Thursday, July 21, 2016

شاعريء جي زبان ؛هي ايڏو جوش۽ جذبو به زندگي جي نانء آ


هي ايڏو جوش۽ جذبو بہ زندگي جي نانء آ
انھی ۾ خوف ۽ خطرو بہ زندگي جي نانء آ
ڄمڻ جي مهل جي کرڙي بہ زندگی پئی ھئی
وڃڻ جي وقت جو ڦٿڪوبہ زندگي جي نانءآ
حسين   گیت    ننڍي    ٻار   جي اوئان اوئان
قبيح موت جو کرڪو بہ  زندگي جي نانء آ 
اکين جو عشق جو پهريون نئون نئون چمڪو
اکين جو آخری گوڙهوبہ زندگي جي نانء آ 
ثواب عمدی کان عمدہ زندگی ئی ڪيا 
گناه گندي کان گندو بہ زندگي جي نانء آ
هميشہ عزم عمل دل جو ٻانهن ٻيلي هو 
ڪڏهن ڪو وهم ڪو ڀولو بہ زندگي جي نانء آ
ڪيو جو مون بہ مليو رقيب کان مونکي 
اهو فريب ۽ دوکو بہ زندگي جي نانء آ
شفيق رات جي شب ۾ جوان گلشن کي 
نئين بهار جو بوسو بہ زندگي جي نانء آ
کلي گلاب جي خوشبو۽ ڀونئر جو ڀڙڪو 
پتنگ شمع جو شعلو بہ زندگي جي نانء آ
لذيذ     چاهه  جا  چوڏول   بره     بازاريون 
هي حسن عشق جو ميلو بہ زندگي جي نانء آ
شراب   رقص   ترانا      شباب       محبوبہ 
عذاب قرب غضب جو بہ زندگی جی نانء آ 
وڃي ٿو درد جي دلدل ۾ وقت دوڪيندو 
هي لمحي لمحي جو ٿيلھو بہ زندگی جی نانء آ 
بهار رنگ هزارين کڻي ڊڪي پهتي 
سڙي درخت جو صدمو بہ زندگی جی نانء آ 
تباھ دل کی گلابی شباب جون آڇون 
اٿاه آرزون اڌهمو بہ زندگی جی نانء آ 
آشام غم جا لڙي شام جو وڪوڙي ويا 
اڃان سڀاڻ جو التو بہ زندگی جی نانء آ 
جلوس رڃ ۾ اڃ جو ڏسي بہ مون جيون 
اداس سوچ جوصدمو بہ زندگی جی نانء آ 
زمان مڪان جی ایڏی اگهور گهيري ۾
ٽٽي وجود جو ٽٻڪو بہ زندگی جی نانء آ 
مٺو آ شهد جو شيشو مثال جيون جي 
انهي ۾ ڪيل جو لاشو بہ زندگی جی نانء آ 
مٺيون وصال جون عیدون کلون مزاه موجون 
ڪڙو بهار جو ڦٽڪو بہ زندگی جی نانء آ 
رفيق رات سان گڏ ڏينهن رنج سان راحت 
خزان بهار جو جوڙو بہ زندگی جی نانء آ 
رڱو ڪمال جو هن جگ ۾ ڪاروبار نہ آ 
هلي زوال جو ڌندو بہ زندگی جی نانء آ 
رڱو جنجال ۽ جهيڙو تہ زندگی ناھی 
مزی ۾ رات جو ميڙو بہ زندگی جی نانء آ 
گهڙيو بهشت ۾ آدم شان ۽ شوڪت سان 
تڙيو ناندان ٿي ننڱو بہ زندگی جی نانء آ 
ڦري پئی ڀوئی گليلو جي قيد ۾ گفتو 
نبي جي حج جو خطبو بہ زندگی جی نانء آ 
مسیح ڍول ڪلهي تي صلیب گهوڙا ڙي 
حُسين خون ۾ وهنتو بہ زندگی جی نانء آ 
سڏيائین رب اڀيچند سرمدي لئہ ۾ چمائین 
تيگ جو تجلو بہ زندگی جی نانء آ 
غيور ديس جو دودو دلير زنده دل 
ترار ڊال سان کيڏيو بہ زندگی جی نانء آ 
نظیرڏاڍوڏمڀيو ٽارچر ۾ ڦٿڪيو پئی 
ڀٽي جي ڪنِڌ جو ڦندو بہ زندگی جی نانء آ 
هي ڪائنات جو نقشو ھزار ڪهڪشان 
هي فڪر فهم جو ليکو بہ زندگی جی نانء آ 
جهان ڪئین جڙيو ڪرشمو اهو ڪئین ٿيو
اهو سوال جو جملو بہ زندگی جی نانء آ 
ھجی ضرور ڪو اللہ روح چاهي ٿو 
هي روح رب جو رشتو بہ زندگی جی نانء آ 
هجي جهان جو ڪو رب هي ضرورت آ 
ننڌڪوٿي پئی ڌهنڪو بہ زندگی جی نانء آ 
ڏئی يقين خرد جو گمان ڪوڙو ڪر 
پوءِ هي معجزو مڃبو بہ زندگی جی نانء آ 
ناحق روح تي پهنجو نہ قرض مادي تي 
مليو سي مفت ۾ جيڪو بہ زندگی جی نانء آ 
ڀري ويا چين جي ڀونچال سوا اٺ لک 
وڏو زمين جو ڌوڏو بہ زندگی جی نانء آ 
ڪيو رنگين زماني کلي کلي جِڳ سان 
حيات موت جو چرچو بہ زندگی جی نانء آ 
ڏسي ٿو رقص ھو منڊو کلي کلي جهومي 
ڏي ٿو ٽهڪ هي انڌو بہ زندگی جی نانء آ 
سوير جهومندو نڪتو مزدور هي پورهئی تي 
اوير ميت ٿي پهتو بہ زندگی جی نانء آ 
جتي بندوق جوڌدڪو جهٽيو ڇتيون گوليون 
اتي جلوس جو نچڪو بہ زندگی جی نانء آ 
بندن ۾ درد جا ٽانڊا ٻريون پئی سگريون
چپن تي گيت پئی گونجيو بہ زندگی جی نانء آ 
پٿر ٿي پيار ۾ سڀ ڪجه سٺم تہ پئی
ھاءپر نفیس سوچ جو شیشوبہ زندگی جی نانء آ 
ھٿن هان رڳو نائوناهي جرڳايو 
زبان ڌيان جو پورهيو بہ زندگی جی نانء آ 
هزار داستان هر داستان جنهن جو آ 
انهي جي قبر جو قطبو بہ زندگی جی نانء آ 
بخاری عشق جو خالق بہ دوستوخود آ 
بخاری عشق جو بندو بہ زندگی جی نانء آ 
هي ايڏو جوش۽ جذبو بہ زندگي جي نانء آ
انھی ۾ خوف ۽ خطرو بہ زندگي جي نانء آ
۔
سيد احمد شاه :
(استاد بخاری )

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو