Wednesday, July 20, 2016

پ پ سرڪار ڪراچيءَ جهڙي انٽرنيشنل شهر کي به ”لاڙڪاڻو“ بڻائي ڇڏيو!!


زرار پيرزادو
  • پ پ کي لاڳيتو ٻه ڀيرا سنڌ حڪومت ملي آهي ۽ انهن ٻنهي حڪومتن ۾ بجاءِ ان جي ته اُها وڏا ترقياتي ڪم ڪرائي ڪراچي واسين جون دليون کٽي ايم ڪيو ايم جا ووٽ کاري ها پر ان جي ابتڙ پ پ حڪومت پنهنجي نااهلي ڏيکاريندي ڪراچيءَ جهڙي انٽرنيشنل شهر کي به لاڙڪاڻو بڻائي ڇڏيو آهي.
  • هاڻي ڪراچي شهر به لاڙڪاڻي شهر جيان ڀڳل ٽٽل روڊن، کليل گٽرن ۽ گٽرن جي گندي پاڻي جي تلائن ۾ ٻڏل ٿو نظر اچي.
  • ڪراچي شهر جون اندريون گهٽيون ۽ رستا ته ڇڏيو پر ملير 15 جي پل کانپوءِ قائد آباد ۽ قائد آباد کان ايئرپورٽ تائين واري نيشنل هاءِ وي جي ئي حالت ڏسون ٿا ته ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون.
  • نيشنل هاءِ وي تي ڀينس ڪالوني کانپوءِ هڪ اهڙو وڏو حصو اچي ٿو جنهن تي روڊ جو نالو نشان ئي ناهي ۽ اتي نه رڳو وڏا اونها کڏا آهن پر انهن ۾ گٽرن جو پاڻ پيل آهي تنهن ڪري وڏين گاڏين، ٽرالرن وغيرن کي نظر نه اچڻ جي صورت ۾ گاڏيون ذري گهٽ ڪلٽي ٿيڻ لڳنديون آهن.
  • ۽ لڳي ٿو ته حڪومت نوٽيس به تڏهن وٺندي جڏهن ڪا مسافرن سان ڀريل وڏي بس ڪلٽي ٿيندي. هتي هميشه وڏن سانحن کانپوءِ هوش ۾ اچڻ جي روايت رهي آهي.
  • هاڻي ته ڀئُه کان ڪي گاڏيون مخالف روٽ تان وينديون آهن جيڪو به ڀڳل ٽٽل آهي. نتيجي ۾ ٻنهي پاسن تي ٽريفڪ جام ٿي وڃي ٿي.
  • ڪراچيءَ ۾ سيوريج جو نظام به مڪمل طور تي تباهه ٿيل آهي. ورهين کان ڪو هٿ ئي نه لڳو اٿس. نتيجي ۾ هر علائقي ۾ گٽرن جو بيٺل پاڻي تلائن جي شڪل ۾ موجود ملي ٿو.
  • ڪراچي جيڪو ڪڏهن روشنين جو شهر سڏبو هو تنهن ۾ به هاڻي لاڙڪاڻي شهر واري لوڊشيڊنگ ته آهي ئي آهي پر هاڻي ڪراچي گند جي ڍيرن وارو شهر به سڏجڻ لڳو آهي.
  • وڏي وزير قائم علي شاهه ٽيون ڏينهن ڪمشنر ڪراچي کي ٽن ڏينهن اندر گند کڻڻ جو الٽيميٽم ڏنو ته ڪمشنر صاحب وضاحت پيش ڪندي چيو ته وڏي وزير سڄي شهر نه پر رڳو ڏکڻ ضلعي مان گند صاف ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
  • معنيٰ ته ڪمشنر صاحب وڏي وزير جي چوڻ بنا ڪراچي جي ڪنهن ٻئي ضلعي جي صفائي نه ڪندو.
  • ۽ هاڻي مڪاني کاتي جي وزير ڄام خان شوري انڪشاف ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪچرو کڻڻ جو سسٽم ئي ناهي.
  • ڄام شوري صاحب ته ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته ٽن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جو گند کڻڻ ممڪن ئي ناهي.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته مزو تڏهن ٿئي جڏهن ٽن ڏينهن کانپوءِ ميڊيا وڏي وزير کان سندس ڏنل الٽيميٽم جو نتيجو پڇا ڪري ۽ هو چوي ته مون الٽيميٽم ڏنو ئي ڪٿي هو.!!                                      
  • (روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو