تنيو سڪندر
هڪ ڀيرو ٻيهر ڀائي صاحبن کي ننڊ ۾ ڳالهائڻ جا دورا پئجي رهياآهن،ڪراچي ءَ ۾ پاڻي کوٽ کي بهانو بڻائي،سنڌ جي ورهاست جون ڪي ڌريون رهيون آهن.پاڻي ءَ جي کوٽ سالن کان رهندي ٿي اچي،هڪ ته برساتن جي نه پوڻ سبب حب ڊئم ۽ ڪينجهر جا ڪنارا سڪي رهيا آھن،ٻيوڪراچي جي آبادي مڇرن جي نسل جيان روز لکين ٻچا ڄڻي رهي آھي،اڃا به حڪومتون نوان ويم گهر ،سوسائٽيون، ڊي ايڇ اي، بحريا ٽائونين جي نالن سان کولي رهيون آهن ،جيڪي وڏن ماڻھن جي هئڻ ڪري ماڻھن لاءِ رکيل پاڻي سندن درن اڳيان جنت جي نهرن جيان وهائي کين ڏنيون پيون وڃن.
مڃجي ٿو ته پاڻي سان ئي انساني جياپو آھي ،پر اهو حق ڏيارڻ لاءِ ايماندار قيادت جي گهرج پوندي آھي ،پر جنرل ضيا ايمانداري جو لفظ ڪڍي اقربا پروري لغت ۾ لڳرائي ڇڏيو هيو،هن هڪ نئين جماعت جوڙائي ساڻس اڪيلائي ءَ ۾ سياسي صحبتون ڪندي هر شيءِ کيس ڏيئي پريت جو پيچ پختو ڳنڍي رکيو هيو.ان کان پوءِ عشق جو اظهار هر حڪومت ساڻس ڪندي، مٿس اختيارن جي گهور گهوريندي رهي،ڪوبه ايماندار آفيسر ڪرسي تي ويهي نه پيو سگهي، ايمانداري جي سزاڪي ئي ايس سي جي آفيسرشاهد حامد جي قتل جيان هرهڪ کي ملندي رهي،شهر جي ماڻھن جي تفريح لاءِرکيل پلاٽ ،باغيچا، اسڪول ،اسپتالون لاوارث ٻارجي ملڪيت سمجهي مني لانڊرنگ ڪري وڪڻي پئسو لنڊن موڪلبو رهيو،ڪيترائي پاڻي جا کوهه قبضي ۾ ڪري، پاڻي ٽينڪر مافيا کي روزانو وڪامبو رهيو،جنهن جو هڪ مثال اڄ به اکين آڏو آھي،جو گانڌي گارڊن نالي ٻارن جي تفريح لاءِ چڙيا گهر انگريزن جوڙايو هيو ،ان جي سامهون فيڊرل لاج نالي آفيسرس هاسٽل آهي جتي آئون ۽ سينيئر صحافي جي اين مغل رهندا آھيون، ان چڙيا گهر جو جانورن لاءِ رکيل پاڻي غير قانوني هائنڊرنٽس ذريعي کوهن مان ڪڍي ٽينڪرن کي وڪيو ٿو وڃي،باغيچي جي ڀت ڀڃي اندر تائين ٽينڪرن کي رسائي ڏني ويئي آهي،وقت شاهد آهي ته اهو ڪم پيپلز پارٽي نه پر شهري حڪومت جي مالڪن جي دور ۾ سندن ايماندار سڏجندڙ ناظم صاحب جو ڪمال هيو،جيڪا چوري اڄ به جاري آهي،باغيچي ٻاهران هڪ پارڪ پڻ هيو جنهنکي ختم ڪري ٽينڪرن کي بيهارڻ جي ڪشادي جڳهه ڪري ڏني وئي آھي،ان بدعت کي ثواب سمجهي پي پي سرڪاربه پنهنجي پٺي ملائڪن کان ٺپرائيندي رهي آهي،۽ پي پي جاوزير به اهو ڀلو ڪم ڪري عاقبت سنوارڻ لاء پئسو اڳتي عمل صالح جيان موڪلي رهيا آهن،
اهڙي طرح ناظمي دور ۾ ريتي بجري،سرڪاري پلاٽ،بيوس ماڻھن جي ملڪيتن تي قبضا،ڀتا خوري،ڀُنگ لاءِ ماڻھن جي اغوا،ٽارگيٽ ڪلنگ سان گڏ پاڻي چورائڻ جو ڪم ٿيندو رهيوهيو، اڄ رينجرز جي اچڻ کانپوءِ ڪن ڌرين جي پُڇَ تي لت اچڻ سبب رڙيون ٻڌجي رهيون آهن،جنهن ڪري ان جوبدلو سنڌ جي ڪمزور حڪمرانن کان وٺڻ لاءِ سندس در جي سامهون ڌرڻو هڻي کيس دٻايو ٿو وڃي ته خبردار اسين سنڌ جو نقشو بدلائي ڇڏينداسين،جو اڳ ۾ انڊيا جو نقشو بدلائي آيا آھيون،اسين آزادي ڏياريندڙ آزادي کسڻ به ڄاڻيندا آھيون،هاڻي وياج سميت صوبو وٺنداسين.
نيٺ ڊڄندي ڊڄندي سنڌ جي حاڪميت ان جو جواب ڏيندي چيو ته غير اخلاقي زبان ڳالهائي گند ڪيو ويو آھي،کين خبر هجي ته سنڌ جو پراڻو تشخص آهي،جنهن کي ڪنهن به قيمت تي ورهائي نٿو سگهجي،سنڌ جو ورهاڱو پاڪستان جي ورهاڱي جيان آهي.هنن صاحبن جي سياست مان مايوسي ظاهرپئي ٿئي. سنڌ جي وڏي وزير جي اهڙي بيان جي هر هڪ ماڻھو آجيان ٿو ڪري،جيڪر هميشه کان ئي اهڙو موقف کين ٻڌائبو اچي ها ته ڪوبه اهڙي جرئت نه ڪري سگهي ها،پر پ پ پاران ماضي ءَ جي مصلحت سبب پنهنجا ٻُڌڻ وارا ڪن ئي ڪپرائي ڇڏيا هئا.
ڀائي صاحبن جي بيانن کي ڏسجي ته سکڻي ڪُني گهڻو اڀامي جيان آهي،آزادي لاءِ قربانيون هنن نه پر ڪانگريس جماعت، جمعيت علماءِ هند سنڌ، حرن جي ويڙھ، باچاخان ، حاجي صاحب ترنگ زئي، پنجاب ۽ بنگال ۾ رت جون نديون اُ ڙهي هليون هيون، جڏھن هي صاحب جتان يوپي ۽ سي پي کان آيا هئا اتي ته ڪنهن کي بليڊ جو جهير به نه آيو هيو،ڪنهن کان گرمي سبب نڪهير نڪتي هئي ته هي انکي خون وهائڻ جي کاتي ۾ لکرائي آڱر وڍايل شھيد شمار ڪرائي رهيا آهن،سندن لڏپلاڻ ملڪ لاءِ نه پر مال ملڪيت لاءِ هئي، هن کي پيغمبري هجرت سان ڀيٽڻ اُن هجرت جي توهين آهي.
نبوي هجرت هڪ فلاحي رياست قائم ڪرڻ لاءِ هئي،ٻيو هو سندن قومي معاملو هيو هڪ ئي قوميت جا هئا،هُنن فلاحي رياست قائم ڪري به ڏيکاري،پر هِنن جي هَٿِ جيڪڏھن اقتدار آيو به آهي ته سواءِ ڪرپشن ۽ قتلام جي هنن کان ڪجھه ٻيو مليو به ڇا آھي؟ ٻيوته هجرت ۾ ڪليمن جو ڪوبه تصور نه هوندو آهي،مديني ۾ هڪ به ڪليم ڪنهن نه ورتو هيو،پر هتي ڪوڙا قسم ناما ڏيئي جهوڳين ۾ رهندڙ مهاٽاپيلس جهڙين محلاتن جا مالڪ بڻجي ويا، سنڌي مسلمانن جي آزادي جي گهرڻ جو هڪ سبب هي به هيو جو سنڌي هندن وٽ سندن زمينون جيڪي گروي رکيل هيون تن جو واپس ورائڻ به هيو،۽ پنجاب ۾ اهڙيون ملڪيتون اصلي مالڪن کي واپس ڏنيون ويون هيون، پرنئين ملڪ جي حاڪميت ۾ سنڌين کي اڇوت سمجهي پليت چئي پاڪ پوتر اقتدار کي هٿ لائڻ ڪبيرو گناهه چيو ويو ،پهرين ڪابينا۾ هڪ به سنڌي وزير نه کنيو ويو هيو، سنڌين پاران گهل گهوڙ ڪندي سنڌين کي لڏائڻ جي سازش کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ايوب کهڙو ڀريل پستول کڻي برنس روڊ تي وڳوڙين تي فائر ڪيا هئاته کيس وزارت اعليٰ تان هٽائي ايبڊو ڪيس جو قلم لڳائي جيل موڪليو ويو هيو. ڪوڙ جا ڪليم ايترا ته داخل ڪياويا جو ايوب خان جي حڪومت بيزار ٿي انهن تي بندش وڌي ته جيڪڏھن هنن کي اهو سڀ ڪجھه ڏنو ويو ته حڪومت وٽ هڪ ويسو زمين جو به نه بچندو.
سو حقيقت هيءَ آھي ته هي ءَ ڪوڙ جي ڪهاڻيءَ کانسواءِ ڪجھه به نه آھي. سنڌ صدين کان وطن رهيو آهي ۽ قيامت تائين قائم رهڻو آھي، ان ڪري مفادن جي سياست لاءِ مقدس ڌرتي جي ورهاڱي جي ڳالھه ڪرڻ ملڪ سان غداري جيان ڏوهه آهي ،اهو ۽ڏوهه ناقابل معافي پڻ آھي، چيو ٿو وڃي ته صوبو وياج سميت ورتو ويندو تن کي ٻُڌڻ گهرجي ته سنڌين جا ٻار به سامائجي چڪا آھن، جيڪي پنهنجي وڏن جون ملڪيتون ڪوڙن ڪليمن ذريعي ڦٻايل وياج سميت واپس وٺڻ لاءِ تيار ٿي چڪا آهن.نفرت جو جواب نفرت سان ئي ملندو آهي ، محبتون پوکبيون ته سي ئي لُڻبيون ،سنڌ اڪ جي ماکي ناهي جو جهڙپ ڏيئي لاهي چوري جو مال سمجهي کيس ورهايو وڃي.
(روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو