Tuesday, July 26, 2016

وال پــــيــــپـــــــر ؛تبديلي رڳو چهرن جي نه هئڻ گهرجي


لطاف پيرزادو
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سنڌ ۾ وڏي وزير کي تبديل ڪرڻ سان گڏوگڏ، سنڌ ڪابينا ۾ به اهم تبديليون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو فيصلو دبئيءَ ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي. جنهن جي صدارت پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي صدر ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ ڪئي، اجلاس ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سميت اهم پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي. هن وقت تائين مليل ميڊيائي اطلاعن موجب سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي فرزند سيد مراد علي شاهه کي سنڌ جو نئون وڏو وزير بڻائڻ جو فيصلو ٿيو آهي. چيو وڃي ٿو ته دبئيءَ مان واپسيءَ تي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ ڪراچيءَ ۾ اهم اجلاس جي صدارت ڪندو، جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته سيد قائم علي شاهه استعيفيٰ پيش ڪندو، ان کانپوءِ ايوان جو نئون اڳواڻ نامزد ڪيو ويندو، جنهن کي سنڌ اسيمبليءَ جو تڪڙو اجلاس سڏائي چونڊرايو ويندو.
سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي هونئن ته 1970ع کان وٺي مختلف وقت تي حڪومت ۾ رهي آهي پر هي پهريون ڀيرو آهي جو 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ 18 فيبروري 2008ع تي ٿيل چونڊن کانپوءِ پارٽي لاڳيتو سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي. 2008ع وارين عام چونڊن ۾ پارٽيءَ کي وفاق توڙي سنڌ ۾ اڪثريت حاصل هئي. تنهن ڪري وفاق ۽ سنڌ ۾ پ پ حڪومت قائم ٿي، سنڌ ۾ وڏ وزارت جو ڪُڻو سيد قائم علي شاهه جو نڪتو. ايئن 2008ع واري پ پ سرڪار جڏهن مئي 2013ع ۾ آئيني مدو پورو ڪيو ته عام چونڊون ٿيون، جن ۾ باقي هنڌن تي ته پ پ کي شڪست نصيب ٿي پر سنڌ وري به هن پارٽيءَ کي ووٽ ڏنو، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ وري به پ پ جي حڪومت قائم ٿي ۽ وڏو وزير وري به سيد قائم علي شاهه بڻيو، جنهن کي آصف علي زرداري وڏڙن جي سوکڙي قرار پئي ڏيندو رهيو آهي.
هي ٽيون ڀيرو آهي جو سيد قائم علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير بڻيو آهي، ان کان اڳ 1988ع جي عام چونڊن ۾ پ پ جي ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ وڏو وزير بڻيو هو. هن 2 ڊسمبر 1988ع تي وڏ وزارت جو عهدو سنڀاليو ۽ 25 فيبروري 1990ع تائين وڏو وزير رهيو، پ پ جي اها سرڪار جيئن ته پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري نه سگهي هئي، تنهن ڪري سيد قائم علي شاهه جي سرڪار به سنڌ ۾ پنهنجو آئيني مدو پورو نه ڪري سگهي هئي. ان کانپوءِ 6 اپريل 2008ع تي سيد قائم علي شاهه ٻيهر سنڌ جو وڏو وزير بڻيو ۽ 21 مارچ 2013ع تائين پنجن سال ان کانپوءِ 30 مئي 2013ع تي هو سنڌ جو ٽيون ڀيرو وڏو وزير بڻيو ۽ اڄ جي تاريخ تائين يعني 26 جولاءِ 2016ع تائين ان عهدي تي موجود رهيو آهي، هينئر کيس تبديل ڪيو پيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ 80 ورهين کان وڏي چمار جي وڏي وزير منجهان سٺي حڪمراني ۽ عوام جا اهنج دور ڪرڻ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ ناهي ته ٻيو ڇا هي؟
واهڙ جي جنهن مراد علي شاهه جو نالو سنڌ جي ايندڙ وڏي وزير لاءِ کنيو پيو وڃي تنهن 8 نومبر 1962ع ۾ جنم ورتو. هن اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچيءَ مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. ان کانپوءِ آمريڪا جي اسٽينفورڊ يونيورسٽيءَ ڪيليفورنيا مان اڪانامڪ سسٽم ۽ سول اسٽرڪچر انجنيئرنگ جون ڊگريون به حاصل ڪيون. پنهنجي والد ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي لاڏاڻي کانپوءِ عملي طرح سياست ۾ پير پائڻ کان اڳ چيو وڃي ٿو ته هو 1986ع کان 1990ع تائين واپڊا، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ ۾ انجنيئر طور ملازمت به ڪري چڪو آهي. سو سيد قائم علي شاهه ۽ سيد مراد شاهه جي عمر ۾ واضح فرق آهي. سيد قائم علي شاهه 83 سالن جو جهونو سياستدان ۽ سيد مراد علي شاهه وري 53 سالن جو متحرڪ ۽ سرگرم ناڻي وارو وزير آهي.
پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ جي وڏي وزير توڙي ڪابينا کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو آزاد ڪشمير ۾ 21 جولاءِ تي پارٽيءَ جي بدترين شڪست کانپوءِ سامهون آيو آهي. اطلاع آهن ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداريءَ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري عبدالمجيد کان به چونڊن ۾ پارٽيءَ جي شڪست سبب استعيفيٰ گهري ورتي آهي. 2008ع جي چونڊن ۾ پ پ کي محترمه جي شهادت جي ڪري همدرديءَ وارو ووٽ مليو، جنهن ڪري سڄي ملڪ ۾ پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي، پر آصف زرداريءَ جي صدارت ۽ يوسف رضا گيلانيءَ تهڙي راجا پرويز اشرف جي وزارت اعظميٰ واري 2008 کان 2013ع واري پارٽيءَ جي اقتداري دور جي پڄاڻيءَ کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي فلسفي جي پوئلڳ هي پارٽي لاڳيتو عوامي مقبوليت وڃائيندي رهي آهي. پنجاب جيڪو پ پ جو ڳڙهه هوندو هو، اتي پارٽي ان پوزيشن ۾ ناهي رهي جو مقرر حلقن لاءِ ڪا چيلينج يا للڪار بڻجي سگهي. اهڙي طرح 2008ع جي چونڊن کانپوءِ ڪرپشن جي ناسور هن پارٽيءَ جي عوامي مقبوليت کي ڄڻ ته هلڻ ڦرڻ کان لاچار ڪري ڇڏيو آهي.
2008ع کانپوءِ پارٽيءَ جي قيادت ۾ اهڙو شخصي سحر نه رهيو، جهڙو پارٽيءَ جي باني ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو شهيد ۾ هو، سو ڀٽو کان زرداريءَ تائين پارٽيءَ جي سفر به ان جي عوامي مقبوليت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، ان ۾ باقي رهيو کهيو ڪم وري پارٽيءَ جي بي اختيار سنڌ سرڪار عوام کي ڊليور نه ڪري ڏيکاريو. بي اختيار ان ڪري جو چيو وڃي ٿو ته ”وڏو وزير“ ته پنهنجي جاءِ تي عام وزير به مٿين فرمان کانسواءِ ڪجهه به ڪرڻ جا مجاز نه هئا. اهڙي صورتحال ۾ وڏي وزير يا وزيرن کي تبديل ڪرڻ سان ڇا پارٽيءَ جي ڪرندڙ ساک بچائي سگهجي ٿي؟.
جيتري قدر سنڌ سرڪار جي ڊليور ڪري نه سگهڻ يا نااهليءَ جو سوال آهي ته ان جو سنئون سڌو تعلق سنڌ ۾ وڏي وزير توڙي وزيرن کي حاصل اختيارن سان آهي، جي ايئن نه هجي ها ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته سيد قائم علي شاهه جيڪو 80 سالن جو هوندي به 2010ع ۽ 2011ع جي ٻوڏ ۾ نوجوانن کان وڌيڪ سرگرم ۽ متحرڪ نظر آيو، سو ڊليور ڪري نه سگهي ها، اصل مسئلو وڏي وزير ۽ وزيرن کي فيصلن ۾ بااختيار ڇڏڻ آهي، پر انهن کي جڏهن بدلين ۽ مقررين جا به اختيار نه هجن، سيڪريٽري وزير بدران ٻئي در جا سلامي هجن ته اهڙي صورتحال ۾ منجهائن ڊليوريءَ جي اميد رکي نه ٿي سگهجي.
سنڌ ۾ سيد عبدالله شاهه متحرڪ وڏو وزير هئڻ سان گڏوگڏ سٺو ايڊمنسٽريٽر ان ڪري به هو جو هڪ ته کيس پارٽي قيادت يعني محترمه بينظير ڀٽو جو اعتماد حاصل هو ٻيو ته سنڌ جي معاملن ۾ فيصلا ڪرڻ ۾ هو گهڻي قدر بااختيار ۽ خود مختيار هو، يقيني طور سندس فرزند هئڻ ناتي سيد مراد علي شاهه ۾ به اهي خوبيون هئڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هو وڏو وزير ٿيڻ جي صورت ۾ ايئن ئي فيصلن ۾ خودمختيار هوندو جيئن سندس والد صاحب هوندو هو، يا کيس پارٽي قيادت جو اهڙو ۽ ايئن اعتماد حاصل هوندو، جيئن سندس والد کي هوندو هو.
’بهرحال اميد ڪري سگهجي ٿي ته سنڌ ۾ وڏ وزارت جي تبديلي رڳو چهري جي تبديلي ثابت نه ٿيندي، نئون وڏو وزير به فيصلن ۾ ايئن ئي بااختيار هوندو جيئن سيد عبدالله شاهه هوندو هو، ڇو جو سنڌ ۾ سٺي حڪمراني وڏي وزير توڙي ڪابينا ميمبرن جي ڪم ۾ عدم مداخلت سان ئي قائم ٿي سگهندي.
(روزاني عوامي آواز)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو