Wednesday, July 27, 2016

قائم علي شاهه جا اٺ سال ڪيئن رهيا؟


رياض سهيل
سنڌ ۾ گذريل 8 سالن ۾ اهڙا ڪيئي موقعا آيا جڏهن ڳالهه ان سطح تي پهتي ته وزيراعليٰ کي تبديل ڪرڻ گهرجي. پر سيد قائم علي شاهه پنهنجي فرمانبرداريءَ سبب هميشه اهڙي صورتحال کي مات ڏئي پارٽي قيادت جو اعتماد حاصل ڪري وٺندو هو.
2008ع جي عام چونڊن کانپوءِ جڏهن وزيراعظم لاءِ يوسف رضا گيلانيءَ جي نامزدگي سياسي حلقن لاءِ حيرانگيءَ جو سبب بڻي هئي، بلڪل ساڳي طرح هڪ بزرگ شخص جي وزيراعليٰ طور نامزدگي کي به ڪجهه حلقن ۾ پسنديدگيءَ جي نگاهه سان نه ڏٺو ويو هو. پر اعليٰ قيادت جا تيور ڏسي اهي خاموش رهيا. سيد قائم علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ صوبائي حڪومت تي صحت، تعليم ۽ امن امان سميت ڪيئي شعبن ۾ حڪمرانيءَ جي طور طريقن ۽ بدعنوانين جا الزام لڳندا رهيا.
2010ع ۽ 2011ع ۾ ٻوڏ جون تباهيون ڪراچيءَ ۾ سياسي ۽ لساني بنيادن تي قتل عام، متحده قومي موومينٽ جو سياسي دٻاءُ اهي چيلينجون هيون، جيڪي سندس ڪرسيءَ کي هر هر لوڏينديون رهيون. معاملا جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ پهتا ته سندس طرز حڪمرانيءَ بابت آڱريون کڄڻ لڳيون.
2013ع جي عام چونڊن کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ جي ٻين صوبن ۾ شڪست کانپوءِ سنڌ ۾ قيادت جي ڪَرم جي نظر وري به سيد قائم علي شاهه تي پئي ۽ کيس وري به ان عهدي تي چونڊيو ويو پر هن ڀيري وفاق ۾ پيپلز پارٽي نه پر مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هئي ۽ ان مدت ۾ ئي 18 هين ترميم تحت صوبن جي وسيلن ۾ اضافو به ٿيو، پر ان سان طرز حڪمرانيءَ ۾ بهتريءَ بدران ڪرپشن جون شڪايتون سامهون اچڻ لڳيون.
رڳو ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جا واقعا ئي نه پر صحت، تعليم ۽ آبپاشي سميت خدمتن جي هر شعبي ۾ وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي ماڻهن کي متاثر ڪري نه سگهي. غير سرڪاري تنظيم پلڊ اپ جو سربراهه احمد بلال محبوب چئي ٿو ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي مجموعي طور مايوس ڪن حد تائين ڪمزور رهي. گذريل اٺن سالن ۾ ان جي ڪا ڪاميابي ڳولڻ ڏاڍو مشڪل آهي، ان رڳو ڪم ٽپايو آهي، باوجود ان جي پارٽي اندر ڌڙابندي هئي ۽ سنڌ جو مينڊيٽ به ورهايل هو.
تجزيا نگار ڊاڪٽر توصيف احمد جو چوڻ آهي ته سيد قائم علي شاهه ۽ سندس خاندان ڪنهن به اسڪينڊل ۾ ملوث نه رهيا، جيڪا گورننس ۽ ميرٽ پامال ٿي ۽ سموري سنڌ گند جي ڍير ۾ تبديل ٿي وئي، ان ۾ غلطي قائم علي شاهه جي هئي يا پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جي جنهن قائم علي شاهه کي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ نه ڏنو، نتيجي ۾ ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو ۽ مجموعي طور سنڌ پسماندگيءَ جو شڪار ٿي وئي.
ڪراچيءَ ۾ جڏهن ٽارگيٽيڊ آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو ته صوبائي حڪومت جي گرفت شهر تائين ڪمزور ٿي ۽ جڏهن رينجرز ڊاڪٽر عاصم حسين فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي چيئرمين نثار مورائيءَ جي گرفتاريءَ کانپوءِ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ڏانهن قدم وڌايا ۽ ڪرپشن جي معاملن کي کنيو ته صوبائي حڪومت هڪ لڪير ڇڪي ورتي ۽ ان کي رينجرز جي ان ڪردار کي اختيار اورانگهڻ قرار ڏنو.
ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گمشدگي، حراست ۾ فوت ٿيڻ ۽ اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال جي آمد ۽ سياسي جماعت جي اعلان تي ايم ڪيو ايم جي خدشن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو ويو پر باقراڻي مان صوبائي وزير سهيل انور سيال جي ڀاءُ جي دوست اسد کرل جي گرفتاري ۽ حملي آورن طرفان ڇڏائڻ هڪ نئين تڪرار کي جنم ڏنو ۽ رينجرز سڄي سنڌ اندر آپريشن بابت پنهنجي موقف کي انتهائي سخت انداز سان پيش ڪيو، سيد قائم علي شاهه رينجرز جي مقرري ۽ اختيارن ۾ واڌ تي قيادت سان مشوري لاءِ دبئي ويو هيو، جتي کيس تبديل ڪرڻ جو فيصلو سامهون آيو.
صحافي ۽ تجزيانگار فياض نائچ سمجهي ٿو ته جڏهن آصف علي زرداريءَ چيو هو ته هو ”اينٽ سي اينٽ بجا دينگي“ ان وقت به وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه ئي هو، هينئر ته صورتحال ان کان وڌيڪ ڇڪتاڻ واري نه هئي. هو سمجهي ٿو ته وزيراعليٰ جيڪو به ٿيندو، سو موقف اهو ئي اختيار ڪندو، جيڪو آصف زرداريءَ جو هوندو. جن به ڌرين سان سياسي ۽ انتظامي معاملا طئي ٿين ٿا سي وزيراعليٰ نه پر دبئيءَ ۾ پارٽي قيادت طئي ڪري ٿي.
سنڌ ۾ روز مرهه جا جيڪي معاملا آهن سي آصف زرداريءَ جي ڀيڻ فريال ٽالپر هلائيندي رهي آهي، ان کان اڳ اويس مظفر وزيراعليٰ کان وڌيڪ بااختيار سمجهيو ويندو هو، اهڙي طرح اڳوڻو گهرو وزير ذوالفقار مرزا وزيراعليٰ کان وڌيڪ طاقتور ۽ بااختيار نظر ايندو هو، وزيراعليٰ ته بس سيٽ تي ويهڻ تائين محدود رهجي ويو هو. غير سرڪاري تنظيم فيئر اينڊ فري اليڪشن يعني فافن جي سربراهه مدثر رضويءَ جو چوڻ آهي ته قيادت جي تبديليءَ کان مثبت تبديلي جي اميد ڪري سگهجي ٿي.
سنڌ جي صورتحال 2008ع کان وٺي هڪ جهڙي آهي، ان ۾ ڪابه تبديلي آندي ئي ناهي وئي، يقينن جڏهن نئون وڏو وزير ايندو ته ان اڳيان چيلينجون هونديون ۽ ذميواري به وڌي ويندي، ڇو جو ان کي پنهنجي قابليت ثابت ڪرڻي پوندي، سنڌ اسيمبليءَ جي 168 ميمبرن واري ايوان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جون 92 سيٽون آهن، وزيراعليٰ جي چونڊڻ ۾ ان کي ڏکيائي ڏسڻي نه پوندي.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت هئڻ جو اعزاز حاصل رهيو آهي، هاڻي ان جي حڪمراني سوڙهي ٿي سنڌ صوبي تائين محدود رهجي وئي آهي، ان صوبي کي ماڊل بڻائڻ پيپلز پارٽيءَ ۽ ايندڙ وزيراعليٰ ٻنهي لاءِ هڪ مشڪل امتحان آهي، ڇو جو اها ڪارڪردگي ان کي اڳتي وڌڻ يا اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جو سبب بڻجندي.
تجزيا نگار ڊاڪٽر توصيف احمد جو چوڻ آهي ته پ پ جو ماضيءَ جو اٺن سالن جو تجربو، چاهي اهو وفاق جو هجي، بلوچستان يا ڪشمير يا سنڌ جو هجي ان مان ته اهو ئي ثابت ٿيو آهي ته اها وزيراعليٰ  کي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جو موقعو نه ڏيندي پر جي اڃا به زرداريءَ ڀت تي لکيل لکڻيءَ کي نه پڙهيو ته پوءِ پيپلز پارٽيءَ جو مستقبل سنڌ ۾ به پوڙهو ٿي ويندو.
فافن جو سربراهه مدثر رضوي چئي ٿو ته پيپلز پارٽي جي قيادت سنڌ حڪومت تي گهڻو اثر انداز ٿئي ٿي پر هو ان کي غلط نه ٿو سمجهي، ڇو جو پارٽيءَ جو جيڪو پروگرام آهي تنهن تي ته حڪومت عمل ڪري، هن بهتر حڪمراني، ڪرپشن ۽ غربت جي خاتمي جا جيڪي واعدا ڪيا آهن، تن کي پورا ڪري.
(بي بي سي جي ٿورن سان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو