبا ته انهن جو تعلق انهن ئي جنگي جنون ۾ ورتل ملڪن جي حڪومتن سان
نڪرندو.اهي ئي انهن ملڪن جون پاليسيون جوڙين ٿا.اهي حڪومتون جيڪي به پاليسيون
ٺاهينديون اڻهن جو بنياد صرف واپاري ترجيحات نه هونديون ته اوهان جي خيال ۾ دنيا ۾
يتيم خانا ٺهرائيندا!دنيا جا سمورا وڏا مالياتي ادارا جهڙوڪ عالمي مالياتي اداروInternational Monitoring Fund ، عالمي بينڪ World Bank وغيره ۾ انهن ئي واپارين جا نمائندا ڀرتي ٿيل آهن.ايستائين
جو وڏيون وڏيون انساني حقن ۽ سماجي ڀلائيء جون عالمي تنظيمون به انهن جي قبضي ۾
آهن جيڪي هڪ مضبوط ۽ وسيع نيٽ ورڪ جي ذريعي سڄي دنيا جي، پنهن جي تجويز ڪيل گندي
نقشي مطابق نئين تعمير ڪرڻ گھرن ٿيون.اڄ ڪلھ هيلري ڪلنٽن جو عالمي ميڊيا تي هلندڙ“
اي ميلز وارو اسڪينڊل” ان جو چٽو مثال آهي جنهن مطابق انٽرنيٽ جي دنيا جي وڏي ۾
وڏي سرچ انجن“ گوگل”، مشهور عرب ٽيليويزن “ الجزيره ” ۽ ڪجھ
اين جي اوزکي به مبينا طور تي ان عالمي گيم پلان جو حصو قرار ڏنو پيو وڃي.ٽين دنيا
جي غريب ملڪن جي لاء ته انهن واپارين جون پاليسيون زهر ثابت ٿيون آهن.هاڻي ان
اڳڪٿيء جي سچائيء ۾ ڪو شڪ نه رهيو آهي ته “هاڻي دنيا ۾ فوجي هٿيارن جي جنگين جي
بدران معاشي ۽ واپاري جنگيون لڳنديون”
منصوبو اهو ئي آهي ته هر ٽارگيٽ
ڪيل ملڪ کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي اهڙو ته ڪمزور ڪري ڇڏجي جو اهو انهن واپارين جي
مرضي ۽ اجازت کان سواء هڪ قدم به نه اڳتي وڌي سگھي ۽ نه ئي پوئتي هٽي سگھي!
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو