Friday, June 10, 2016

مدنيء ﷺ جا موتي: جڏهن ڪا شيءِ توکي دل ۾ کٽڪي ته پوءِ ان کي ڇڏي ڏي


ابي امامه کان روايت آهي ته هڪ ماڻهو رسول اللهﷺ کان سوال پڇيو ته ايمان ڇا آهي؟ فرمايائون ته جڏهن تون ڪا چڱائي ڪرين ته اها توکي پسند اچي ۽ ڪو بڇڙو ڪم ڪرين ته اهو توکي ناپسند لڳي. جڏهن ائين ٿيندو ته تون مؤمن آهين. ان چيو ته گناه يا بڇڙو ڪم ڇا آهي؟ فرمايائون ته جڏهن ڪا شيءِ توکي دل ۾ کٽڪي ته پوءِ ان کي ڇڏي ڏي .
نيڪ ماڻهن جو دستور آهي ته جڏهن ڪو ڪم شڪ وارو هوندو آهي ته اهو هميشه انهن جي دل ۾ کٽڪندو رهندو آهي ته الاجي اهو ڪم جائز يا ناجائز آهي. اهڙي ڪم بابت پاڻ ﷺ جن جو ارشاد آهي ته ڇڏي ڏيو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو