Saturday, July 23, 2016

غيرفعال بڻيل حڪومت.


شفيق الرحمان شاڪر
بد قسمتيء سان هن وقت پاڪستان ۾ پورو سياسي نظام عملي طور تي غير فعال ۽ اڻ لاڳاپيل بڻجي چڪو آهي،انهيء جي ذميداري جتي ٻين شين تي وجھي سگھجي ٿي اتي حقيقيت پسنديء سان ڏٺو وڃي ته سياسي پارٽين تي ۽ خاص طور تي حڪمران ڌرين کي انهيء پيدا ٿيل صورتحال کان ڪنهن به طرح آجو ڪري نٿو سگھجي.جهڙيء طرح جي طرز حڪمراني جاري رهي ۽ جهڙيء طرح اهم قومي معاملن ۽ عوامي مسئلن کان اکيون پوري،صرف پنهن جن ذاتي ۽ گروهي مفادن جي جنگ وڙهي ويئي انهيء جو منطقي انجام اهو ئي سامهون اچڻو هو.سوشل ميڊيا ۽ عام عوامي راء جو جائزو وٺجي ته ماڻهو حڪومتن کان بلڪل تنگ نظر اچن ٿا ۽ ايستائين جو اهي ڪنهن غيرآئيني تبديليء جي حمايت ۾ دليل به ڏيڻ لڳڻ ٿا.سبب ڇا؟ اهو جو هي نام نهاد جمهوري حڪومتون گڊ گورنس نالي ڪابه شيء مهيا ڪري نه سگھيون آهن.نه رڳو اهو پر اهي قوم ۾ پکڙيل ان عظيم ۽ خطرناڪ مايوسيء جو ادراڪ ڪرڻ يا روز بروز عوامي سوچن ۾ پيدا ٿيندڙ تبديلين کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت ئي وڃائي ويٺيون آهن.جڏهن ڪا سياسي حڪومت پنهن جي حصي جو آئيني ڪم ڪرڻ بدران مورڳو رياست ۽ عوام کان ئي اڻ لاڳاپيل بڻجي وڃي ته پوء ان پيدا ٿيل خال کي ڪا نه ڪا ڌر ضرور اچي ڀريندي آهي،پوء انهن تي رڙيون ڪرڻ ۽ ٻوٿ سڄائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جڏهن حڪومت جا سمورا آئيني ڪم ۽ ذميداريون سياسي حڪمران پنهن جي مٿان کڻڻ بدران ڪنهن ٻي اداري جي حوالي ڪري ڇڏين ٿا ته پوء اهڙي حڪومت جو نه ته ڪو اخلاقي جواز باقي رهي ٿو ۽ نه ئي عوام انهيء جي طرف ڪي اميد ڀريون نظرون کڻي ٿو.اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ فوج کي اقتدار سنڀالڻ جي دعوت ڏيندڙ بينر لڳڻ خلاف وٺ وٺان ڪرڻ بدران حڪومت کي ان سوال تي سوچڻ گھرجي ته عوام ۾ آخر اهي سوچون ڇو پيدا ٿيون آهن؟ٻيا مسئلا ته پنهن جي جاء تي پر نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي معاملي ۾ حڪمرانن جيترو غيرذميداريء ۽ لاتعلقيء جو مظاهرو ڪيو آهي،اهو ٻڌائي  ٿوته پاڪستان جي حڪمرانن جون ترجيحون ڪجهه ٻيون آهن.هيترو ڪجھ سامهون اچڻ باوجود اهي اڄ به نه مڃڻ  ۽ اجائي ضد واري خطرناڪ پاليسيء تي عمل پيرا آهن. صرف بيانن سان نه ته غريب عوام جو پيٽ ڀري سگھجي ٿو ۽ نه ئي ماڻهن جي گڏيل شعور کي دوکو ڏيئي سگھجي ٿو.ملڪ ڪيئن پيو هلي،معاملا ڪهڙي رخ ۾ وڃي رهيا آهن،ڪنهن کي ڪجھ به سمجھ ۾ نٿو اچي،بحران مٿان هڪ نئون بحران ڪر کنيو بيٺو آهي.هيستائين به حڪمرانن کي اها ئي خوشفهمي آهي ته معاملن کي اجائي ڊيگھ ڏيئي نومبر جي ويجھو پهچي وڃبو ۽ موجوده فوجي اڳواڻ جي رٽائيرمينٽ کان پوء حالتون رواجي ٿي وينديون پرايئن ٿيڻ مشڪل نظر اچي ٿو.فوج طرفان دهشتگرديء خلاف شروع ڪيل آپريشن ۽ ڪرپشن خلاف ڪاروائي ڪنهن به صورت ۾ رول بيڪ ٿيندي نظر نٿي اچي بلڪه انهيء ۾ ايندڙ ڪجھ ڏينهن ۾ تمام وڏي تيزي اچڻ جو امڪان آهي.وڏين وڏين مڇين جي پڪڙ ڌڪڙ جو مرحلو شايد پهچي ويو آهي.
هوڏانهن باخبر ذريعن مطابق نواز حڪومت جي قابل اعتماد وزيرن ۽ مشيرن جو جاتي امراء ۾ هڪ اهم اجلاس به ٿيو آهي جنهن ۾ ميان نواز شريف کي واپس لنڊن وڃڻ کان منع ڪندي سندس خلاف پيدا ٿيل صورتحال جو مقابلو ڪرڻ جي صلاح ڏني ويئي آهي.ميان نواز شريف جي ڪنهن به ممڪنه احتساب يا عدالتي ڪاروائيء کان بچڻ لاء هڪ سادو ۽ سلامتيء جو رستو اهو به بحث هيٺ آيو آهي ته موجوده صدر ممنون حسين کي استعيفا  ڏياري ان جي جڳهه تي ميان صاحب پاڻ صدر بڻجي وڃي ۽ ڪنهن ٻئي صوبي مان ڪو نالي جو وزيراعظم نامزد ڪري جيئن سابق صدر آصف زرداريء ڪيو هو. ان نموني سان نه صرف ميان صاحب جي حڪومتي معاملن تي مضبوط گرفت برقرار رهندي پر ان سان گڏوگڏ هو آئين موجب پاڪستان جي صدر کي مليل استشنا جي ڪري ڪنهن به احتساب يا عدالتي ڪاروائيء کان بچي ويندو.ان راء جي حق ۾ دليل ڏيڻ وارن جو اهو به چوڻ آهي ته صدر جي حيثيت سان ميان صاحب جنهن ڏينهن قسم کڻندو ان ڏينهن کا سندس صدارتي مدت ڳڻي ويندي، اهڙيء طرح 2018ع  جي ايندڙ چونڊن ۾ به ميان صاحب صدارتي محل ۾ موجود رهندي نون ليگ جي سٺي مدد ڪري سگھي ٿو.انهيء تجويز تي عمل ٿئي ٿو يا نه پر ايترو ضرور چئي سگھجي ٿو ته  تازو ميان شهباز شريف سان جنرل راحيل شريف جي ٿيل ڊگھي ملاقات ۾هڪ اهم پيغام جي مٽا سٽا ضرور ٿي آهي. نون ليگي صلاحڪارن پاران پيش ڪيل مٿين تجويز توڙي جو ظاهر ۾ سلامتيء واري ۽ قابل عمل نطر اچي ٿي پران ۾ به ميان صاحب هڪ خطري جي بوء سنگھي رهيو آهي سو اهو ته سندس صدارت جي چونڊ دوران ڪٿي سندس خلاف پٽيشن داخل ٿي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ جيڪر هو نااهل ٿي ويو ته پوء چا ٿيندو؟ بهرحال اها تجويز ميان صاحب قبول ڪري ٿو يانه پر ميان صاحب جي اسلام آباد واپسي ۽ قومي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ ان امڪان طرف ضرور اشارو ڪن ٿا ته برف ڪجھ پگھري آهي!
رهيو سوال اپوزيشن پاران حڪومت جي خلاف ڀرپور عوامي تحريڪ هلائڻ جو ته عمران ۽ طاهرالقادريء کان سواء ٻيو ڪو ميدان ۾ لهي،سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.بلڪه عمران خان به ايترو تڪڙو ميدان ۾ نه لهندو جو آف شور ڪمپنين جي حوالي سان سندس پنهن جي پارٽي ميمبرن جو به مٿس گھڻو دٻاء آهي.
(روزاني سوڀ 22 جولاء 2016ع) 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو