Thursday, June 9, 2016

لـطـيـــــف ؒ جـــــــي لات ؛ آڏو چِڪَڻُ چاڙُ، مُنهنجِي موجَ نه سهي مَڪُڙِي؛


آڏو چِڪَڻُ چاڙُ، مُنهنجِي موجَ نه سهي مَڪُڙِي؛
ميڙي مَٺاينِ جو، بيحَدِ چاڙهيمَ بارُ؛
چَوَڻَ چارو ناهِ ڪو، بَديُون بي شُمارُ؛
ڪَپرُ
ڪارُونڀارُ،اُڪارِئين اِحسانَ          سين.
رستي ۾ گپ چڪ لڳي پيئي آهي،منهن جي ٻيڙي ڪمزور ۽ ڇولين جي سٽ نه سهڻ جهڙي آهي.مٿان بڇڙاين جو بار مون پاڻ پنهن جي ٻيڙيء تي سٿيو آهي.ايترا ته گناه ڪيم جو اڳيان صفائيء جو ڪورستو ئي نه بچيو آهي.اي پار ڪندڙ! بس منهن جي هن ٻيڙيء کي پنهن جي ڪرم سان سمنڊ ڪناري رساء.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو