Friday, July 22, 2016

پاڪستان جي ڀيٽ ترڪيءَ سان نٿي ڪري سگهجي


عائشه صديقه
ترڪيءَ ۾ ماڻهن فوجي بغاوت کي ناڪام ڇا بڻايو اسان وٽ به دوست سمجهي ويٺا ته پاڪستان ۾ به اسان ايئن ڪري سگهون ٿا. بس رڳو ٽينڪن اڳيان ليٽڻو ئي ته آهي. ترڪيءَ جون حالتون ڏسي بهرحال ايترو جوش و خروش ضرور هو جو حيرت جي ڳالهه ناهي ته ماڻهو عمران خان جو بيان ڏسي خفا ٿي ويا. هن به عجيب ڳالهه چئي ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ فوج ڪشي ٿئي ته ماڻهو مٺايو ورهائيندا. مڃيوسين ته خان صاحب ڳالهائڻ جو ماهر ناهي ۽ نه ئي وري مٿس ڳالهائڻ کان اڳ سوچڻ جو الزام لڳائي ٿو سگهجي پر اهو خيال جيڪو سندس ڇَسي ڳالهه پٺيان آهي اهو شايد ايترو غلط نه هجي.
مسئلو اهو ناهي ته پاڪستانين کي جمهوريت سٺي نه ٿي لڳي، يا وري اسان جا سياستدان دنيا جا خراب ترين سياستدان آهن. آخر اسان به ته ماضيءَ ۾ ڪجهه فوجي بغاوتن کي ناڪام بڻايو آهي، واضح رهي ته ترڪيءَ ۾ جيڪي ٿيو سا هڪ فوجي ڌڙي جي بغاوت هئي. اسان وٽ 75-1974ع ۾ ميجر جنرل تجمل حسين ۽ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ جنرل عباسيءَ حڪومتن جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ ان وقت جي فوج جي سربراهه خلاف ڳٺ جوڙ ڪئي، جيڪا ناڪام بڻائي وئي. اهي سڀئي فوجون جن جو ڍانچو پيشيوراڻو هجي، تن ۾ هڪ ڪامياب بغاوت لاءِ حڪم مٿان کان جاري ٿيندا آهن. ترڪيءَ ۾ بعاوت ڪندڙ فوجي يقيني طور پنهنجي صدر طيب اردگان ۽ سندس پاليسي کان ناراض هئا. ترڪ فوج چار ڀيرا حڪومت ڪئي آهي ۽ هي ادارو پاڪستاني فوج کان مختلف آهي، ڇو جو جديد ترڪ رياست جا بنياد اتاترڪ فوج جي اڳواڻيءَ ۾ رکيا هئا. سلطنت عثمانيه جي خاتمي کانپوءِ اتاترڪ ترڪ قوم ۽ مملڪت جا بنياد سيڪيولر طرز تي رکيا، معاملو هلندو رهيو، جيڪڏهن فوج مداخلت نه ڪري ها، اهڙين حالتن ۾ ماڻهو نه رڳو فوج سان نفرت ڪرڻ لڳا. پر سيڪيولرزم کان به ناراض ٿيا. ويجهي ماضيءَ ۾ يورپين يونين ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ترڪيءَ کي گهڻو فائدو ڏنو. يورپ جي حڪمرانن جو اسرار هو ته ترڪي پنهنجي جمهوري قدرن کي مضبوط ڪري اسلامي ۽ عثمانيه واري تاريخ پنهنجي جاءِ تي ۽ ترڪ ماڻهو جو يورپي شعور پنهنجي جاءِ تي.
جمهوريت جو سڀ کان گهنو فائدو صدر اردگان کي ٿيو، جنهن اسلامي پارٽين ۽ گروهن جي مدد سان طاقت حاصل ڪئي.. 2012ع تائين ته اردگان جو ساٿ عبدالله گولن سان به هو، جنهن تي اڄ هو فوجي بغاوت جي سرپرستيءَ جو الزام هڻي رهيو آهي. گولن کي 1991ع ۾ پنهنجي ديني عالم جي ڪرسيءَ تان هٿ کڻڻو پيو هو. سندس مقصد فوج ۽ ٻين سرڪاري ادارن ۾ اثر وڌائي خاموشيءَ سان مملڪت تي قبضو ڪرڻ هو. بلڪل ايئن جيئن حزب التحرير هڪ اسلامي رياست بنائڻ ٿي گهري، گولن به ترڪيءَ ۾ سيڪيولرزم کي ختم ڪري 2012ع ۾ اردگان سان تون ڇا تون ڇا اقتدار تان ئي ٿي هئي. اهو معاملو 2014ع ۾ ڪجهه واپارين ڪامورن ۽ وزيرن کي حراست ۾ وٺڻ کانپوءِ ويتر وڌيو، جن تي ايران سان سون جي عيوض تيل جو واپار ڪرڻ جو الزام هو. اردگان هڪ طرف ته اسلام جي پرچار ڪندي نظر اچي ٿو. ٻئي طرف يورپ ۽ آمريڪا سان ٺاهه ڪندي به نظر اچي ٿو. ايتري تائين جو شروع ۾ آمريڪا جي چوڻ تي داعش لاءِ ترڪيءَ کي گذر گاهه بڻايو ويو هو. مقتدر حلقا ته اڃا به اردگان جي پٽ جو نالو داعش کي هٿيار فراهم ڪرڻ طور وٺن ٿا. اسلامي گروپن ۽ تحريڪن جو ساٿ ڏيڻ جو هڪ نتيجو دهشت گرديءَ ۾ اضافي طور نڪتو آهي، جنهن جي ڪري اردگان هاڻي سيڪيولرزم کي ختم ڪرڻ واري پنهنجي ارادي تان پير پوئتي ڪندي نظر اچي ٿو. معاشي ترقيءَ جي سست رفتار ۽ وڏين طاقتن سان الجهڻ کان بچڻ جي طاقت جي فقدان سبب شايد اسلامي گروهن ۽ اردگان وچ ۾ هڪ گوءِ نظر اچي ٿي. تازو ئي ترڪيءَ اسرائيل سان لاڳاپا به رکيا آهن.
شايد اهڙي قسم جي ڇڪتاڻ جي پاڪستان ۾ هجي ته اسان جا کوڙ سياسي اڳواڻ هن وقت تائين فوج جي مدد سان حڪومت ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري به چڪا هجن ها. پاڪستان ۾ ته نواز شريف جي هندستان سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوشش جي ڪري کيس هر ايندڙ ڏينهن للڪاريو وڃي ٿو. پر اسان ترڪيءَ جي عوام وانگر وقت جي حڪومت کي بچائڻ لاءِ نه اٿنداسين. اهو ان ڪري ناهي جو اسان پنهنجي حڪومت کان گهڻو ناراض آهيون. ڀلا اسصان ماڻهو جن هڪ ضرر ڇوڪري قنديل بلوچ کي پنهنجي ڪوڙي عزت جي ڪري قتل ڪري ڇڏيو. آخر هن جو گناهه يا قصور انهن دوکيباز ماڻهن کان گهڻو ته نه هو جيڪي ڪڏهن تعليم ته ڪڏهن قومي تشخص جي آڙ ۾ ملڪ ۽ قوم کي وڪڻن ٿا. هن جو گناهه شايد اهو هو جو هن هڪ پٺتي پيل علائقي ۽ هڪ غريب خاندان سان تعلق هئڻ باوجود وڏا خواب ڏٺا. ڇا رياست کيس تعليم ۽ ٻين کان اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏنا هئا؟ مونکي ته هيءَ ڳالهه به ڪوڙي لڳي ٿي ته ڀاءُ کيس غيرت ۾ اچي قتل ڪيو. اهو ڀاءُ جيڪو پنهنجي نشي پتي جا پئسا پنهنجي ڀيڻ کان وٺندو هو، مونکي ته ان قاتل ڀاءُ ۽ انهن تعليم يافته ماڻهن ۾ ڪو فرق نه ٿو لڳي جيڪي قنديل کي پنهنجي موت جو پاڻ ذميوار قرار ڏئي رهيا آهن.
توهان سوچيندا هوندا ته ڪيڏانهن قنديل ۽ ڪيڏانهن ترڪي ۽ پاڪستان جي سياست جا معاملا پر ڳالهه هي آهي ته جيڪو معاشرو پنهنجي لاءِ سوچڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي ۽ پنهنجي لاءِ اٿي نه ٿو سگهي سو پنهنجو پاڻ کي ڪيئن بچائيندو؟ اسان جو سماج پنهنجي نالي تي قرباني ته وٺي ٿو پر ان ۾ جي شخصي آزادي ناهي ته سماج جي بچاءَ جي ڳالهه ته پري جي ڳالهه آهي، سو جي فوج اسان وٽ بغاوت ڪري ٿي ته اسان پنهنجي گهرن ۾ لڪي وينداسين. جيڪڏهن فوج جي پاڻ ۾ لڙائي هجي ته فيصلي جو انتظار ڪنداسين ۽ جيڪڏهن سڄي فوج جو فيصلو ٿيو ته خاموشيءَ سان قبول ڪري وٺنداسين. شايد اسان معاشرو ئي ناهيون يا يا وري گڏيل سوچ ۽ فائدي کان اڻ ڄاڻ آهيون.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو