Saturday, June 11, 2016

جهڙي سنڌ سرڪار تهڙي هوندي اڄوڪي بجيٽ!

زرار پيرزادو
  • اڄ پنهنجن معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ جي غريب عوام لاءِ سالياني بجيٽ پيش ڪئي ويندي.
  • صوبائي بجيٽون هتي هونئن به وفاقي بجيٽ جو پاڇو هونديون آهن سو جهڙي وفاقي بجيٽ آهي تهڙي ئي صوبائي هوندي.
  • سنڌ جي بجيٽ به يقينن کوٽ واري هوندي ۽ اها کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هر سال وانگر هيل به ٽيڪس لڳايا ويندا، ڏسڻو رڳو اهو آهي ته ڪهڙين شين تي ٿا ٽيڪس هڻن.
  • امير طبقي جي شين تي گهڻا ٽيڪس ٿا هڻن يا غريب عوام جي روزاني استعمال وارين شين تي ٿا هڻن.
  • حڪومت جي نيت ته ان کل جوڳي خبر مان وائکي ٿي وڃي ٿي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومت هيل تدفين ۽ لاشن جي ٽرانسپورٽيشن جي خدمتن تي به ٽيڪس لڳائڻ جو سوچي رهي آهي.
  • اسان جو الميو اهو آهي ته هتي عوام جو خادم چئي ڪري ”ووٽ“ ورتو ويندو آهي ۽ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان عوام جو حاڪم بڻجي حڪومت ڪئي ويندي آهي.
  • جيستائين عوام جو خادم بڻجڻ واري سوچ سان بجيٽ نه ٺاهي ويندي تيستائين اها ٻيو سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿي پر عوامي بجيٽ نٿي ٿي سگهي.
  • اها سوچ ئي آهي جنهن جي عملي شڪل اها آهي ته عوام هر دور ۾ غريب کان غريب ۽ حڪمران طبقو هر دور ۾ امير کان امير ٿيندو ٿو وڃي.
  • پوئين سال واري بجيٽ ۾ به اسان ڏٺوسين ته نون ترقياتي منصوبن تي گهٽ پر شاهي خرچن تي وڌيڪ بجيٽ رکي وئي هئي.
  • هن بجيٽ ۾ به نون ترقياتي منصوبن جي ڪا اميد ناهي. ڇاڪاڻ ته سرڪار اڳواٽ ئي وفاق جي ڪلهي تي بندوق رکي ڇڏي آهي ته ان مالياتي ون يونٽ مڙهي ڇڏيو آهي.
  • وفاق جي اها زيادتي نئين ناهي پر اها به تلخ حقيقت آهي ته پ پ حڪومت کي وفاق کان فنڊ سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ نه پر پنهنجيون ڪميشنون ٺاهڻ لاءِ گهربل هوندا آهن.
  • وفاقي وزيرن جو جواب ۾ اهو چوڻ بلڪل درست هوندو آهي ته جيڪڏهن اسان سنڌ کي فنڊ گهٽ ٿا ڏيون ته اوهان ته اهي به کپائي نٿا سگهو ۽ بنا خرچ ٿيڻ جي اهي گهٽ فنڊ به ليپس ٿي وڃن ٿا ته پوءِ فنڊ وڌائي ڪيئن ڏيون.
  • اهي فنڊ ان ڪري ليپس ٿي ويندا آهن جو اسان جن صوبائي وزيرن کي نه ترقياتي اسڪيمون ٺاهڻ ٿيون اچن ۽ نه ئي انهن کي منظور ڪرائڻ جي ذاتي صلاحيت اٿن.
  • پر جيڪڏهن فرض ٿا ڪيون ته بجيٽ ۾ نون ترقياتي منصوبن جا ڍڳ لڳايا ويندا ته پوءِ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته انهن ترقياتي منصوبن تي ڪير عمل ڪرائيندو. اسان جا وزير ته وزارتون وٺي الائي ڪيڏانهن گم ٿي وڃن ٿا. تنهن ڪري اهي فنڊ عياشين جي نذر ٿي ويندا.
  • ٻيو ته جيستائين سنڌ جي معدني وسيلن جي مالڪي نه ڪبي، انهن تي ڌيان ڏئي ترقي نه وٺرائبي تيستائين معدني وسيلن سان مالا مال شاهوڪار سنڌ جو عوام غريب ئي رهندو.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي معدني وسيلن تي جيڪڏهن حقيقي معنيٰ ۾ ڪم ڪجي ۽ اهي وسيلا حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ تي خرچ ڪجن ته سنڌ سراپا سون آهي ۽ اها ڪنهن ريت به دبئي کان گهٽ ناهي.
(روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو