Friday, July 22, 2016

وال پــــيــــپـــــــر ؛ دهشتگردن ۽ ڪرپٽ مافيا خلاف آپريشن هلڻ گهرجي .!


هن وقت سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن ۽ ڏوهارين خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن جاري آهي، جڏهن ته عوام به دهشتگردن ڏوهارين۽ ڪرپشن ۽ ڪرپٽ مافيا خلاف به آپريشن جي حق ۾آهي،آپريشن ڪنهن به سياسي ڌر خلاف نه آهي، آپريشن تي اجائي واويلا ڪرڻ جا مقصد ڪجهه ٻيا ٿي سگهن ٿا، عيدالفطر کان اڳ اهم اجلاس ۾ ڪيترائي فيصلا غور هيٺ آيا،۽ گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ۽سڄي ملڪ ۾ بنا ڪنهن سياسي دٻاءُ تحت آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ ان جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ اتفاق ڪيو ويو، اندون سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ رينجرز آپريشن جاري رکڻ بهترين شروعات آهي، جيتو ڻيڪ سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ آپريشن  سمورن سياسي ڌرين جي رضامندي سان شروع ڪيو ويو هو، ڪجهه ڌرين دهشتگردن کي پلان تحت بيرون ملڪن ڏانهن فرار ڪرڻ ۾ سهولت ڪار ٿيڻ جو ڪم سر  انجام ڏنو، ماضي ۾ به اهي ساڳيا دهشتگرد قهري ڪاررواين کان پوءِ فرار ٿيندا رهيا آهن،۽ سنڌ جي دل وارو شهر ڪراچي ته دهشتگردن وٽ يرغمال هو،عوام دهشتگردن جي رحم ڪرم تي هو،  جڏهن به ناپاڪ سازشن تي عمل شروع ڪيو ويو ته ڄاڻي واڻي دهشتگردي کي هٿي وٺرائي وئي ، پنهنجي وهشيت برقرار رکڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وئي، دهشتگردي جي واقعن کي اتفاقي حادثو قرار ڏيڻ غلط هوندو،بد قسمتي سان ڄاڻ هوندي به سياسي مفادن ۽ قربت هجڻ ڪري دهشتگردي جي واقعن جي پرده پوشي ٿيندي رهي،ملي ڀڳت  سان هر دور۾ دهشتگردن کي وڌيڪ مظبوط بنائڻ جي ڪو شش به ٿيندي رهي،نتيجو اهو نڪتو جو عوام دهشتگردن جر رحم ڪرم تي رهيو ، دهشتگردن کي پنهنجا سرپرست حڪم ڪن ته ٿا معصوم بيگناهه عوام تي ظلم جي بازارگرم ڪري ڇڏين ٿا،  قانون جي گرفت ڪمزور ۽ دهشتگردن جو نيٽ ورڪ فعال ۽ مضبوط رهيو، دهشتگردي ،چوري ۽ ٻئي سينا زوري جو ڪم ته قديم وقت کان هلندڙ هو، آپريشن کان پوءِ صورتحال گهڻي مختلف آهي،
اربين رپيا ڀتو دهشتگردن جي اڪائونٽن ۾ منتقل ٿيندا رهيا، ڪاش اهي اربين رپيا ملڪ جي ترقي تي خرچ ٿيڻ گهرجن ها، بد قسمتي سان ملڪ جي ترقي بجاءِ دهشتگردن کي مالي ۽ سياسي فائدا به وڌ ۾ وڌ ملندا رهيا،دهشتگردن ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن ملڪ جي فضا کي تبديل ڪري ڇڏيو،هڪ دفعو ٻيهر ڪامياب آپريشن تي مختلف قسمن جون ناپاڪ سازشون ٿي رهيون آهن ۽ ان تي واويلا ڪئي ٿي وڃي ته  آپريشن رڳو مهاجرن خلاف ٿي رهيو آهي، جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو ڪوڙ  دوکو ۽ فراڊ آهي، وقت ايم ڪيو ايم اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته آپريشن رڳو ايم ڪيو ايم خلاف ٿي رهيو آهي ملڪ جو اڪثر سياسي سماجي ڌريون اهڙي دعويٰ کي سختي سان رد ڪن ٿيون ڇو ته ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آپريشن رڳو دهشتگردن ۽ ڏوهارين خلاف ٿي رهيو آهي،آپريشن تي اجائي واويلا ڪرڻ جو مقصد سياسي بليڪ ميلنگ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.دهشت گرد ۽ ڪرپٽ مافيا جي خلاف ڪارروائي ۽ سهولت ڪارن خلاف ڪارروائي به ضرور هجڻ گهرجي ڇو ته اهڙو عمل پڻ ڪاميابي جي ضمانت آهي، دهشت گردن ۽ ڪرپٽ مافيا کي قانوني موجب عبرت جو نشانو بڻائڻ گهرجي.
جاويد احمد چانڊيو

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو