Wednesday, July 20, 2016

وال پــــيــــپـــــــر ؛ڪالاباغ ڊيم، پنجاب، واپڊا چيئرمين ۽ مسلم ليگ ن


مظهر خاصخيلي
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ تڪراري بڻيل ڪالاباغ ڊيم جو ٽي رڪني جوڙيل بينچ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي ان حوالي سان سپريم ڪورٽ تڪراري ڪا لا باغ ڊيم جي اڏاوت جي حق ۾ داخل ڪيل نظر ثاني اپيل تي فيصلو محفوظ ڪندي درخواست گذار کان هڪ هفتي اندر لکت ۾ جواب دليلن سان طلب ڪري ورتو آهي، ان ڪيس ۾ جسٽس گلزار احمد رما رڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪا لاباغ ڊيم جو معاملو سياسي بڻجي چڪو آهي ٽي صوبا ڊيم جي حق ۾ ناهن پا رليا مينٽ جي فيصلن تي عدالت ڪئين حڪم ڏئي سگھي ٿي، اهڙا رمارڪس هن 18 جولاءِ تي سومر جي ڏينهن چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي  ۾ ٽه رڪني جڙيل بينچ ۾ ڏنا. ان بينچ جي سربراهه جسٽس انور ظهير جمالي پنهنجن رماڪس م چيو ته عدالت پاليسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي ان حوالي سان اپيل داخل ڪندڙ وڪيل اي ڪي ڊوگر چيو ته عدالت مون کي ٻڌڻ کان سواءِ فيصلو ڪري رهي آهي ۽ معاملي کي عام مفادن جو معاملو سمجھڻ بدران فني بنيادن تي خارج ڪيو ويو، جڏهن عام ما ڻهن جي جي مفاد ن جو معاملو هجي ته عدالت پارليامينٽ کي حڪم ڏئي سگھي ٿي. چيف جسٽس چيو ته ڊيم ٺاهڻ يا نه ٺاهڻ سان اوهان جو ڪهڙو حق مجروح ٿيو آهي جنهن کان پوءِ عدالت پاران ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪندي عدالت بعد ۾ نظر ثاني اپيل جي درخواست گذار ڏيندڙ کي هڪ هفتي ۾ لکت ۾ دليل ڏئڻ جي هدايت ڪئي آهي پر وري به ڏک ان ڳالهه جو آهي ته هن ملڪ اندر مقرر ٿيل واپڊا جو چئرمين ظفرالحق الاءِ ڪهڙي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي ۽ ان ته ڪافي وقت کان وٺي مختلف اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ ڪيترائي ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ ڪالم لکيا آهن تن کي اسان جي سمورين سنڌي اخبارن کي جن ڇپڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ۽ اهو جواب سڄي سنڌي قوم جو جواب آهي. پر مان هن سنڌ جو فرد هجڻ نا تي سان ان واپڊا جي چئرمين کان صرف اهو سوال ٿو پڇان ته ڇا اڳوڻي آمر پرويز مشرف جيڪا اين جي عباسي جي اڳواڻي ۾ پا ڻي ڪاميٽي ٺاهي هئي ان ڪاميٽي فني حوالي سان سمورن پاسن کان دليل ڏئي ڪالا باغ ڊيم کي خطرناڪ قرار ڏيندي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو هو پر هي جيڪو سرڪار جي پگھار کڻندڙ واپڊا جو چئرمين آهي اهو الائي ڪهڙا دليل ڏئي سنڌي ماڻهن ۽ پختونن بلوچن کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي راضي ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري پيسي سان مهم هلائي رهيو آهي، ان کي آخر ڪير روڪيندو ڇا پنجاب کان سواءِ باقي صوبن جا رهواسي هن ملڪ جا رهواسي ناهن جا انهن وٽ ايترو عقل نه آهي جو هو پنهنجو برو ڀلو سمجهي سگھن ۽ اهي ٽن صوبن مان چونڊيل سمورا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر به نا سمجھه آهن انهن کي به موجودهه واپڊا جو موجوده چيئرمين سمجهائيندو جنهن هن وقت تائين پنهنجي واپڊا کاتي کي نه سڌاريو آهي اهو سنڌي قوم ،پختون قوم،بلوچ قوم کي سمجھائيندو.
جڏهن به مسلم ليگ ن جي ميمبرن ۽ اڳواڻ کي ڳالهائڻ جو موقعو مليو آهي انهن سدائين پنهنجو اوٻر ڪڍيو آهي ۽ ملڪ جي قومي اسيمبلي اندر ان ڪالاباغ ڊيم جو  رينگٽ بين الصوبائي معاملن واري وفاقي وزير رياض پيرازده پاران قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل لکت واري بيان ۾ چيو آهي ته ڊيم بابت صوبن ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ وزير اعظم کي تجويزون پيش ڪيون آهن جنهن جي جواب جو انتظار آهي ۽ هن اهڙو بيان لکت ۾ هلندڙ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت واري اجلاس دوران پيش ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ سندس چوڻ آهي ته ڪالاباغ ڊيم معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ غور هيٺ آهي ۽ صوبن ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ 1991 ۽ 1998ع جي فيصلن کي پيش ڪرڻ جون تجويزون به ڏنيون ويون آهن جڏهن ته آرٽيڪل 147 تحت وفاق ۽ صوبن پاران گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلي تي بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ جي صورت ۾ فيصلو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. هي بيان ڪنهن عام ماڻهو يا سياسي پارٽي جي ڪنهن اڳواڻ جي پريس ڪانفرنس ۾ ڪيل ڳالهه ٻولهه ناهي پر هن ملڪ جي بين الصوبائي وفاقي وزير جنهن جو اصل ۾ ڪم اهو آهي ته صوبن ۽ وفاق ۾ هم آهنگي پيدا ڪري پر افسوس جي اها ڳالهه آهي ته هن موجوده وفاقي وزير پنهنجي دل جو اوٻر ظاهر ڪندي ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هن جو تعلق ملڪ جي وڏي صوبي پنجاب سان آهي ان جي ڪري هن لاءِ سڀ کان پهريان پنجاب جا مفاد عزيز آهن.
مسلم ليگ ن جي وفاقي حڪومت ۽ ان جا وزير خبر ناهي آخر ڪرڻ ڇا ٿا چاهين ڇا هو اها ڳالهه ثابت ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ آهن ته هن ملڪ جو واحد صوبو پنجاب بااختيار صوبو آهي جتان جا چونڊيل نمائندا جيڪا ڳالهه چاهين اها ڪرائي سگهن ٿا.
(روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو