Sunday, July 24, 2016

نصيحت ڀريون ڳالهيون؛ “هنن جي هوشياري ڪيڏي آهي ”


اورنگزيب عالمگير کي انجينئرن شڪايت ڪئي ته توهان عالِمن، مفتين کي وڏيون پگهارون ٿا ڏيو حالانڪه انهن جو وڏو ڪم ناهي. اسان پُلون ۽ روڊ ٿا ٺاهيون اسان جي پگهار ٿوري آهي؟ 

اورنگزيب عالمگير بادشاهه چيو ته اڄ عالِمن کي گهرايان ٿو توهان ۽ انهن جو امتحان ٿو وٺان خبر پوندي ته انهن کي وڏي پگهار ڇو آهي؟

سوال: هي هڪ تلاءُ آهي ان ۾ پاڻي جا ڪيترا پيالا ٿيندا ؟ ان جو پاڻي ڪيترا پيالا آهي؟

جواب ۾ : انجينئرن چيو ته تلاءُ جي ماپ ٿيندي پوءِ خبر پوندي ته پاڻي جا ڪيترا پيالا آهن.

عالمن چيو ته سائين هن پيالي کي ڏسڻو آهي جيڪڏهن اهو پيالو تلاءُ جيترو آهي ته اهو تلاءُ هڪ پيالو ٿيندو جيڪڏهن اڌ پيالي جيترو ته ٻه پيالا.

ان تي اورنگزيب چيو ته هنن جي ذڪاوت (هوشياري) ڪيڏي آهي نه ماپ جي 
ضرورت نه تڪليف.
ڊاڪٽر حافظ شبيراحمد چنا

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو