Sunday, July 31, 2016

تبديليءَ جي موسم ۽ عوامي اميدون!

سنڌ اسيمبليءَ ۾ 88 ووٽ کڻي سيد مراد علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو آهي، سندس مخالفت ۾ بيٺل پي ٽي آءِ اميدوار خرم شير زمان کي صرف 3 ووٽ مليا آهن. گورنر هائوس ۾ نئين وڏي وزير جي حلف برداري تقريب ۾ اهم سياسي شخصيتن شرڪت ڪئي. هن معاملي جو دلچسپ پاسو اِهو آهي ته موجوده گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد هينئر تائين 6 وڏن وزيرن کي قسم کڻائي چڪو آهي ۽ سڀني کان گهڻو عرصو گورنر رهڻ جو رڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي.
سيد قائم علي شاهه کي اوچتو ئي اوچتو ڇو هٽايو ويو، ان جي پٺيان سياسي مارڪيٽ ۾ جيتوڻيڪ خبرون ڪيتريون ئي هلندڙ آهن، جيترا وات اوتريون ڳالهيون آهن، پر اِن فيصلي تي جڏهن ڌڻي کي پاڻ کي اعتراض ناهي ته پاڻ اِن تي پنا ڪارا ڪرڻ وارا ڪير ٿيندا آهيون؟! بهرحال سيد قائم علي شاهه جو پهريون سال ڏيڍ وارو دور ۽ هاڻوڪو 8 سالن وارو اقتداري دور هميشه ياد رکيو ويندو. سيد قائم علي شاهه جي حڪمراني جي طرزِ انداز تي سؤ تنقيدون ۽ سؤ اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر سندس پارٽيءَ سان ڪمٽمينٽ تي ڪنهن به اختلاف جي گنجائش بچيل ناهي. اها ڳالهه پارٽي قيادت به مڃي ٿي. تاريخ جا ورق ورائبا ته هي انهن سياستدانن مان هرگز به نظر نه ايندو، جيڪي ڏکڻ جي ٿڌڙي هير گهلڻ تي ميدان تي لهي ايندا آهن. هِي انهن سياستدانن مان آهي، جيڪي گرم لُڪ ۾ به ميدان تي مستقل مزاجيءَ سان بيٺل نظر آيا آهن، اُهو ضياءَ جي آمريت وارو دور هجي يا ڄام صادق جو سياسي انتقام جي انتها وارو دور هجي يا وري مشرف جو ڊڪٽيٽر شپ وارو دور هجي. ايم آر ڊي تحريڪ هجي يا اي آر ڊي تحريڪ هجي، اينٽي ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽي هجي يا ڪي ٻيون تحريڪون ۽ ڪميٽيون پاڻ سڀني مزاحمت جي ميدان تي سيد قائم علي شاهه کي اڳيان اڳيان بيٺل ڏٺوسين. آمريت جي قهري دورن ۾ جڏهن چڱن ڀلن ليڊرن جي طبيعت ”ناساز“ ٿي ويندي هئي ۽ اُهي علاج ڪرائڻ ٻاهر هليا ويندا هئا ۽ سڻائو واءُ ورڻ تائين انهن جي صحت صحيح نه ٿي سگهندي هئي، انهن سڀني جي قطار ۾ سيد قائم علي شاهه اسان کي بلڪل ئي الڳ نظر آيو. ڏکئي دور ۾ هِن کي ڪڏهن به طبيعت جي ”اوچتي ناسازي“ سبب جتي پائي جهاز تي چڙهندي نه ڏٺو ويو، سردي هُجي يا گرمي، هِن کي سدائين پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيٺل ڏٺو ويو. بهرحال سيد قائم علي شاهه جي ڪميٽمينٽ جي اُهي ماڻهو به گواهي ڏيندا، جيڪي سياسي حوالي سان هِن سان اختلاف رکن ٿا.
سيد مراد علي شاهه جيڪو سنڌ جو نئون وڏو وزير بڻجي چڪو آهي ۽ هُن پنهنجي پهرئين خطاب ۾ انتظامي قدمن جي حوالي سان ڏاڍيون ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون آهن، انهن ڳالهين تي ڪيتري قدر عمل ٿئي ٿو ۽ عوام کي ڪيترو رليف ملي ٿو، اِهو ته ايندڙ وقت ثابت ڪندو. بهرحال اِها پنهنجي جڳهه تي حقيقت آهي ته سندس والد اِن ساڳي ڪرسيءَ سان مڙسيءَ سان نڀائي ڏيکاريو. سيد عبدالله شاهه جي وڏ وزارت وارو دور پيپلز پارٽيءَ جي اقتداري دورن جي تاريخ جو چڱو دور سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ عوامي ڀلائي جا ڪيترائي ڪم ٿيا ۽ عوام جي سهولت لاءِ ڪيترائي اپاءَ ورتا ويا. سيد مراد علي شاهه جيڪو پڙهيو لکيو سياستدان آهي ۽ پارٽيءَ اندر توڙي پارٽيءَ کان ٻاهر سندس ورتاءُ هڪ پڙهئي لکئي ماڻهوءَ جهڙو ئي آهي، اُن وٽ بهترين حڪومت هلائڻ لاءِ هونئن ته ماضيءَ جا ڪافي مثال موجود آهن، پر جيڪڏهن هِي پنهنجي والد جي حڪومتي دور کي ئي پنهنجو سونهون بڻائي تڏهن به ڪيترن ئي معاملن ۾ کيس سولائي ٿي سگهي ٿي.
سيد مراد علي شاهه کي اهڙي وقت ۾ سنڌ جي حڪمراني وارو تاج مليو آهي، جڏهن چئني پاسي ڪيترائي مسئلا ۽ مونجهارا موجود آهن. امن امان وارو مسئلو هڪڙي پاسي آهي، تعليم جي تباهيءَ وارو مسئلو ٻئي پاسي آهي، صحت کاتي جي لاپرواهي ۽ هيڻائي جو مسئلو ٽئين پاسي آهي، ڪرپشن ۽ بي ڌياني وارو مسئلو چوٿين پاسي آهي، غربت، بک ۽ بيروزگاري وارا معاملا ته هڪ منجهيل ۽ بلڪل ئي الڳ تاريخ رکن ٿا، انهن سڀني معاملن کي هِي ڪهڙي انداز ۾ منهن ڏئي ٿو ۽ انهن جي حل لاءِ ڪهڙا ايمرجنسي بنيادن تي قدم کڻي ٿو، اِهو سڀ ڪجهه هِن لاءِ وڏي چئلينج کان گهٽ ناهي. اصل ۾ وقت گهٽ ۽ مقابلو سخت آهي.هاڻوڪي سيٽ اپ ۾ کيس ڪم ڪرڻ لاءِ ٻن سالن کان به گهٽ جو عرصو آهي. هلندڙ سال 2016ع جي باقي بچيل پنجن مهينن سميت ايندڙ سال جي 12 مهينن کي جوڙ ڪبو ته اِهي 17 مهينا مس ٿيندا. 2018ع اليڪشن جو سال آهي، ان سال جا جيڪي ٻه ٽي مهينا هوندا، اُهي گهڻو ڪري اليڪشن جي منصوبابندي ۽ تيارين جي نظر ئي ٿي ويندا، ۽ ٻئي پاسي سوچڻ جو بلڪل ئي گهٽ موقعو ملندو. جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي، انهن 17 مهينن اندر ئي ڪرڻو آهي، اِن ڪري جيڪي به قدم کڻڻا پوندا، اُهي ايمرجنسي بنيادن تي کڻڻا پوندا، تڏهن ئي تڪڙا نتيجا سامهون ايندا. هِن وقت سنڌ جن حالتن مان گذري رهي آهي، اُن ۾ عوام کي تڪڙي رليف جي ضرورت آهي. سيد مراد علي شاهه قسم کڻڻ کان وٺي هينئر تائين ميڊيا سان جيڪي به ڳالهيون ڪيون آهن، اُنهن ۾ هُو پُر اميد ته نظر اچي رهيو آهي، پر اِها به پنهنجي جڳهه تي حقيقت آهي ته صرف ڳالهين ذريعي تبديلي نٿي آڻي سگهجي، ان لاءِ عملي طور تي پڻ قدم کڻڻا پوندا. هِن جيڪا پرامن سنڌ واري ڳالهه ڪئي آهي، اها اُميد افزا آهي ۽ سڄي سنڌ جي عوام جو خواب آهي. خاص ڪري ڪراچي جو امن هڪ وڏي آزمائش بڻيل آهي. گذريل ڪجهه عرصي کان ڪراچيءَ ۾ هلندڙ آپريشن سبب ڪافي حد تائين امن ته ٿي ويو آهي، پر اڃا تائين صورتحال مڪمل طور تي اطمينان جوڳي ناهي. دهشتگرد عنصر موقعي جو فائدو وٺي پنهنجي وحشياڻي واردات ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا. امجد صابري جو قتل، فورسز جي گاڏين تي حملا ۽ ڏينهن ڏٺي جو وچ شهر مان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پٽ جو اغوا ٿيڻ ويجهڙ جي تاريخ جا وڏا واقعا آهن، اهڙن واقعن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. نئين وڏي وزير جي چونڊ کانپوءِ ڪابينا جي به نئين سِر چونڊ ٿيڻي هوندي آهي. ان سلسلي ۾ پهريون مرحلو ته مڪمل ٿي ويو آهي ۽ 9 وزير ۽ ڪجهه صلاحڪار کنيا ويا آهن، وڌيڪ وزيرن جي مقرريءَ وارا مرحلا اڳتي سامهون اچڻا آهن. ان سلسلي ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وزيرن جي چونڊ وقت انهن جي ماضيءَ جي ڪارڪردگيءَ کي ضرور نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ اڳتي انهن جي ڪارڪردگيءَ جي باقاعدي مانيٽرنگ ٿيڻ گهرجي ته جيئن اُهي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ بهتري آڻڻ ۽ عوام جي خدمت کي يقيني بڻائڻ جا پابند بڻجي سگهن. جيڪڏهن اسان وٽ اڄ به سٺي حڪمراني وارو ماحول قائم ٿي وڃي ته اڄ به بهتري اچي سگهي ٿي ۽ عوام جون سالن کان هلندڙ شڪايتون پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي سگهن ٿيون. اسين سنڌ جي نئين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اِن اميد سان مبارڪون ڏيون ٿا ته هُو پنهنجي ديس واسين لاءِ مثالي حڪمران ثابت ٿيندو.
(روزاني عبرت)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو