Monday, July 25, 2016

بيمار مُعاشري جو تبديلي علاج آهي


گھنشام شيام
سماج جي جسماني ڍانچي ۾ اُهي هٿ جيڪي سگهارا هوندي به مسڪينن جو سهارو بڻجڻ لاءِ بيساھ هجن، اُهي پير جن لاءِ پنڌ ڪا اهميت نه هجي سي مسڪينن کي منزل تائين ساٿ ڏيڻ کان قاصر هجن، اُهي اکيون جيڪي سچيون گواهيون ڏيڻ لاءِ انڌيون ٿي وڃن، اُهي ڪن جيڪي دردمندن جي دانهن ٻڌڻ لاءِ ٻوڙا ٿي پون، اُهي چپ جيڪي سچ چوڻ لاءِ ذرو به نه چُرن، اهي سچا ماڻهو جيڪي انڌن جي شهرن ۾ آئينن جو ڪاروبار ڪندڙ هُجن ته ان کان وڌيڪ بيحسي توڙي بزدلي جي ڪهڙي انتها ٿيندي؟! ڏٺو وڃي ته ڪواهڙو لمحو خالي نه آهي، جنهن ۾ سماجي بُراين جو پٽڻو پٽيو نه ويو هجي. اها حقيقت آهي ته  سماج بيمار ۽ ڏکارو آهي، تنهن جي علاج معالج لاءِ مسيحائن جي نيت ۾ يا ته کوٽ آهي يا مرضي نٿي هلي. نوٽن جي بارشن ۾ انصاف ان سفيد کنڀي جيان نڪري نروار ٿئي ٿو جنهن جي پاتال تائين پاڙ نه هجي ٿي، بيمار سماج ۾ حالتون پئسن تي پلٽو کائين ٿيون، بيمار سماج ۾ ظلم جي زخمي ٿيلن لاءِ صرف ماٺ مرهم آهي. ڏاڍ، لاقانونيت، بيحيائي ۽ ڇڙواڳي جي هوندي دهشت جي ڌاڳي سان مُنصفن جا چپ سبيل آهن ۽ اڻ کُٽ سپنا بغير ساڀيائن جي هرهڪ جي سيني ۾ دفن آهن، لوڀ ۽ لالچ جي لحد ۾ ستل ضمير جُنوُن ۽ جذبي سان جاڳڻ مشڪل آهن، راشي رهزن رڳي هڪ ئي راھ جا مفاهمت جي بُرقعي ۾ ملبوس مُسافر آهن، مظلوم ۽ محڪوم مُنهن ۾ مُڱ وجهي ۽ ڪنن ۾ ڪپھ وجهي زهر جهڙي زندگي جي سفر جا ٿڪل مسافر آهن، معصوم نياڻيون زوري پئسن عيوض پوڙهن سان پرڻايون پيون وڃن، چورن کي ته ٺهيو پر سرعام ڦورن کي ڪا قانوني، سياسي ۽ سماجي جھل پل نه آهي، قانون جي گرفت ۾ ظالم جو اچڻ ناممڪن آهي، لاقانونيت جي بادشاهي ۾ انيڪ وارداتون ٿي رهيون آهن، سڀ ڪجھ انفراديت لاءِ سهولتون سُڃ ۾ آهن  ۽ اجتماعيت لاءِ گُنجان آبادي ۾ به سهولتن جي اڻاٺ آهي.
بيحس ۽ بيمار سماج ۾ اڻ برابري ۽ متڀيد جي بنياد تي طبقاتي ورهاست جي ڪري سماجي ۽ سياسي سڃاڻپ بدلجي چڪي آهي، وحشتون ۽ دهشتون جن کي بيمار سماج پالي وڏو ڪري چڪو آهي، انهي ڪري ئي هر موڙ تي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو آهي. سمورو سياسي سيٽ اپ مڪمل طور سماجي بُراين جي بِلي آهي، بيروزگاري عروج تي آهي، ٻچڙا معياري تعليم کان محروم آهن، ديني درسگاهون ديني درس ڏيڻ بجاءِ دهشتگردي جو درس ڏيندڙ آهن،  ڀڳل روڊ رستا عورتن جي حمل ضايع ڪرڻ جو سبب آهن، صحت مرڪز صحت ويتر خراب ڪرڻ جا مرڪز آهن، ادارا ڪرپشن جي اُڏوهي جو کاڄ بڻجي ويا آهن ۽ ڀڳڙن جي مُٺ تي نيلام ٿي رهيا آهن،پوليس ٿاڻن تي ڀوتار قابض آهن، وفاق صوبن جا حق ڦٻائي رهيوآهي. پاناليڪس جي لِيڪس مُطابق ملڪ مان سمورو پئسو نڪري آف شور ڪمپنين جي سيڙپ بڻجي چڪو آهي، واپارين ۽ سرمائيدارن جي مفاد کي نظر ۾ رکي ڪاري ڌن کي اڇي ڌن ۾ تبديل ڪرڻ جي قانونسازي ٿي چُڪي آهي، ملڪ جو هر ٻچو ڄمندي ئي مقروض بڻجي ويو آهي، سرعام لڄون لُٽجي رهيون آهن، ڪٿي به ڪوئي صحيح سلامت نه آهي، معصوم موت جي پاڇي ۾ پلجي رهيا آهن، هر پاسي بارود ۽ رت جي بوءِ آهي، هر ڪوئي پاڻ کي بچائڻ جا جتن ڪري رهيو آهي، ووٽ ڏيڻ واري وک ڀوتار جي مرضي سان کڄي پئي ته پوءِ ڪيئن اميد ڪريون ته بيمار معاشرو چڱو ڀلو ٿيندو؟
هن بيمار معاشري ۾ اَنَ جا انبار اُپائيندڙ اٽيءَ جي لپ لاءِ سڪن ٿا، ججهي مقدار ۾ ڪپهھ پوکيندڙ پنهنجي انگ اگهاڙن ٻچن لاءِ نوان ڪپڙا خريد ڪري نٿا سگھن. اميرن جا گهوڙا بادام کائين ۽ غريبن جي ويليءَ تي چُلهھ به نه ٻري، هڪ پاسي اميرن لاءِ هوٽلن تي تلور ۽ هرڻ پچن ته ٻي پاسي ننڍڙي چُنڪي ڪولهڻ ٻي ماني نه ملڻ تي زندگي جو انت آڻي ٿي ڇڏي، انهي ڪري جو ان بيمار سماج ۾ ڀري پيٽ کائڻ جي غريب، مظلوم ۽ پيڙهيل ماڻهن کي منع ان صورت ۾ آهي جو اڄ جي فرسوده نظام ۾ پنهنجي حقن کان محرومي جو انهن کي موذي مرض لڳل آهن، جنهن بيماري جو علاج صرف انساني حقن جي چارٽر ۾ لکيل آهي، پر غيرجھموري دور ۾ احتجاج ۽ مزاحمت جو پرهيز ان بيماري کان انهن پوئتي پيلن کي پري نه ڪري سگهيو آهي، اهڙين حالتن ۾ دانگي تي پڪل ماني جنهن تي بُک جون اکيون کتل هجن ٿيون، پر پوءِ به ڍائو جھپي وڃي ٿو ۽ انسانيت جو علمبردار جنهن کي ماٺ جي ڪڙي گوريءَ کائڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو ۽ قانون مظلوم ماڻهن لاءِ جيئڻ جو حق کسڻ لاءِ متحرڪ هجي ٿو.
افسوس جو هڪ ڏکن جو پيڇو ۽ ٻيو مايوسي ڪفر آهي، خودڪشي بزدلي آهي ۽ سچ چوڻ وڏو ڏوهه آهي پوءِ ڪجي ته به ڇا ڪجي! هڪ پاسي نوڪرين جا آرڊر جعلي سرٽيفڪيٽن جي آڌار ڏوڪڙن تي وڪامجن ٿا ۽ ٻي پاسي اصل ڊگريون احتجاجن ساڙيون وڃن ٿيون،هڪ پاسي جوانيون ڪچي شراب جي نشاني تي ۽ ٻئي پاسي رشوت جي بازار ۾  قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن، هڪ پاسي عياشي جي زمري ۾ ڪوٽن جون ڪهاڻيون دهشتن هيٺ دٻجي وڃن ٿيون ۽ ٻي پاسي ڪمزوري جو فائدو وٺي عزتون لُٽي شوشل ميڊيا تي وڊيوز رکيون وڃن ٿيون، هڪ پاسي معمولي غلطي تي پورهيتن جي چڪن ۾ پادر وجھرائي معافي وٺرائي وڃي ٿي ۽ ٻي پاسي وڏين غلطين تي واھ واھ ڪئي وڃي ٿي، هڪ پاسي وڏن ڏوهارين ۽ سگهارين ڌرين جا نالا اي سي ايل مان خارج ڪيا وڃن ٿا ته ٻي پاسي بيگناهيءَ جو ثبوت ملڻ کان پوءِ به ڪمزور ڌرين جا اي سي ايل مان نالا خارج نٿا ڪيا وڃن، ڪٿي نياڻيون مقامي ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهن، ڪٿي بااثر ماڻهن وٽ سرعام سُريَتون ڪري ويهاريل آهن ته ڪٿي ڪوٽن ۾ بند آهن ته ڪٿي فضيلا سرڪي، عمران جوکيو،معصوم ساحل ڪوريجو، ڪاشف ۽ آصف پنهور جا والدين پنهنجن مُغوي ٻچن جي بازيابي لئه سراپا احتجاج آهن، ڪابه واهر نه پئي ٿئي، پر سگهارين ڌُرين جي مغوي پٽن کي هاءِ پروفائيل واقعا ڄاڻائي وٺ پڪڙ ڪري بازياب ڪرايو ٿو وڃي، وقت جي حاڪمن هٿان ڪيترن ئي درشنائن جا خون لوڙهيا ٿا وڃن ۽ ڪيئي قنديل بلوچ جيان نياڻيون غيرت جي نالي ۾ ماريون ٿيون وڃن، پر ڪا داد رسي نٿي ٿئي. هڪ پاسي ڪرپشن ۽ نااهلي جا قصا ۽ ڪهاڻيون ۽ ٻي پاسي انسانيت کي لڄائيندڙ افسوسناڪ واقعا ۽ گُڊگَوَرننس جا تقاضا جو رينگٽ جيڪو ملڪ جي قيام کان وٺي اڄ تائين جاري آهي، پر  انصاف طويل موڪل تي ويل آهي!
اسين مڃون ٿا ته بيمار معاشري جي سمورن مسئلن جا حل جهموري ۽ سياسي سرشتي کي بهتر بنائڻ ، مثبت قدرن ۽ روين ۾ آهن، پر اهڙي تبديلي جا خواهشمند جيتري به تيزي ڏيکارين پر بيمار معاشري جي جُنون کي جاڳائڻ واري جدوجهد لاءِ وڏو جُنون جذبو کپي، تنهن جُنون سان ڪنهن جي دل ۾ لهي وڃڻ ۽ انهن جي صلاحيتن کي اڀارڻ ڏکيو عمل ضرور آهي پر اڻٿڪ جستجو ۽ حوصلي جي ضرورت آهي، ڇو جو مظلومن جي سوچن تي گھڻي وقت کان آدمخورن جا پهرا ۽ اثر آهن، انهي ڪري پيڙهيل مظلوم طبقو بُک، بدحالي ۽ سماجي بُراين هٿان جسماني طور زنده پر روحاني طور مري چڪو آهي، انهن جي جُنون کي جاڳائڻ لاءِ بهتر حڪمت عملين جي ضرورت آهي، ان کان پوءِ بيمار معاشري جي دردن جي دوا ووٽ ٿي سگھي ٿي.
ان ڳالهھ کي نظر ۾ رکي سوچجي ته ان بيمار معاشري ۾ موجوده سياسي سيٽ اپ ۾ ڪجهھ ڪرڻ کان اڳ ۾ پنهنجي پاڻ کي متبادل ثابت ڪرڻ انتهائي ڏکيو عمل آهي، ڇو جو ان وقت معاشرو مجبورين ۽ محرومين جو شڪار هوندي غيريقيني واري صورتحال ۾ تبديلي جي نعري هيٺ مثبت موٽ ڏيڻ واري پوزيشن ۾ نه آهي، انهي ڪري ئي آمريت جهڙي نظام رائج ٿيڻ وقت اڄ تائين سول سوسائٽي طرفان ڪڏهن به ڪنهن به قسم جي مزاحمت نه ڏٺي ويئي آهي، ماڻهو اڃان اٽي لٽي اجھي جي فڪر مان ئي نه نڪري سگھيو آهي، جو متبادل جي تبديلي واري ڳالھ هتي ڌيان ڏي، انهي ڪري تبديلي پسند باشعور ماڻهن کي سڀ کان پهرين بهتر حڪمت عملين سان جمهوري نظام جي ڪمزور پاسن جي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙڻو پوندو، شعور اُجاگر ڪري سول سوسائٽي جي ماڻهن جا جذبا جاڳائڻا پوندا ۽ انهن کي غير يقيني واري صورتحال مان ٻاهر ڪڍڻو پوندو، انهن جو جهموريت ۾ ويساھ وڌائڻو پوندو ۽ پوءِ تبديلي سان بيمار معاشري جو علاج ممڪن آهي. ڏٺو وڃي ته خوف ۽ کُٽڪي ۾ وڃايل ضمير جي ڳولا ڪرڻ آسان آهي، سڀ ڪجھ فنا جي فلسفي هيٺ باوقار نموني جنگ ڪرڻ جهڙو جذبو جاڳائڻ آسان آهي، لاشعوري طرح ستل ضمير کي جاڳائڻ پڻ آسان آهي، پر موقعي پرستي ۽ مفاد پرستي جي آڙ م ضمير وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪندڙ مرده ماڻهو جيڪي پنهنجا لاشا پاڻ کڻي هلندڙ آهن ۽ جن کي تبديلي جي نعري سان نفرت آهي، تن کي جاڳائڻ لاءِ گھڻ پاسائي جدوجهد جي ضرورت آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو