Wednesday, July 27, 2016

وال پــــيــــپـــــــر ؛ ڪراچيءَ ۾ دهشتگردن جي نشاني تي آيل فوجي جوان


سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ڪالهه شام ٻن فوجي جوانن کي نشانو بڻائي شهيد ڪيو ويو آهي. اهو واقعو شهر جي معروف ترين علائقي صدر ۾، موٽرسائيڪل تي سوار دهشت گردن طرفان فوجي گاڏيءَ کي نشانو بڻائڻ سبب پيش آيو. واقعي ۾ لاس نائيڪ عبدالرزاق ۽ سپاهي خادم حسين شهيد ٿيا آهن. هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو شهر ۾ فوجي جوانن کي نشانو بڻايو ويو آهي. گذريل سال ڊسمبر ۾ به شهر جي معروف ترين ايم جناح روڊ تي ملٽري پوليس جي گاڏيءَ کي نشانو بڻائي ٻن جوانن کي شهيد ڪيو ويو هو.
ڪراچي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان وٺي بدامنيءَ جي باهه ۾ سڙندي رهي آهي، ورهاڱي کان اڳ خطي جي انتهائي پرامن ليکجندڙ هن شهر کي هڪ منظم سازش تحت فرقيوار، لساني ۽ ڏوهاري گروهن جي حوالي ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هن شهر منجهان امن ايئن ٽاهه کائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي، جيئن بندوق جي ٺڪاءَ کان ٽهي پکي اڏي هليا ويندا آهن. ڪراچي ڏهاڪن کان رت ڳاڙيندي رهي آهي پر هن شهر ۾ دائمي امن جي قيام لاءِ ڪڏهن به ڪا سنجيده ڪوشش ٿيندي نظر نه آَئي آهي. وقتن به وقتن آپريشن ڪري عارضي امن ته ڪرايو ويندو رهيو آهي پر دور بدلجڻ بعد ئي ماري ٻرن مان نڪري وري به شهرين کي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻائڻ جي ڪِرِت سان پئي لڳل رهيا آهن.
ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي، اغوائن ۽ دهشت گرديءَ جا واقعا مشرفي آمريت کان وٺي ايترا ته چوٽ چڙهيا جو سيپٽمبر 2013ع تي شهر اندر رينجرز جي اڳواڻيءَ ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ڪيو ويو. هي آپريشن وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت جي راضپي ۽ سمورين واسطيدار ڌرين جي صلاح مشوري سان شروع ڪيو هو. هي آپريشن، حقيقت ۾ شهر اندر بدامني وڌڻ جو سپريم ڪورٽ طرفان ورتل پاڻمرادي نوٽيس جي نتيجي ۾ شروع ٿيو هو.
پاڪستان رينجرز سنڌ جي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب آپريشن شروع ٿيڻ يعني 5 سيپٽمبر 2013ع کان وٺي مئي 2016ع تائين 31 مهينن اندر شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 848 ٽارگيٽ ڪلر گرفتار ڪيا ويا، جن جو تعلق سياسي توڙي مذهبي ۽ بندش پيل تنظيمن سان هو. اهي ٽارگيٽ ڪلر مجموعي طور 7 هزار ٻه سئو چوويهه انسانن جي خون ۾ ملوث هئا، جن کي گرفتاريءَ کانپوءِ ضروري قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آپريشن جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ جي ماڻهن سُک جو ساهه کنيو آهي. دهشت گردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي خوري توڙي اغوا جي وارداتن ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي پر ايئن قطعي به چئي نه ٿو سگهجي ته شهر ڪو ڏوهن ۽ دهشت گرديءَ کان مڪمل طور پاڪ ٿي ويو آهي. انگن اکرن تي جي نظر ڦيرائجي ته گذريل سال يعني 2015ع ۾ هيءُ آپريشن هلندي به شهر اندر هڪ هزار 19 ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻيا، هلندڙ سال هيل تائين 390 ماڻهو دهشت گرديءَ جو نشانو بڻجي چڪا آهن، جيڪو انگ گذريل سال ان عرصي دوران 664 هو، مطلب ته ٽارگيٽ ڪلنگ هجي يا ٻيا ڏوهه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سنڌ پوليس جي گڏيل ڪوششن سبب شهر مان خوف ۽ ڀئُه جو ماحول ختم ضرور ٿيو آهي، نتيجي ۾ معاشي سرگرميءَ کي هٿي ملي آهي، نه ته هڙتالو ٿين ٿيون نه ئي وري ڪنهن جي داداگيري هلي ٿي پر دهشت گردن ۽ ڏوهارين جو جيئن ته ڪو دين ايمان ڪين ٿيندو آهي، تنهن ڪري اهي رکي رکي ڪا اهڙي واردات ڪري وڃن ٿا جو هن شهر ۾ اڃا به غير محفوظ هئڻ جو احساس وري جنم وٺڻ شروع ڪري ٿو.
مشهور قوال امجد صابري جو قتل، شهر اندر منظم رٿابنديءَ سان ٽريفڪ پوليس هلڪارن کي نشانو بڻائڻ جي پيش آيل واقعن توڙي گذريل سال ملٽري پوليس جي گاڏيءَ تي فائرنگ ڪري ٻن جوانن کي شهيد ڪرڻ ۽ ڪالهه به ٻن فوجي جوانن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ شهادت جي واقعن کي ان سلسلي ۾ حوالي طور وٺي ۽ ڏسي سگهجي ٿو.
ڪالهه ڪراچيءَ ۾ پيش آيل ڪارروائيءَ کي يقيني طور ملڪ دشمن عنصرن جي ڪارروائيءَ کي يقيني طور ملڪ دشمن عنصرن جي ڪارروائي ئي چئي سگهجي ٿو، جيڪي ملڪ جي معاشي ڪرنگهي جي هڏي ليکجندڙ سنڌ جي هن شهر ۽ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون ڪندا رهيا آهن.
هي واقعو اهڙي وقت پيش آيو آهي، جڏهن سنڌ ۽ وفاقي حڪومت ۾ رينجرز کي مليل پوليس جي خاص اختيارن ۾ واڌ تي تڪرار هلندڙ آهي، جڏهن ته وڏي وزير سميت سنڌ ڪابينا جي تبديليءَ جو مرحلو به هلندڙ آهي، سو اهڙي صورتحال ۾ فوجي گاڏيءَ کي نشانو بڻائڻ جو واقعو يقيني طور سنڌ سرڪار، وفاقي سرڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت سمورن لاڳاپيل ادارن لاءِ هڪ چيلينج ضرور آهي. اميد ڪجي ٿي ته هن واقعي ۾ ملوث عنصرن کي هٿ ڪري منطقي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ ڪراچي کي امن جو گهوارو بڻائڻ جون جيڪي ڪوششون ٿي رهيون آهن، سي بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي جاري رکيون وينديون.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو