Saturday, July 30, 2016

وڏي وزير جي تبديلي ۽ چئلينج

ياسر ٻٻر

سنڌ حڪومت اندر وڏي پيماني تي تبديليون ٿيون آهن. وڏي وزير قائم علي شاھ کي تقريبن 8 سال سنڌ حڪومت جي واڳ سنڀالڻ کان پوءِ دبئي ۾ پي پي پي جي اعليٰ سطحي اجلاس کان پوءِ هٽائڻ ۽ مراد علي شاھ کي سنڌ جو نئون وڏو وزير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان کان پوءِ پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ پهچي بلاول هائوس تي پي پي پي جي اعليٰ قيادت کي گهرائي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪيو، جنهن ۾ باضابطه طور سنڌ جي وڏي وزير جي تبديليءَ جو اعلان ڪيو ويو. اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير جي صلاحڪار ڀائو مولابخش چانڊيو باضابطه طور وڏي وزير جي تبديليءَ جو اعلان ڪيو. سنڌ جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکي سياسي تجزيا ڪندڙن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀُٽي زرداري جو اهڙو فيصلو پارٽي ۽ سنڌ جي لاءِ مجموعي طور تي لاڀائتو ثابت ٿيندو. ان ڏس ۾ مراد علي شاھ پڻ دبئي ۾ پير پاڳاري سان ۽ پوءِ گورنر سنڌ سان اهم ملاقات کان پوءِ مختلف ماڻهن سان اهم خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن کي سياسي ڌريون تمام گهڻي اهميت جي نظر سان ڏسي رهيون هيون.
ڪالھه سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ووٽ وڌا ويا. پي پي پي پاران مراد علي شاهه ۽ سندس مخالفت ۾ پي ٽي آءِ پاران نامزد ڪيل اميدوار خرم شير زمان هيو. ووٽنگ واري عمل ۾ ايم ڪيو ايم ۽ فنڪشنل ليگ جي ميمبرن حصو نه ورتو. ووٽ مقرر ڪيل وقت تائين هليا ۽ نتيجي ۾ مراد علي شاھ 88 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته مخالف اميدوار خرم شير زمان کي صرف 3 ووٽ پلئه پيا اهڙيءَ طرح مراد علي شاھ ڳري اڪثريت سان سنڌ جو 27 هون وڏو وزير چونڊجي ويو.
سنڌ جي نئين وڏي وزير مراد علي شاھ وٽ جيتوڻيڪ سنڌ جي واڳ سنڀالڻ لاءِ صرف 23 مهينا آهن پر ان هوندي به هن مان عوام کي تمام گهڻيون اُميدون آهن. عام ماڻهو اهو سمجهي ٿو ته نئون وڏو وزير سندن بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ان ڏس ۾ مراد علي شاھ جون ميڊيا سان ڳالهيون عام ماڻهو ڳوڙهائيءَ سان مانيٽر ڪري رهيو آهي. تازو ئي مراد علي شاھ جو بيان ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪرڻ جي لاءِ بنياد يا ان عمارت ۾ پهرين سِرَ جو ڪم ڪري ويو آهي، جنهن ۾ هن ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي وڏي اعتماد سان چيو آهي ته ”سنڌ جو هر فرد پاڻ کي وڏو وزير سمجهي.“ مراد علي شاھ جي اهڙي بيان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جتي جوان جذبو رکندڙ وڏو وزير سنڌ جي واڳ سنڀالي رهيو آهي، اتي اها ڳالھه به تمام گهڻي اهم آهي ته هو عام ماڻهوءَ لاءِ دل ۾ نرم گوشو رکي ٿو ۽ کيس خبر آهي ته اصل حڪمراني ته عوام جي هئڻ گهرجي. هو ڄاڻي ٿو ته عوام جي دلين ۾ گهر ڪرڻو آهي ته ان لاءِ کيس اهڙا اپاءَ وٺڻا پوندا، جن سان کيس مليل مختصر عرصي دوران عوام جا بنيادي مسئلا جيڪڏهن مڪمل طرح ختم نه به ٿي سگهن ته انهن ۾ ڪمي ضرور اچي ۽ عوام کي ٿورو گهڻو رليف ضرور ملي.
جيتوڻيڪ مراد علي شاھ آڏو تمام وڏا چئلينجز آهن ۽ وٽس انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت تمام گهٽ آهي، پر ان هوندي به سندس خانداني سياسي پسمنظر ۽ سندس قائدانه صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي ۽ پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ذاتي دلچسپين ۽ عوام جي مسئلن ۽ گڊ گورننس جي حوالي کان ورتل سندس سنجيده اپائن کي نظر ۾ رکندي اها ڳالھه چئي سگهجي ٿي ته مراد علي شاھ پنهنجو عهدو سنڀالڻ ۽ پنهنجي ٽيم جوڙڻ کان پوءِ انهن مامرن کي سولائيءَ سان منهن ڏئي سگهي ٿو. ان ڏس ۾ پير پاڳاري سان مراد علي شاھ جي ملاقات پڻ ان ڳالھه طرف اشارو آهي ته نئون وڏو وزير نيون سياسي پاليسيون اختيار ڪري ناراض ڌرين کي به حڪومت ۾ گڏ وٺي هلڻ گهري ٿو ته جيئن سنڌ جي مجموعي مسئلن کي گڏجي منهن ڏئي سگهجي.
هن وقت سنڌ اندر ۽ خاص ڪري ڪراچيءَ اندر امن امان جو مسئلو تمام گهڻو اهم آهي. عام ماڻهوءَ جي به اولين ترجيح امن امان جي بحالي آهي، ان کان علاوه صحت تعليم روزگار ۽ ٻيا کوڙ سارا ننڍا وڏا مسئلا آهن، جن سان نئين وڏي وزير کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ ان ڳالھه کان به انڪاري نٿو ٿي سگهجي ته مراد علي شاھ انهن سمورن مسئلن جي اهميت کان واقف آهي. سندس بيانن ۾ هڪ اهم بيان سنڌ اندر تعليم ۽ صحت جي حوالي سان آهي، جنهن ۾ هن صحت ۽ تعليم ٻنهي شعبن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي ڳالھه ڪئي آهي، جيڪا هڪ خوش آئند ڳالھه آهي.
سنڌ ۾ موجوده سياسي اٿل پٿل ۽ سياسي وايومنڊل کي نظر ۾ رکندي اها ڳالھه چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ محسوس نه پيو ٿئي ته بلاول ڀٽو زرداري جنهن طرح تيزيءَ سان سياست جي ڳوڙهاين کي سمجهندي ذميواراڻا فيصلا ڪري رهيو آهي، ان مان سندس سياسي شعور، سگھه ۽ فيصلا ڪرڻ واري قوت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. بلاول جنهن نموني پارٽيءَ ۾ تبديليون آڻي اصلاح جو دڳ ورتو آهي ته سندس ان ڪردار جي ڪري اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن پارٽي ٻيهر سڄي ملڪ جي افق تي وڏي آب تاب سان اڀري ايندي.
(روزانه عبرت)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو