Tuesday, July 12, 2016

وال پيپر ؛چمڪيلا دڪان ۽ عام شاگرد


علي رضا جلباڻي
اڄڪلھه تعليمي ادارن اندر توڙي انهن کان ٻاهر ڪجهھ اهڙين تنظيمُن جنم ورتو آهي جيڪي چورائڻ ۾ غير سياسي، ليڊرشپ بلڊرس ۽ عالمي سطح تي پنهنجي پهچ هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿيون، جيڪي ڪانفرسن کان ويندي وڏن وڏن ڳرن خرچن سان ٻيون تقريبون به ڪرائن ٿيون، پنهنجي نمائندن کي انگريزي نالن وارا عهدا ڏئي (جيڪي عام ماڻهو ته ٺهيو پر گھٽ ڄاڻ واري شاگرد کي به سمجهھ ۾ ڪونه ايندا) ڏاڍي زبردست ايڊيٽنگ ڪري سندن فوٽا سماجي رابطن واري ميڊيا تي رکن ٿا، لباس به مخصوص هجين ٿو، جيڪا به تقريب ڪرائيندا تن ۾ سندن ميمبرن لاءِ فل سوٽ پائڻ لازمي هجي ٿو. لکين رپين جي ماليت وارين تقريبن جي ڪاميابين لاءِ وري success party جي نالي ۾ گڏجاڻيون پڻ ڪيون وڃن ٿيون جيڪي به لکين رپين جي خرچ کان گھٽ نٿيون هجن. جيئن هن خطي جي تاريخ گواھ آهي ته گھڻي ڀاڱي هتان جا ماڻهو لباسيت، رونمائيت ۽ ”اوه! يس يس“ کان متاثر ٿي حقيقت پنسديء کان ڪوهين ڏور وڃي ڪڏهن سڌيءَ ته ڪڏهن اڻسڌيءَ طرح عياشيءَ ۽ گليمر واري پاسي پنهنجو جھڪاءُ رکيو آهي انجا سبب رڳو سطحي نه پر تاريخ سان گهرو ڳانڍاپو رکن ٿا جيئن اسان وٽ عربن جي حملي کان پوءِ هتان جي اصلوڪن به پنهنجو واسطو عربن سان ڳنڍڻ شروع ڪيو ۽ نج سنڌي ذاتين پاڻ کي ٻروچ پئي سڏايو بغير اهو ڄاڻڻ جي ته سندن اصلوڪي سڃاڻ ايتري ته شاهوڪار آهي جو کين عرب يا ٻروچ سڏائڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. جڏهن به ڏاڍ وڌندو آهي چاهي اهو مادي هجي يا نفيسياتي ته ان جا اثر ايترا ته وڌي ويندا آهن جو ان جي اثر هيٺ رهندڙ ڌريون سالن کان ان نفسياتي غلاميءَ کان آزاد نه ٿي سگھنديون آهن.
هتي به احوال ڪجھه هيئن آهي ته اهي اهي نوجوان انهن تنظيمُن کان متاثر ٿيندي نظر آيا جيڪي بنسبت ٻين جي باشعور ۽ عوام دوست هئا ۽ انهن تنظيمن جو باقائدي حصو ٿي بجاءِ انهن تنظيمُن جي روح کي انسان دوستيءَ ، هيٺين سطح جي شاگردن توڙي عوام سان ڳنڍڻ ۽ رويي واري نفسيات کي تبديل ڪرڻ جي پاڻ انهن رنگن ۾ رڱجي ويندا آهن. اهڙيون تنظيمون انفرادي طور ڪنهن لاءِ فائديمند ته ٿي سگھن ٿيون پر تن جو حقيقت پسنديءَ، شاگرد دوستي ۽ انسان دوستيءَ سان ڪجھه نه وڃي، مٿين طبقي جي شاگردن جا ته اڳ ئي عوامي تنظيمن سان تعلق ڪٽيل رهن ٿا ڇو ته کين خبر آهي ته هتي اهي شاگرد آهن جيڪي عام ۽ هيٺين طبقي سان واسطو رکن ٿا تنهنڪري سندن مفاد هڪ جهڙا نه آهن ۽ هو عام ۽ سادي لباس يا عوام ۾ اندر گھڙي ڪم نه ٿا ڪري سگھن. تنهنڪري هيٺين طبقي جي شاگردن کي به اهو سمجھڻ گھرجي ته ظاهري ٺاھ ٺوھ مان متاثر ٿي انهن تنظيمُن حصو ٿيڻ کان پهرين ٿورو اهو سوچڻ گھرجي ته اهڙين تنظيمن جو سماج ۽ عام ماڻهوءَ ۽ عام شاگرد سان ڪهڙو تعلق آهي؟ ڇو نه پنهنجي ذهني ۽ جسماني طاقتُن جو استعمال ان ميدان تي ڪجي جنهن جو اهڙي عام ماڻهوءَ سان ڳانڍاپو هجي، جيڪي نه صرف نئين سماج کي اڏڻ جي ڳالھه ڪن پر انهن جو هر عمل انسان ساز به هجي، هو ان ماڻهوءَ سان ڳانڍاپيل هجن جيڪو ويڳاڻو هجي، جيڪو انهن مٿين استحصالي طبقن طرفان ڌڪاريل هجي، جيڪو ڏکويل ۽ پيڙهيل هجي، باقي اهڙيون تنظيمون غريب شاگرد کي سواءِ محروميءَ واري احساس کان ٻيو ڪجھ نه ٿيون ڏين ۽ پنهنجو پاڻ تائين محدود رهڻ، سياسي ۽ اجتمائي شعور جيڪو اڳي ئي گھٽ آهي تنهن کي ڌڪ رسائڻ کان انهن جون ترجيحون آهن. نوجوانن کي سرمائيدارن جي انهن ننڍن ننڍن پيداوارُن جي حقيقت کي سڃاڻڻ گھرجي.
دنيا ۾ وڏيون وڏيون تبديليون يا وڏا سياسي توڙي سماجي ڇال چمڪيلن دڪانن جي مالڪن نه پر انهن ماڻهن جي ڪري آيا آهن جيڪي عوام سان گهري ڳانڍاپي ۾ هجن ٿا، تن جي سوچن جو مرڪز عام ماڻهو هجي ٿو ، نظرياتي پختگي، مستقل مزاجي ۽ ٽڪي جي شين کان متاثر ٿيڻ بجاءِ حقيقت پسندي سندن محرڪ هجن ٿا. تعليمي ادارا جن کي اقتدار جا اڏا به چيو وڃي ٿو جن منجهان اڳواڻ پئدا ٿين ٿا جيڪڏهن هڪ طرف غنڊاگردي جو درس ڏيندڙ ته ٻئي طرف ههڙيون چمڪيليون تنظيمون نوجوانن جي تحرڪ جو ذريعو هونديون ته اسانکي ڪجهھ نه ورندو پر جيڪڏهن حقيقپسنديءَ واري واٽ وٺندي اسانجي عملن جو مقصد عام ماڻهوءَ جي ڀلائي هجي ته اسانکي 4 مارچ جي هيروز کي مثال بڻائي اهڙين تنظيمُن جو حصو بڻجڻو پوندو جيڪي حقيقي معنائُن ۾ عوامي هجن.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو