Monday, June 6, 2016

2018ع جون چونڊون ڇا تبديلي آڻينديون؟

محمود شام
بجيٽ جي منظوريءَ کانپوءِ اميرن جا کيسا ڳرا ٿي ويندا، غريبن لاءِ مهانگائيءَ جو طوفان برپا ٿي ويندو، وطن عزيز مان ايندڙ خبرون هزارين ميل پري پاڪستانين کي پريشان به ڪنديون رهيون ۽ اداس به، پر هو چاهين ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا، انهن وٽ علم جو خزانو آهي. ڪئنيڊا ۽ ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ اهي جيڪو ڪجهه ڏسن ٿا، انهن جي تجزين مان گهڻو ڪجهه فائدو کڻي سگهن ٿا، انهن مهذب ۽ منظم معاشرن زندگيءَ جون آسانيون فراهم ڪرڻ وارن شهرن کي ڏسي ڪري ئي مون چيو هو ته:
آنک رکتا ٿا کلي اور طبيعت موزون،
تجربي دوسري ڪرتي ٿي، سنورتا مين ٿا.
اسان جي پٺتي پيل ملڪن کي هڪ ترجيحي فائدو آهي ته اسان کي پاڻ تجربو ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ٻيا ملڪ ڪامياب تجربا ڪري چڪا آهن، اسان انهن کان روشني حاصل ڪري سگهون ٿا. آئون ڪئينڊا مان اسڪائپي مان مفت ڳالهائي رهيو آهيان، اسان هڪ ٻئي جو آواز ٻڌي رهيا آهيون، هڪ ٻئي کي ڏسي به رهيا آهيون، ظاهر آهي ته اولهه جي رهاڪن جي جاچ ۽ ايجاد آهي، فائدو اسان کڻي رهيا آهيون. اسان کي انهن جو شڪر گذار ٿيڻ گهرجي، انهن اولهه وارن پنهنجو پاڻ کي سهولتون ڏيڻ لاءِ سٺي ۽ بهتر زندگي گذارڻ لاءِ، جنهن ملڪي، صوبائي ۽ شهري نظام بڻايو آهي، اسان ان کان به فائدو کڻي سگهون ٿا، پنهنجي مائرن، ڀينرن، ڀائرن ۽ بزرگن لاءِ زندگي آسان ڪري سگهون ٿا. ميان نواز شريف، آصف علي زرداري، عمران خان انهن ملڪن ۾ رهي چڪا آهن ۽ ايندا ويندا رهيا آهن، اهي هتي پنهنجو علاج ڪرائيندا آهن. سنڌ جو ناڻي وارو وزير سيد مراد علي شاهه هتي ڪئنيڊا ۾ ترسي چڪو آهي، هن به انٽر سيڪشن، ايگزٽ اسٽاپ ڏٺا هوندا، ٻارن ۽ بزرگن لاءِ سهولتون، نوجوانن لاءِ تازو ولولو ڏٺو هوندو، هتان کان جيڪو سکي وڃي ٿو، ان جو ڪو فائدو اتي جي مظلومن ۽ بي وس ماڻهن کي پهچائڻ گهرجي، اسان جي سفرنامن ۾ هتان جي حسينائن جو ذڪر ٿيندو آهي، پر زندگي جيتري آسان ٿي رهي آهي، بهتر زندگيءَ لاءِ جيتريون به ڪوششون ٿي رهيون آهن، شهر جيترا به خوبصورت ۽ صاف سٿرا آهن، ان جو ذڪر ناهي ڪيو ويندو.
پنهنجي گذريل ٻن ڪالمن جي تناظر ۾ ڳالهه اڳتي وڌائڻ چاهيان ٿو ته سياسي افق تي ڪا تبديلي نظر اچي رهي آهي يا نه، 2018ع چونڊن جو سال آهي، صرف ڏيڍ سال بچيو آهي، چونڊ مهم ته پاڪستان ۾ هميشه هلندي رهي آهي، بيمارين ۾ الله تعاليٰ کان شفا ملڻ جي دعا گهرڻ گهرجي، پر انهن کي به حڪمرانن ۽ اپوزيشن جي طرفان چونڊ مهم جو حصو بڻايو ويندو آهي. 2018ع تائين آئون پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي جي روشني ۾ جيڪو منظرنامو ڏسي رهيو آهيان، اهو ڪنهن وڏي ڳالهه جو ذڪر نٿو ڪري، پر سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) کي ڪوبه وڏو چئلينج ناهي، مسلم ليگ (ن) جو ووٽ بئنڪ نه رڳو پنهنجي جاءِ تي قائم آهي، پر اڃا وڌيڪ زور پڪڙي رهيو آهي. وڏا خاندان به انهن سان گڏ آهن، بيورو ڪريسي به، ميڊيا جو وڏو حصو به ۽ اها مالي طور تي منظم به آهي، ان جي دولت ۾ اضافو به ٿي رهيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي اندر جيڪي گروپ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، اهي به هاڻي ٿڌا ٿي ويا آهن، اختلاف نظرياتي هجن ته رستا پري تائين الڳ هوندا آهن، ذاتي اختلاف ته ڏي وٺ سان ختم ٿي ويندا آهن.
مسلم ليگ (ن) پنجاب ۾ منهنجي خيال ۾ مستقبل ۾ به اهڙي طرح اڪثريت ۾ رهي سگهي ٿي، هاڻي ماضيءَ وانگر اسٽيبلشمينٽ ۽ فرشتا سياست ۾ ڏار ڪڍڻ ۾ ڪامياب نه ٿي رهيا آهن ته هاڻي انهن جو ڌيان ميڊيا تي ٽاڪ شوز ۾ دنگل ڪرائڻ تي وڌيڪ ٿي رهيو آهي. پنجاب ۾ 1970ع ۽ 1980ع جي غالب جماعت پ پ تمام گهڻو پوئتي هلي وئي آهي، ان جو عروج پنجاب جي ميدانن تان ئي شروع ٿيو هو، پنجاب کي فتح ڪرڻ لاءِ ڪو نعرو به ضروري آهي، ذوالفقار علي ڀٽو ”اٽي، لٽي ۽ اجهي“ جو نعرو هنيو، مزدورن ۽ هارين کي آواز ڏنو، بينظير ڀٽو سفاڪ آمريت کي للڪاريو، حڪمران طبقن کي چئلينج ڪيو، آصف علي زرداري ڪو به نعرو نه ڏئي سگهيو، ان ڪري پنجاب جي پاڻيءَ تي ترڻ مشڪل ٿي ويو. بلاول ڀٽو زرداري اڃا تائين ڪوبه نعرو نه ڏئي سگهيو آهي، ڀٽوز سان محبت جي باوجود پنهنجي ناني ۽ ماءُ وانگر اهلِ پنجاب جي دل ۾ هُو اڃا تائين لهي ناهي سگهيو، هاڻي ڀٽو جا نعرا نه لڳي رهيا آهن. پ پ جي غير مقبوليت سان پيدا ٿيل خلا کي پي ٽي آءِ ڪنهن حد تائين پُر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر عمران خان پنهنجي مقبوليت کي تسلسل نه ڏئي سگهيو آهي، سندس نظريا واضح ناهن، ايندڙ 10-15 سالن لاءِ هُو پنجاب ۾ يا پاڪستان ۾ ڇا ٿو ڪرڻ چاهي، ڪنهن قسم جي معيشت ٿيڻ گهرجي، ڪهڙي تعليم ۽ صحت لاءِ ڇا قدم هوندا، پي ٽي آءِ جي وڏن ۾ اختلافن جا اطلاع به عام ماڻهن لاءِ مايوس ڪندڙ آهن.
اندروني سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نااهلي غير فعاليت باوجود ان جو ڪوبه نعم البدل نه آهي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنهنجو ڪوبه اندروني رستو ناهي ٺاهي سگهي، پي ٽي آءِ ٻن ٽن حملن جي ڪوشش ڪئي آهي، پر مقامي سطح تي انهن کي قبوليت حاصل ناهي ٿي. سنڌ جي شهري علائقن ۾ ايم ڪيو ايم کي ڪو وڏو چئلينج ناهي، مصطفيٰ ڪمال جي پاڪ سرزمين پارٽي محنت ڪري رهي آهي، خرچ به، پر 1986ع کان دلين ۽ ذهنن ۾ وسندڙ الطاف حسين سان عقيدت کي ۽ ايم ڪيو ايم جي ووٽ بئنڪ کي 2018ع جي چونڊن ۾ فيصلو ڪندڙ چئلينج مون کي ڏسڻ ۾ نٿو چاهي. الطاف حسين جي مقبوليت صرف هن جي شخصيت جي ڪري ناهي، ان جي پسمنظر ۾ ڪيتريون ئي ناانصافيون آهن، ڪوٽا سسٽم آهي، 1972ع جا لساني فساد آهن، جماعت اسلامي سان جيڪڏهن ان جو سهڪار جاري رهي ٿو ته هُو ٻيهر حڪومت بڻائي سگهن ٿا، پر مسلم ليگ (ن) به پنهنجي جڳهه ٺاهي رهي آهي، امير مقام جون ڪوششون ڪنهن حد تائين نتيجي تي پهچي سگهن ٿيون، بلوچستان اهڙي طرح مشڪل صوبو رهندو، مسلم ليگ (ن) اهڙي طرح پنهنجي حڪومت ٺاهيندي، پر آزاد اميدوارن جي مدد سان مسلم ليگ (ن) پارٽي کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
2018ع جي دنيا تبديل ٿي ويندي، ڀرپاسي تيزي سان تبديلي اچي رهي آهي. ڀارت، ايران، افغانستان وچ ۾ قرب وڌي رهيو آهي، انهن ٽنهي ملڪن جون جن صوبن سان سرحدون لاڳاپيل آهن، انهن تي نظر رکڻ گهرجي. 18هين آئيني ترميم صوبن کي بي حساب اختيار ڏنا آهن، پر ڇا اسان جي سياسي حڪمرانن کي انهن جي اختيارن جي استعمال جي تربيت ڏني وئي آهي، جيترا فنڊ ملي رهيا آهن، ٻڌايو ويو آهي ته اهي خرچ ڪيئن ڪيا وڃن، پاڻي ۽ بجلي جي انتظامن جي مهارت ڪنهن کي آهي.
اسان جو بنيادي مسئلو تربيت آهي ۽ افسوسناڪ ڳالهه اِها آهي ته اسان جا سياسي قائد ڪجهه سکڻ نٿا چاهين، هُو پنهنجو پاڻ کي هر شعبي جو ماهر سمجهن ٿا، عدم تربيت جي ڪري بحران پيدا ٿين ٿا، حڪمران طبقن صرف اختيارن جي ناجائز استعمال، فنڊن جي خرد برد جي تربيت ضرور حاصل ڪئي آهي، بلڪه اها تربيت انهن وٽ پيدائشي آهي. تربيت جو فقدان ئي سياسي جماعتن ۽ فوج ۾ فرق واضح ڪري ٿو، اتي تربيت آهي ۽ ميرٽ تي ترقي، ان ڪري فوج ۽ سياسي حڪمرانن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري رهندي. هڪ وڏو مسئلو اِهو آهي ته پاڪستاني قومپرستي ناهي، سنڌي، پنجابي، پشتون، بلوچ، سرائيڪي ۽ مهاجر قومپرستي آهي. هنن ڏينهن ۾ اهي ئي ملڪ ترقي ڪري رهيا آهن، جتي قومپرستي زورن تي آهي. 18هين آئيني ترميم کانپوءِ اِها صوبائي قومپرستي وڌيڪ زور وٺي رهي آهي، ان جا مثبت نتيجا به نڪري سگهن ٿا، پر ان لاءِ تربيت ۽ برداشت جي ضرورت آهي. پارليامينٽ ۾ ان ڳالهه تي غور ڪيو وڃي ته ڇا صوبا پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان سِڌو سنئون تجارتي ۽ صنعتي معاهدو ڪري سگهن ٿا. اڄڪلهه جي دور ۾ ائين ٿي رهيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو، ان تي غور ڪيو وڃي. توهان جو ڇا خيال آهي، اِها راءِ به ضروري آهي.
 (روزاني عبرت جي ٿورن سان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو