مدثر نظر بلوچ
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي هيءَ پارٽي ان ڪري وجود ۾ آندي ته جيئن عام ماڻهوءَ ۾ سجاڳي اچي ۽ ان کي ملڪي سياست ۾ نمائندگي ملي. انهيءَ جدوجهد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي قبول ڪئي پر عوام کان پري ٿيڻ قبول نه ڪيو. پنهنجي شهيد والد جي نقشِ قدم، فڪر، فلسفي ۽ سوچ جي پيروي ڪندي سندس بهادر نياڻي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو به ملڪ جي عوام سان نينهن نڀائيندي شهادت جو جام نوش ڪري، هميشه لاءِ امر ٿي وئي. حالانڪه آمرن جي ظلمن ۽ پابندين جي ڪري شهيد راڻيءَ کي ڪيترائي سال جلاوطني به اختيار ڪرڻي پئي پر پوءِ 1986ع هجي يا 2007ع ٻئي ڀيرا جڏهن شهيد راڻي جلاوطني ختم ڪري ڏيهه موٽي ته ملڪ جي عوام جو بي لوث پيار ڏسي لڙڪ روڪي نه سگهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عظيم قائدين جي عوامي پارٽي پنهنجو دڳ مٽائي ڇڏيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪي سياست کي ڊرائنگ روم کان ڪڍي عوام جي وچ ۾ آندو ته جيئن هر عام ماڻهو هر ان ڳالهه بابت ڄاڻ رکي، جيڪا سياست ۾ ٿي رهي آهي، پر موجوده پيپلز پارٽيءَ جي قيادت شهيدن جي فلسفي جي ابتڙ اهڙا ڪم ڪري رهي آهي جو عام ماڻهوءَ کي سياست کان پري رکيو پيو وڃي. اڳ ۾ پارٽي جا فيصلا نئون ديرو هائوس ۾ ٿيندا هئا پر هاڻي اهي فيصلا ملڪ مان نڪري وڃي دبئي پهتا آهن. پارٽي جا وڏا فيصلا مطلب پرڏيهي ۽ مرڪزي سطح جون ڳالهيون جيڪڏهن دبئي، آمريڪا يا لنڊن ۾ ٿين ته ڳالهه وري به سمجهه ۾ اچي ٿي پر هاڻ ڳالهه ته ڳاٽي کان به چڙهي وئي آهي، ڇوته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڄي ملڪ ۾ تنظيمون ٽوڙي جيڪو نئين سر تنظيم سازي جو اعلان ڪيو آهي، ان جا سمورا فيصلا يعني يوسي سطح جا به دبئي ۾ ڪوچيئرمين آصف علي زرداريءَ جي نگراني هيٺ ٿي رهيا آهن. نئين تنظيم سازي جي خواهشمند اميدوارن کي واري واري دبئي طلب ڪيو پيو وڃي. لازمي ڳالهه آهي ته دبئي ته جاگيردار ۽ وڏيرا ئي وڃي سگهندا، عام ڪارڪن يا جيالي کي ته دبئي ويندڙ هوائي جهاز جي جهلڪ به نصيب ناهي ٿيندي. سو ڳالهه هتي اها آهي ته غريبن لاءِ جوڙيل پارٽي جي اڳواڻن اهڙا وڃي وڻ وسايا آهن، جتي عام ماڻهوءَ جو پهچڻ ئي ممڪن ناهي رهيو.
پ پ چيئرمين نئين سر تنظيم سازي جي حوالي سان اعلانن سان گڏ هڪ سوالنامو به جاري ڪيو هو ته ”ٻڌايو ته پارٽي کي ڪيئن مضبوط ڪجي؟“ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پارٽي جن هٿن ۾ رهي آهي، انهن جي هوندي ڪو عام ڪارڪن ته نه راءِ ڏئي سگهي ٿو نه وري تنقيد ڪري سگهي ٿو. پ پ سان لاڳاپيل هڪ اڳوڻي صوبائي وزير سان ڪنهن تقريب ۾ پهريون ڀيرو ملاقات ٿي. دعا سلام بعد مون کان رهيو نه ٿيو ۽ سوال ڪيم ته ”سائين پارٽي ڇو ڀلا پوئتي پئي وڃي؟“ پهريان ته منهنجو سوال ٻڌي همراهه خاموش ٿي ويو پر نيٺ چپ جو روزو ٽوڙي چوڻ لڳو ”سائين حالت اهڙي آهي جو ڪُڇي يا پُڇي نٿو سگهجي، بي بي (بينظير ڀٽو) هوندي هئي ته وارثي به هئي، هاڻي پارٽي ۾ وڏيرڪو نظام آهي، ان ڪري خاموش پيا شهيدن جي پارٽي سان نينهن نڀايون“. هن جا اهي لفظ ٻڌي پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي اڳوڻي صدر مخدوم امين فهيم جون هي سٽون ياد اچي ويون،
بيوفا سان وفا ڪري ڏسبي!
هي خطا بارها ڪري ڏسبي!
هي جو لطف و ڪرم وري به ٿئي،
گويا ٻيهر خطا ڪري ڏسبي!
هر شجر ۾، صبا ۽ گل ۾،
جستجو جابجا ڪري ڏسبي!
جي حياتي وفا ڪئي ته ”فهيم“،
عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي!
مخدوم امين فيهم ته پارٽي سان عشق جي انتها ڪري ڏيکاري پر ڳالهه هتي ڪنهن هڪ فرد جي ناهي، ڳالهه هتي پيپلز پارٽي جي موجوده قيادت جي روين جي آهي، جنهن جي ڪري پارٽي ڏينهون ڏينهن تباهيءَ طرف ڌڪجندي پئي وڃي. الميو اهو آهي ته گذريل هڪ هفتي دوران سنڌ جي مختلف ضلعن مان بلدياتي سيٽ اپ ۾ منصب ماڻڻ جي خواهشمند اميدوارن کي به دبئي سڏائي حال اوريا ويا آهن. ٽائون، ميونسپل ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرميني جا اميدوار دبئي ياترا ڪري حاضريون ڀري آيا آهن. اهو عمل هڪ عوامي پارٽي کي نٿو جڳائي. قومي اسيمبلي ۾ پ پ جو اپوزيشن ليڊر هجي يا سنڌ جو وزيراعليٰ يا وري ٻيا صوبائي وزير، ايم پي اي ۽ ايم اين اي سڀئي دبئي جي محلن ۾ سنڌ سميت ملڪي سياست جا فيصلا ڪري رهيا آهن. انهيءَ سڄي عمل ۾ پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ڪو خاص ڪردار نظر نٿو اچي. هُن جيڪي دعوائون ڪيون آهن انهن تي عمل ئي نه پيو ٿئي. ان جو ننڍڙو مثال اهو ڏيندس ته ماضي ۾ جيڪڏهن تنظيم سازي ڪئي ويندي هئي يا ڪنهن ضلعي يا ڊويزن جي عهديدارن خلاف ڪارڪن ۽ جيالا شڪايتون ڪندا هئا ته اتي ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺائي انهن جا مسئلا ٻڌا ويندا هئا ۽ ذميوارن خلاف تنظيمي ڪارروائي به عمل ۾ آندي ويندي هئي، پر هن وقت اهڙي ڪابه ڳالهه نظر نٿي اچي.
اها ڳالهه اسان به سمجهون ٿا ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي سيڪيورٽي جا مسئلا آهن، ان ڪري هو هر ضلعي ۾ ورڪرز ڪنوينشن ۾ شرڪت نٿو ڪري سگهي پر هر ضلعي مان 25 کان 40 سينئر ورڪرن جي وفد سان بلاول هائوس ڪراچي ۾ ته ملاقات ڪري پارٽي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪري شڪايتون ٻڌي سگهي ٿو؟ پر جڏهن فيصلا ئي دُبئيءَ ۾ ٿيندا هُجن ته پوءِ ڪو جيالو يا ڪارڪن ڪنهن سان شڪايت ڪري؟
حقيقت اها آهي ته مخالف پنهنجي جاءِ تي پر پ پ جا نظرياتي جيالا ۽ ڪارڪن به هاڻي اهڙن فيصلن ۽ عملن تي افسرده آهن. پارٽيءَ مان چيڪ اينڊ بئلينس وارو نظام ختم ٿي چُڪو آهي، جنهن ڪري پ پ جا چونڊيل نمائنده عوام کي کنگهن ئي ڪونه ٿا. ڪي ڪراچي، ڪي اسلام آباد، ڪي دبئي ته ڪي وري آمريڪا ۽ لنڊن ۾ آهن. پويان ڪارڪن مايوسيءَ جو شڪار آهن. جيڪڏهن هينئر به هوش کان ڪم نه ورتو ويو ۽ نظرياتي جيالن ۽ ڪارڪنن کي نظرانداز ڪرڻ واري پاليسي ختم نه ڪئي ته پارٽي کي سنڌ ۾ به اهڙو نقصان ٿيندو، جهڙو 2013ع جي عام چونڊن ۾ باقي ٽن صوبن سميت وفاق ۾ ٿيو. پ پ چيئرمين کي سوشل ميڊيا ۽ باقي قيادت کي ڏيهه اچي ملڪ جي عوام جا اهنج دور ڪرڻ گهرجن، جيڪو هن پارٽي جو حقيقي منشور آهي. ڪرپشن جا سياسي ڪيس، انتقامي ڪارروايون ۽ سياسي اختلاف شهيد راڻيءَ سان به ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمرانن جا هئا پر پوءِ به هُن پنهنجي ملڪ جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو، تنهن ڪري سندس پونئيرن کي به ساڳي جرئت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.
(روزاني عبرت جي ٿورن سان)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو