Wednesday, June 8, 2016

وال پــــيــــپـــــــر: سنڌ سرڪار کي هاڻ اکيون پٽڻ گهرجن

شبير سوڍڙو

ملڪ ۾ شوشو هليو ته آدم شماري ٿيندي اها به ايمانداراڻا طور طريقي سان ٿيندي، جڏهن ته ننڍن صوبن جي آبادي وڌندي ۽ ان مان هٿ ڪڍيو ويو ۽ اهو ڄاڻايو ويو ته سيڪيورٽي ادارا واندا نه آهن جيڪي ڪي پي ڪي ۽ ٻين علائقن ۾ آپريشن ۾ مصروف آهن. بهرحال هر مسئلي جي پويان مسئلا ايندا رهن ٿا ۽ ٿيندا رهندا آهن. ڪراچي جي سڙڪن جون حالتون ڏسو، ڄاڻي واڻي گٽر بند ڪرائي شهر کي ڍونڍ بڻايو ويو آهي. انسانيت ۽ انسان ڏسو، ماڻهپو شهر مان چونڊيل نمائندن مان ڄڻ ته هليو ويو آهي. سنڌ کي گاريون ته گهڻي عرصي کان وٺي ڏيندا پيا اچن ۽ اسان جي ماٺ، صبر مان گذريل ڏينهن فائدو وٺندي مڪاني اقتدار، فطري، زڪوات ۽ ڀتي لاءِ  دماغ خراب ٿيلن  وزير اعليٰ هائوس آڏو صرف ڌرڻو ئي نه هنيو پر ڀتيون ٽپي وزيراعليٰ هائوس ۾ داخل ٿيندي ئي سنڌ خلاف گار گند به  ڪيو ويو ته جيڪڏهن مڪاني ادارن جا اختيار نه مليا ته اسان سنڌ جو نقشو مٽائي ڇڏينداسين. سنڌ جي ماڻهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي، دهشت گرد ته اسان نه آهيون جو گهڙي پل ۾ پنهنجي شهر کي  ساڙي ماري کين جواب ڏيون يا هٿيار کڻون، اهو ڌنڌو ته سندن هو پر هينئر روڪيو ويو آهي، جنهن جي باهه هر جلسي ۾ سنڌ ۽ حڪومت تي ڪڍيو ٿا وٺن. بهرحال سنڌ سنڌ ئي رهندي. انهن مان ڪهڙي شناس ڪري سگهجي ٿي جيڪي 70 سالن ۾ پاڪستان ئي نه ٿيا ته پوءِ اهڙي زبان ته استعمال ڪندا رهندا ۽ ان جو کين هڪ نه هڪ ڏينهن ڀرپور جواب ملندو، جيڪو الله خير ڪري. اسان جو فقيراڻو حال آهي. ڏسون ته سنڌ خلاف ڳالهايا ويل گستاخ لفظن جو سنڌ سرڪار کين ڪهوڙو ٿي جواب ڏئي، ڇو ته هينئر سنڌ جي ساهه جو سڳو سندن اقتدار سان واڳيل آهي.
اها صرف داداگيري ان ڪري ڪئي وئي آهي ڇو ته زڪوات ۽ فطري جي گهڙي اچڻ واري آهي، سندن هٿياربند خون خوار گهوڙا زوري فطري وٺڻ جا عادي بڻيل آهن، سنڌ سرڪار ۽ ٻين ادارن تي زور بار رکي،  سندن قاتلن، ڀتي خورن ۽ ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي ۽ واٽر بورڊ مان ڪڍيل دهشت گردي ٻيهر بحال ڪرڻ جا جتن سنڌ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان حل ڪرائڻ ٿا چاهين. هنن ضيائي دور کان وٺي سياست جي شروعات ڪئي، جنهن جو بڻ بنياد هٿيار، بارود، شهر ۾ باهيون ڏيڻ، ٽرانسپورٽر ساڙي سنڌ جي شهرن کي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ۽ دهشت گرد جي زور تي مڪاني ادارن تي ٻيهر ويهڻ ٿا چاهين، سنڌ جي وحدت خلاف ڳالهائيندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي ۾ هنن کي ڀرپور جواب ڏيڻ  گهرجي يا سندن سنڌ جي وحدت خلاف ڳالهائڻ تي ڌرتي ڌڻين کي آواز اٿارڻ گهرجي. اها به جاچ ٿيڻ گهرجي ته ڪراچي جا گٽر بند ڪرائي جيڪا بدنيتي واري حرڪت ڪري پوش علائقا بدبودار بڻائي سنڌ سرڪار خلاف ماڻهن کي روڊن تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري پنهنجا مفاد ماڻڻ جا جتن ڪيا وڃن ٿا. اهو به معلوم ٿيو آهي ته تعصب سان ڀريل نام نهاد شهر مان چونڊيل غير سنڌي آبادي سواءِ پنهنجي علائقن جي ٻين علائقن سان ڇا حشر ڪيو آهي انهن جو اڇو چٽو ظاهر ڪيو وڃي. سنڌ سرڪار کي اهڙيون نام نهاد ۽ خون خوار قوتون ۾ هاڻي مضبوطي سان هٿ وجهڻو پوندو، سڀاڻي ايئن نه ٿئي ته سندن سامهون ٻيون بلائون سامهون آڻي بيهارين ۽ امن امان ۾ خلل پيدا ٿئي.
سو ڳالهه پئي هلي شوشي جي  ته سرڪاري ۽ غير سرڪاري شوشا ڇڏيا ته ويندا آهن پر ٿيڻو يا ٿيندو ڪجهه به ناهي. پهريان شوشا زور شور سان هليا ، اهي هليا پاناما ليڪس، ڪرپشن خلاف پر  هينئر جيڪو شوشو ڇڏيو ويو اهو آهي ته ملڪ ۾ نئين سر سڃاڻپ ڪارڊن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي، ڇو ته سرڪار کان ڀل چڪ ۾ لکين سڃاڻپ ڪارڊ ٻاهرين ماڻهن جا ٺهي ويا آهن، جيڪي هن ملڪ ۾ ڪرپشن، دهشت گردي، منشيات فروشي ۽ هن ملڪ جي آدم شماري تي بار بڻيل آهن، جن جو پاڪستان جو پري کان به واسطو نه آهي، سوال اهو نه آهي ته پهريان سڃاڻپ ڪارڊ ڏئي پوءِ ٻيهر سڃاڻپ ڪئي وڃي ته آخرڪار وفاقي سرڪار ان مان هڙ حاصل ڪرڻ ڇا ٿي چاهي.
اسان ته چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ جيڪي به غير قانوني سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن ڀلي ڇو نه ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ هجن انهن جي سڃاڻپ ٿيڻ گهرجي ته جن نه صرف سڃاڻپ ڪارڊ ئي نه ٺهرايا آهن پر ان سان گڏ سنڌ مان ڊوميسائيل به ٺهرايا آهن اهي به رد ڪيا وڃن. بهرحال سڃاڻپ ڪارڊ جيڪي ڏوڪڙن خاطر خاص نادرا جاري ڪيا آهن انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ڪجهه ڏينهن اڳ ان ڌنڌي ۾ شامل ڪجهه آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن پئسن خاطر افغانين، برمين، بهارين، بنگالي، ٻي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن. جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا ۽ انهن ۾ اڪثر ڪرمنل آهن جن سنڌ جو امن امان برباد ڪيو آهي انهن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي چاهي انهن جو تعلق ٻين صوبن سان ڇو نه هجي.
سنڌ  ۽ سنڌ جي هر اداري ۾ غير سنڌين سنڌ جي شهرن کي بدامني، تعصب پرستي، ڀتي خوري  ۽ دهشت گرد جي علامت بڻايو آهي. انهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي، جن تي تازو تازو ”را“ جون تهمتون لڳيون آهن اهي صرف پاڪستان ئي نه پر سنڌ سان به شناس نٿا رکي سگهن. اهو به پتو لڳايو وڃي ته ڀارت کان ايندڙ ڪيترن ماڻهن کي گهڙ پل ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ ڏئي ملڪ خلاف استعمال ٿو وڃي جيڪي هينئر ”را“ جي ايجنٽ طور روز ميڊيا تي ظاهر ٿي رهيا آهن. اسان جي سنڌ جون سرحون کليل آهن. ڪنهن کي به سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جو بندوبست ٿيل ناهي، سنڌ ۽ خاص ڪري سنڌين کي وڏي سازش تحت ايندڙ آدم شماري ۾ گهٽ ڏيکارڻ جا جتن ٿي رهيا آهن. اهو سڃاڻپ ڪارڊ واري  نئين سري سان سڃاڻپ جيڪڏهن ايمانداري سان ڪئي وئي ته هوند اها به خبر پوندي ته سنڌ جي شهرن ۾ ڪيتريون به ٻاهريون بلائون رهن ٿيون، جيڪي ڇاڇا نه ڪري رهيون آهن. اسان چاهيون ٿا ته اڻسڃاڻپ جي سڃاڻپ ڪري کين سنڌ مان لوڌي ڪڍڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۽ ملڪ جو امن بحال ٿي سگهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو