ڪانارِيا ڪُڻِڪَنِ، جنِين لوهُ لِڱَنِ
۾؛
محبتَ جي ميدانَ ۾، پيا لالَ لُڇَنِ؛
پاڻَهِين ٻَڌنِ پَٽِيـُون، پاڻَهِين چِڪِيا ڪَنِ؛
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رهِي اَچجي راتڙِي.
محبتَ جي ميدانَ ۾، پيا لالَ لُڇَنِ؛
پاڻَهِين ٻَڌنِ پَٽِيـُون، پاڻَهِين چِڪِيا ڪَنِ؛
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رهِي اَچجي راتڙِي.
جن کي محبت جا لوهي ڪان جسمن ۾ چڀي
ويا،اهي دانهون ڪيئن نه ڪندا!پريت جي رستي
تي هروقت تڙپي رهيا آهن.پنهن جن ڦٽن تي پاڻ ئي پٽيون پيا ٻڌن ۽ پاڻ ئي ملم پيا
رکن.دوستو،هلو ته انهن ڦٽيلن جي اوطاق تي رات ٽڪي اچون ته جيئن محبت جو سبق سمجھ ۾
اچي وڃي!

No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو