Monday, June 6, 2016

مدنيء ﷺ جا موتي؛ ايمان جون ستر۽ ڪجهه مٿي شاخون آهن


ابو هريره ﷦ کان روايت آهي ته فرمايو رسول اللهﷺته ايمان جون ستر۽ ڪجهه مٿي شاخون آهن جن سڀني ۾ ڀلي شاخ لااِلاه الا الله جو چوڻ آهي ته سڀني کان گهٽ شاخ رستي تان تڪليف واريون شيون پاسي ڪرڻ آهي ۽ حياءُ به ايمان جي هڪ شاخ آهي. (هن حديث کي بخاري ۽ مسلم روايت ڪيو آهي)
هن حديث مان معلوم ٿيو ته ايمان جا جزا آهن. جنهن شيءِ جا گهڻا جزا هوندا ته اها ضرور گهٽجندي ۽ وڌندي به. انهيءَ ڪري اهل سنت يعني اهل حديث، امام مالڪ، امام شافعي، امام احمد امام اوزاعيءَ جو مذهب هيءُ آهي ته ايمان گهٽجي ۽ وڌي ٿو.  امام حنيفہ جو مذهب آهي ته ايمان گهٽي وڌي ڪونه ٿو. .

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو