Sunday, July 24, 2016

شاعريء جي زبان؛ سُڏڪن کي الائي ڇا ٿيوآ (احمد خان مدهوش)



در ضبط  جا   ٽوڙي   نڪتا  هِن، سُڏڪن کي الائي ڇا ٿيوآ
هڪ ٻئي جي پُٺيان ڊُڪندا ٿا اچن، لُڙڪن کي الائي ڇا ٿيو آ

جان پاءِ کڻي جهاتي هيڪر، تان عڪس لڳن ٿا سڀ وحشي.
هي  ڏوهه   نه   آ    آئينن   جو ،   چهرن کي الائي ڇا ٿيو آ،

جي   اُڌما    کائي اُٿندا   هِن، هيءَ ڇاتي ڇلجي پوندي آ،
ڪو چين نه ڪو  آرام اٿن،     جذبن کي الائي ڇا ٿيوآ،

سڪ قُرب الائي ڪاڏي ويو، هڪ ٻئي سان اوکيءَ ويلي ۾،
هر ڪو   ٿو وڃي   منهن موڙيندو، رشتن کي الائي ڇا ٿيو آ،

ڏند قُلف ڪري چپ بند ڪيم، ڄڻ ٻوڏ اڳيان ڪو بند ٻڌم،
هر رنڊڪ   ٽوڙي   اُڪري ويا، لفظن کي الائي ڇا ٿيو آ،
*****
احمد خان مدهوش

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو