Tuesday, July 26, 2016

لـطـيـــــف ؒ جـــــــي لات ؛ چَنڊَ! چوانءِ سَچُ، جي مَٺِي نه ڀانئِئين؛


چَنڊَ! چوانءِ سَچُ، جي مَٺِي نه ڀانئِئين؛
ڪَڏهن اُڀرِين سَنهڙو، ڪَڏهن اُڀرِين ڳَچُ؛
مُنهَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ۾ ناھِ پيشانِي پِرِينءَ
جِي.
اي چنڊ! توکي سچي ڳالهه چوان جيڪر ناراض نه ٿئين.ڪڏهن سنهڙو اڀرين ٿو ته ڪڏهن چوڏهينء جو ڀرپور چنڊ هوندو آهين.تنهن جي سموري سونهن ۽ روشني منهن جي محبوب جي پيشانيء برابر به ناهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو